Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




1.سموئيل 10:16 - Muslim Sindhi Bible

16 تڏهن سائول پنهنجي چاچي کي وراڻيو تہ ”هن اسان کي پڪ ڏياري تہ گڏهہ لڌا آهن.“ پر بادشاهت واري ڳالهہ جيڪا سموئيل هن کي چئي هئي سا چاچي کي نہ ٻڌايائين.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

16 تڏهن سائول پنهنجي چاچي کي چيو تہ هن اسان کي چٽيءَ طرح ٻڌايو تہ گڏهہ لڌا آهن. پر بادشاهت واري ڳالهہ، جا سموئيل هن کي چئي هئي، سا هن انهي کي نہ ٻڌائي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




1.سموئيل 10:16
9 Iomraidhean Croise  

تنهن کان پوءِ موسيٰ موٽي پنهنجي سهري يٿرو وٽ آيو ۽ چيائينس تہ ”مهرباني ڪري مون کي موڪل ڏي تہ آءٌ موٽي پنهنجي ڀائرن وٽ وڃان، جيڪي مصر ۾ آهن. اتي آءٌ وڃي ڏسان تہ اهي اڃا جيئرا آهن يا نہ.“ يٿرو موسيٰ کي چيو تہ ”سلامتيءَ سان وڃ.“


سمجھہ وارو ماڻهو پنهنجي ڄاڻ کي راز ۾ ٿو رکي، مگر بي‌وقوف ماڻهو پنهنجي بي‌عقليءَ جو ڍنڍورو ڏيندو ٿو وتي.


بي‌عقل ماڻهو کُليو کُلايو پنهنجي ڪاوڙ ظاهر ڪريو وجھن، مگر ڏاها ماڻهو صبر ڪندي ڪاوڙ کي پي ٿا وڃن.


ڦاڙڻ جو وقت هجي توڙي سبڻ جو، ماٺ ڪرڻ جو وقت هجي توڙي ڳالهائڻ جو،


تڏهن خداوند جو روح هن تي طاقت ساڻ نازل ٿيو ۽ خالي هٿين هوندي بہ هن انهيءَ شينهن کي ائين چيڙي ڦاڙي وڌو جيئن ڪنهن ڇيلي کي چيڙيو ڦاڙيو ويندو آهي. پر هن جيڪي ڪجھہ ڪيو سو نہ پنهنجي پيءُ کي ٻڌايائين، نڪي پنهنجي ماءُ کي.


هن اها پنهنجي هٿن ۾ کنئي ۽ کائيندو اڳتي هليو. جڏهن پنهنجي ماءُ پيءُ وٽ پهتو، تڏهن انهن کي پڻ ڏنائين ۽ انهن بہ اها کاڌي. پر انهن کي اهو نہ ٻڌايائين تہ اها ماکي شينهن جي لاش مان ڪڍي هئائين.


سائول جي چاچي چيو تہ ”ڀلائي ڪري مون کي ٻڌايو تہ سموئيل اوهان کي ڇا چيو؟“


جڏهن هو لهي شهر کان ٻاهر اچي پهتا، تڏهن سموئيل سائول کي چيو تہ ”پنهنجي نوڪر کي چئُہ تہ هو اسان کان ٿورو اڳتي هلي.“ تڏهن نوڪر ائين ئي ڪيو. پوءِ سموئيل وڌيڪ چيس تہ ”هاڻي تون ڪجھہ دير هتي بيهہ تہ آءٌ تو کي خدا جو پيغام ٻڌايان.“


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan