Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




1.سموئيل 1:9 - Muslim Sindhi Bible

9 هڪڙي ڏينهن سيلا شهر ۾ جڏهن هنن کائي پي بس ڪئي، تڏهن حنہ اُٿي ۽ خداوند جي حضور ۾ وڃي بيٺي. ان وقت عيلي ڪاهن خداوند جي مقدس خيمي جي دروازي وٽ ڪرسيءَ تي ويٺو هو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

9 هاڻي سيلا ۾ جڏهن هنن کائي بس ڪئي، تڏهن حنہ اُٿي، ۽ عيلي ڪاهن خداوند جي هيڪل جي دروازي واري ٿنڀ وٽ پنهنجي جاءِ تي ويٺو هو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




1.سموئيل 1:9
9 Iomraidhean Croise  

تڏهن بادشاهہ ناتن نبيءَ کي چيو تہ ”ڏس، آءٌ ديال جي ڪاٺين مان جُڙيل محل ۾ رهان ٿو، پر خدا جي عهد واري صندوق تنبوءَ هيٺ رهي ٿي.“


آءٌ خداوند کي رڳو هڪڙو عرض ٿو ڪريان، جيڪو آءٌ چاهيندو ٿو رهان. منهنجو عرض اهو آهي تہ سڄي ڄمار آءٌ سندس گھر ۾ رهان، انهيءَ لاءِ تہ آءٌ خداوند جو جمال پسان، ۽ سندس هيڪل ۾ سندس ئي طلب ۾ رهان.


خداوند جو آواز اهڙو آهي، جو اهو شاهہ‌بلوط وڻن کي مروٽيو ڇڏي. هو ٻيلن جا وڻ بہ پنن کان ٻُٽا ٿو ڪري ڇڏي. هن جي هيڪل ۾ هر ڪو واکاڻيندي چوي ٿو تہ ”خداوند عظيم آهي! خداوند عظيم آهي!“


پر تنهنجي دائمي شفقت جي ڪري آءٌ تنهنجي گھر ۾ داخل ٿيندس. آءٌ تنهنجي تعظيم ڪندي تنهنجي مقدس هيڪل ڏانهن منهن ڪري سجدو ڪندس.


تڏهن هن جو مالڪ مون خدا کي شاهد بڻائي انهيءَ غلام کي در تي يا در جي چانئٺ تي آڻي بيهاريندو ۽ آر سان هن جي ڪن ۾ سوراخ ڪندو. پوءِ هو سڄي حياتيءَ لاءِ سندس غلام ٿي رهندو.


جيئن تہ حنہ ڏاڍي ڏکويل هئي، سو زاروزار روئي خداوند کان دعا گھرڻ لڳي.


سموئيل صبح تائين سمهيو پيو هو ۽ پوءِ هن اُٿي خداوند جي گھر جا دروازا کوليا. هو عيليءَ کي انهيءَ رويا جي باري ۾ ٻڌائڻ کان ڊنو ٿي،


خداوند جو مقدس خيمو، جتي خدا جي عهد واري صندوق رکيل هئي، تنهن ۾ سموئيل پڻ ستو پيو هو. اڃا خدا جو ڏيئو وسايو ئي نہ ويو هو،


ان وقت عيلي جيڪو خدا جي عهد واري صندوق لاءِ تمام گھڻو فڪرمند هو، سو رستي وٽ ڪرسيءَ تي ويٺي انتظار ڪري رهيو هو. جڏهن اهو ماڻهو شهر ۾ آيو ۽ اچي اها خبر ٻڌايائين، تڏهن سڄو شهر رڙيون ڪري روئڻ لڳو.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan