Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




1.سموئيل 10:5 - Muslim Sindhi Bible

5 انهيءَ کان پوءِ تون خدا واري جِبعت شهر ڏانهن چڙهي وڃجانءِ، جتي فلستي سپاهين جو پهرو آهي. جڏهن تون اتي شهر ۾ داخل ٿيندين تڏهن تو کي نبين جي هڪڙي ٽولي گڏبي، جيڪا سُرندو، دڦ، بانسري ۽ دنبورو وڄائيندي انهيءَ ٽڪر واري عبادت‌گاهہ کان هيٺ لهندي ايندي هوندي ۽ اهي خدا جي ڳالهين ۾ مست ٿي ايندا هوندا.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

5 انهي کان پوءِ تون خدا جي ٽڪريءَ تي اچج، جتي فلستين جي پهري وارو شهر آهي: ۽ هيئن ٿيندو تہ جڏهن تون شهر ۾ ايندين، تڏهن توکي بنيمين جي هڪڙي ٽولي گڏبي، جا سنطرو، ۽ دف، ۽ بانسري، ۽ بربط پنهنجي اڳيان کنيو اُنهيءَ مٿانهين جاءِ کان هيٺ لهندي ايندي؛ ۽ اُهي نبوت ڪندا:

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




1.سموئيل 10:5
27 Iomraidhean Croise  

شام جو قرباني ڪرڻ جي وقت تائين هو بڪ بڪ ڪندا رهيا، پر ڪوبہ جواب نہ آيو، نہ وري ڪو آواز ئي ٻڌو ويو.


يريحو شهر جي نبين جي ٽولي، جن اتي اهو بيٺي ڏٺو تن چيو تہ ”الياس جو روح اليشع تي اچي پيو آهي.“ سو هو سندس استقبال ڪرڻ لاءِ وڌي آيا ۽ سندس اڳيان جھڪي کيس تعظيم ڏنائون.


جيڪي نبي بيت‌ايل ۾ رهندا هئا سي نڪري اليشع وٽ آيا ۽ کانئس پڇيائون تہ ”ڇا تو کي خبر آهي تہ خداوند اڄ تنهنجي مالڪ کي تو وٽان مٿي کڻي ڇڏڻ وارو آهي؟“ اليشع وراڻيو تہ ”هائو، مون کي خبر آهي. اوهين ماٺ رهو.“


تڏهن جيڪي نبي يريحو ۾ رهندا هئا سي اليشع وٽ آيا ۽ کانئس پڇيائون تہ ”ڇا تو کي خبر آهي تہ خداوند اڄ تنهنجي مالڪ کي تو وٽان مٿي کڻي ڇڏڻ وارو آهي؟“ اليشع وراڻيو تہ ”هائو، مون کي خبر آهي، پر اوهين ماٺ رهو.“


نبين مان پنجاهہ ڄڻا اردن درياءَ ڏانهن انهن جي پٺيان ويا. الياس ۽ اليشع اردن درياءَ جي ڀرسان بيهي رهيا ۽ اهي پنجاهہ نبي پرڀرو سندن سامهون بيهي رهيا.


پر هاڻ مون وٽ هڪڙو سُرندائي وٺي اچ.“ جڏهن سُرندائيءَ پنهنجو سرندو وڄايو پئي تڏهن خداوند جو هٿ اليشع تي آيو.


جڏهن اليشع جِلجال ۾ موٽي آيو تڏهن انهيءَ ملڪ ۾ ڏڪار پيو هو. نبين جي هڪ ٽولي هن سان ملاقات ڪري رهي هئي. هن پنهنجي خدمتگار کي چيو تہ ”وڏي ديڳ کڻي چاڙهہ ۽ هنن لاءِ کاڌو تيار ڪري وٺ.“


اليشع جي نبين جي جماعت کيس چيو تہ ”هيءَ جاءِ جتي اسين توهان سان ملندا آهيون سا تمام سوڙهي آهي.


تنهن وقت دائود قدرتي ٺهيل قلعي ۾ هو ۽ فلستين جي ٽولي بيت‌لحم تي قبضو ڪري چڪي هئي.


جڏهن تہ دائود ۽ بني اسرائيل جا سڀ ماڻهو پنهنجي پوري جوش سان خدا جي حضور ۾ خوشيءَ وچان نچندا، گيت ڳائيندا ۽ دڦ، ٽليون شرنايون ۽ تارن وارا ساز وڄائيندا ٿي هليا.


هيمان ۽ يدوتون شرنايون ۽ ٽليون وڄائڻ تي مقرر هئا. خدا جا گيت ڳائڻ لاءِ هو ٻين سازن وڄائڻ تي پڻ مقرر هئا. بني يدوتون وارا ٻاهرئين دروازي تي دربان مقرر ڪيا ويا.


آسف اڳواڻ هو ۽ زڪرياہ سندس مددگار هو. يعي‌ايل، سميراموت، يحيئيل، متتياہ، الياب، بناياہ، عوبيدادوم ۽ يعي‌ايل دنبورا ۽ سارنگيون وڄائڻ تي مقرر هئا. آسف ٽليون وڄائڻ تي مقرر هو.


هاڻ آءٌ هڪڙي ڏاهپ واري چوڻيءَ تي غور ڪندس، ۽ سُرندو وڄائيندي آءٌ انهيءَ جي حڪمت جو بيان ڪندس.


ڏهن تارن واري ساز سان توڙي سارنگيءَ ۽ دنبوري جي مٺي آواز سان تنهنجي شفقت جي واکاڻ ڳائڻ ڪيڏو نہ چڱو آهي!


سو اوهين محبت جا طلبگار رهو. انهيءَ کان علاوہ پاڪ روح کان ملندڙ نعمتن لاءِ جاکوڙ ڪندا رهو، خاص ڪري خدا جو پيغام ٻڌائڻ جي نعمت لاءِ.


جڏهن سائول ۽ سندس نوڪر جِبعت شهر ۾ انهيءَ ٽڪريءَ وٽ اچي پهتا، تڏهن نبين جي هڪڙي ٽولي کين گڏي. اتي خدا جو روح مٿس ايترو تہ زور سان نازل ٿيو جو هو انهن سان گڏ خدا جي ڳالهين ۾ مست ٿي ويو.


اهي تو کي سلام ڪندا ۽ ٻہ مانيون ڏيندا. تون اهي کانئن وٺجانءِ.


سائول بني اسرائيل مان ٽي هزار ماڻهو پنهنجي لاءِ چونڊيا، جن مان ٻہ هزار ماڻهو مڪماس ۽ بيت‌ايل جي جابلو علائقي ۾ ساڻس گڏ هئا ۽ هڪ هزار ماڻهو سندس پٽ يونتن سان گڏ بنيامين قبيلي جي علائقي ۾ جِبعت شهر ۾ هئا. باقي ٻين ماڻهن کي هن پنهنجن پنهنجن گھرن ڏانهن موڪلي ڇڏيو.


يونتن جِبع شهر ۾ فلستين جي پهريدارن تي حملو ڪري کين ماري ڇڏيو ۽ فلستين کي انهيءَ ڳالهہ جي خبر پيئي. تڏهن سائول سڄي ملڪ ۾ اعلانِ جنگ لاءِ نفيلون وڄرائيون تہ جيئن ڀلي سڀيئي عبراني ٻڌي جنگ لاءِ تيار ٿين.


تڏهن هن کيس پڪڙڻ لاءِ پنهنجا ماڻهو موڪليا. پر جڏهن انهن اچي ڏٺو تہ نبين جي جماعت بي‌خوديءَ ۾ نچي واڪا ڪري رهي آهي ۽ سموئيل سندن اڳواڻ بڻيو بيٺو آهي، تڏهن سائول جي ماڻهن تي بہ خدا جو روح نازل ٿيو ۽ اهي بہ بي‌خوديءَ ۾ نچي واڪا ڪرڻ لڳا.


ڇوڪرين ورندي ڏيئي چيو تہ ”هائو، هو هتي آهي ۽ بلڪل اوهان جي سامهون آهي. اوهين شهر ۾ داخل ٿيڻ شرط ساڻس ملي سگھندا. هو اڄ ئي شهر ۾ آيو آهي، ڇاڪاڻ تہ ٽڪر واري قربان‌گاهہ تي ماڻهن کي قرباني ڪرڻي آهي. انهيءَ کان اڳ جو هو ٽڪر واري قربان‌گاهہ تي دعوت کائڻ لاءِ نڪري وڃي اوهين جلدي ساڻس وڃي ملو. ماڻهو تيستائين کائڻ شروع نہ ڪندا جيستائين هو نہ پهچي، ڇاڪاڻ تہ هو قربانيءَ تي دعا گھرندو آهي، تنهن کان پوءِ دعوت ۾ آيل مهمان کائيندا آهن. تنهنڪري اوهين هينئر ئي مٿي چڙهي ويندا تہ هو اوهان کي ملي ويندو.“


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan