Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




1.سموئيل 10:11 - Muslim Sindhi Bible

11 جڏهن انهن سڀني ماڻهن جيڪي کيس اڳي کان سڃاڻيندا هئا، اهو ڏٺو تہ هو نبين سان گڏ خدا جي ڳالهين ۾ مست ٿي ويو آهي، تڏهن اهي هڪٻئي کي چوڻ لڳا تہ ”قيس جي پٽ کي ڇا ٿي ويو آهي؟ ڇا سائول بہ نبين منجھان آهي؟“

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

11 ۽ جڏهن اُهي سڀ ماڻهو جي هن کي اڳي سڃاڻندا هئا تن ڏٺو تہ هو نبين سان گڏ نبوت ٿو ڪري، تڏهن اُهي هڪ ٻئي کي چوڻ لڳا تہ قيس جي پٽ کي ڇا ٿيو آهي؟ سائول بہ نبين منجهان آهي ڇا؟

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




1.سموئيل 10:11
10 Iomraidhean Croise  

تنهن تي عاموس ورندي ڏيئي امصياہ کي چيو تہ ”نڪي آءٌ ڪو نبي هئس ۽ نہ وري ڪنهن نبيءَ جو پٽ، بلڪ آءٌ تہ هڪڙو ڌنار ۽ انجير جي وڻن جو رکوالو آهيان.


پر خداوند مون کي ڌڻ چارڻ کان ڇڏائي فرمايو تہ ’اسرائيل ملڪ واري منهنجي قوم ۾ وڃي منهنجو پيغام ٻڌاءِ.‘


تنهن تي يهودي اڳواڻ ڏاڍي عجب ۾ پئجي ويا ۽ چيائون تہ ”هن ماڻهوءَ تہ ڪڏهن تعليم ئي نہ ورتي آهي، پوءِ وٽس ايڏي ڄاڻ ڪٿان آئي؟“


انهن کيس سڃاتو تہ هي اهو پينو فقير آهي، جيڪو هيڪل جي سهڻي دروازي وٽ ويٺو پنندو هو. تڏهن اهي سڀيئي هن کي ڏسي عجب ۽ حيرت ۾ پئجي ويا.


اهي پطرس ۽ يوحنا تي عجب کائڻ لڳا تہ هي عام ماڻهو ٿوري تعليم هوندي بہ ڪيڏا نہ دلير آهن! پر پوءِ ڄاتائون تہ هو عيسيٰ جا ساٿي آهن.


جن بہ هن جي اها ڳالهہ ٻڌي، سي سڀ حيران ٿي ويا ۽ چوڻ لڳا تہ ”هي اهو ناهي ڇا، جيڪو يروشلم ۾ عيسيٰ جو نالو وٺندڙن کي ستائيندو هو ۽ هتي بہ انهيءَ ارادي سان آيو هو تہ انهن ماڻهن کي گرفتار ڪري سردار ڪاهنن وٽ وٺي وڃي؟“


هن بہ پنهنجا ڪپڙا لاهي ڦٽا ڪيا ۽ سموئيل جي اڳيان بي‌خوديءَ ۾ نچي واڪا ڪرڻ لڳو. اهو سڄو ڏينهن ۽ سڄي رات هو اگھاڙو پيو هو. تنهنڪري ئي اها چوڻي ٿي ويئي تہ ”واہ! سائول بہ نبين مان ٿي ويو آهي!“


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan