Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




1.سموئيل 10:9 - Muslim Sindhi Bible

9 پوءِ جڏهن سائول سموئيل کان موڪلائي روانو ٿيو، تڏهن خدا سندس دل کي بدلائي ڇڏيو ۽ انهيءَ ئي ڏينهن اهي ٻڌايل سڀيئي نشانيون پوريون ٿيون.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

9 ۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن هو پٺ ورائي سموئيل وٽان روانو ٿيو تڏهن خدا هن کي ٻي دل ڏني: ۽ اُهي سڀ نشانيون انهي ڏينهن ظاهر ٿيون.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




1.سموئيل 10:9
9 Iomraidhean Croise  

آءٌ اوهان کي نئين دل عطا ڪندس ۽ اوهان جي اندر ۾ نئون ذهن وجھندس. هائو، آءٌ اوهان جي بدن مان اها ضدي دل ڪڍي ڇڏيندس ۽ اوهان کي هڪڙي مڪمل فرمانبردار دل عطا ڪندس.


شاگرد جڏهن يروشلم شهر ۾ پهتا تہ اتي هر شيءِ ائين ئي ڏٺائون جيئن عيسيٰ کين ٻڌايو هو. سو هنن اتي عيد فصح جي ماني کائڻ جي تياري ڪئي.


تڏهن خداوند جي ملائڪ انهيءَ لٺ جي چهنب سان جيڪا سندس هٿ ۾ هئي، گوشت ۽ بي‌خميري مانين کي ڇهيو. تڏهن ٽڪر مان باهہ ڀڙڪو کائي نڪتي ۽ انهيءَ گوشت ۽ بي‌خميري مانين کي ساڙي ڇڏيائين. پوءِ خداوند جو ملائڪ غائب ٿي ويو.


جيڪي هو چون ٿا سو تون ٻُڌ. تنهن کان پوءِ حملي ڪرڻ لاءِ تو کي همت ٿيندي.“ جِدعون پنهنجي نوڪر فوراہ سان گڏجي دشمن فوج جي خيمي‌گاهہ جي آخري حصي ڏانهن ويو.


پوءِ سموئيل سڱ ۾ پيل زيتون جو تيل کنيو ۽ هن کي سندس ڀائرن جي روبرو مسح ڪيائين. انهيءَ ڏينهن کان وٺي خداوند جو روح دائود تي هميشہ نازل ٿيندو رهيو. پوءِ سموئيل اٿيو ۽ رامہ شهر ڏانهن روانو ٿيو.


آءٌ پنهنجي لاءِ هڪڙو ٻيو ايماندار ڪاهن مقرر ڪندس جيڪو منهنجي مرضيءَ موجب ڪم ڪندو. آءٌ انهيءَ جي گھراڻي کي قائم ڪندس ۽ اهي منهنجي مسح ڪري مخصوص ڪيل بادشاهہ جي اڳيان هميشہ خدمت ڪندا رهندا.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan