Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




1.سموئيل 10:2 - Muslim Sindhi Bible

2 اڄ جڏهن تون مون کان موڪلائي روانو ٿيندين تڏهن بنيامين جي سرحد اندر ضلضحہ شهر ۾ راخل جي قبر وٽ تو کي ٻہ ماڻهو ملندا. اهي تو کي چوندا تہ جن گڏهن کي تون ڳولڻ ويو هئين سي لڌا آهن. سو تنهنجو پيءُ هاڻي گڏهن جي ڳڻتي ڇڏي تنهنجي ڳڻتيءَ ۾ آهي. هو چوندو رهي ٿو تہ ’آءٌ پنهنجي پٽ لاءِ ڇا ڪريان؟‘

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

2 جڏهن تون اڄ مون وٽان موڪلائي روانو ٿيندين تڏهن بنيمين جي سرحد ۾، ضلضح ۾ راحل جي قبر وٽ، توکي ٻہ ماڻهو ملندا؛ ۽ اُهي توکي چوندا تہ جن گڏهن کي تون ڳولڻ ويو هئين سي لڌا آهن: ۽ ڏس تنهنجي پيءُ گڏهن جي ڳڻتي ڇڏي ڏني آهي، ۽ اوهان جي ڳڻتي ۾ آهي، ۽ چوي ٿو تہ آءٌ پنهنجي پٽ لاءِ ڇا ڪريان؟

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




1.سموئيل 10:2
7 Iomraidhean Croise  

پوءِ هو بيت‌ايل مان روانا ٿيا ۽ اِفرات تائين پهچڻ ۾ اڃا ٿورو پنڌ هو تہ راخل کي اچي ويم جا سخت سور ٿيا.


افرائيم ۽ منسي انهيءَ لاءِ منهنجا ٿيندا جو آءٌ جڏهن فدان‌ارام مان آيس پئي ۽ اڃا فرات کان ٿورو پرڀرو هئس تہ اتي ڪنعان جي ملڪ ۾ منهنجي ڏسندي راخل واٽ ۾ ئي وڌيڪ ڪنهن ٻار ڄڻڻ بنا مري ويئي. سو مون کيس اِفرات واري رستي تي دفن ڪيو.“ اِفرات کي بعد ۾ بيت‌لحم سڏيو ويو.


خداوند فرمائي ٿو تہ ”رامہ شهر مان روئڻ ۽ رڙڻ جو هڪڙو آواز ٿو ٻڌجي، هائو، راخل پنهنجي اولاد لاءِ روئي ٿي، ڇاڪاڻ تہ اهو وٽس موجود ناهي، سو هن کي ڪابہ تسلي نہ ٿي ملي.


ضلع، الف ۽ يبوسين يعني يروشلم، جِبعت ۽ قريت‌يعريم، ڪل چوڏهن شهر آس‌پاس وارن ڳوٺن سميت. بنيامين قبيلي جي سندن گھراڻن موجب اها ئي ميراث هئي.


تڏهن سائول پنهنجي چاچي کي وراڻيو تہ ”هن اسان کي پڪ ڏياري تہ گڏهہ لڌا آهن.“ پر بادشاهت واري ڳالهہ جيڪا سموئيل هن کي چئي هئي سا چاچي کي نہ ٻڌايائين.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan