Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




1.سموئيل 1:8 - Muslim Sindhi Bible

8 اهو ڏسي سندس مڙس القانہ کيس تسلي ڏيئي چوندو هو تہ ”اي حنہ! تون ڇو ٿي روئين ۽ ماني ڇو نہ ٿي کائين؟ تنهنجي دل ڇو غمگين آهي؟ ڇا آءٌ تنهنجي واسطي ڏهن پٽن کان بهتر ناهيان؟“

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

8 ۽ سندس مڙس القانہ کيس چيو تہ اي حنہ، تون ڇو ٿي روئين؟ ۽ ڇو ماني نٿي کائين؟ ۽ ڇو تنهنجي دل غمگين آهي؟ ۽ آءٌ تنهنجي لاءِ ڏهن پٽن کان بهتر ناهيان ڇا؟

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




1.سموئيل 1:8
11 Iomraidhean Croise  

تڏهن حزائيل کانئس پڇيو تہ ”منهنجا سائين! ڇو ٿا روئو؟“ هن ورندي ڏنس تہ ”مون کي انهيءَ نقصان جي خبر آهي جيڪو تون اسرائيل وارن کي پهچائيندين. هنن جا مضبوط ڪوٽ تون باهہ ڏيئي ساڙي ڇڏيندين، هنن جا جوان ماڻهو تون تلوار سان قتل ڪندين، هنن جا ننڍڙا ٻار زمين تي اڇلائي اڇلائي ماري ڇڏيندين ۽ هنن جي پيٽ وارين عورتن جا تون پيٽ ڦاڙيندين.“


”جيڪو پنهنجي نااميد دوست کي مهرباني نہ ٿو ڏيکاري، سو ڄڻ انهيءَ ماڻهوءَ وانگر آهي، جيڪو قادرِمطلق جو خوف نہ ٿو ڪري.


تڏهن آءٌ خدا جي قربان‌گاهہ وٽ ويندس، هائو، پنهنجي انهيءَ خدا وٽ، جيڪو منهنجي خوشين جو سرچشمو آهي. اي خدا! اي منهنجا خدا! آءٌ سارنگي وڄائي تنهنجي واکاڻ ڳائيندس.


اي يروشلم جي وسندي! تون جيڪا هڪ سنڍ عورت وانگر هئينءَ، جنهن کي ڪو ٻار ئي نہ ٿي ٿيو، سا خوشيءَ وچان ڳاءِ. هائو، تون جنهن ويم جا سور ئي نہ سٺا هئا، سا وڏي آواز سان خوشيءَ وچان ڳاءِ، ڇاڪاڻ تہ تو بابت خداوند جو واعدو آهي تہ ڏهاڳڻ جو اولاد سهاڳڻ جي اولاد کان گھڻو ٿيندو.


تون هڪ اهڙي جوان زال وانگر هئينءَ، جنهن کي مڙس ڄڻ ڇڏي ڏنو هجي، ۽ جنهن جي دل ڏکايل هجي. پر هاڻي خداوند تو کي وري زال سڏيندي فرمائي ٿو تہ


انهن پڇيس تہ ”اي مائي! روئين ڇو ٿي؟“ هن وراڻيو تہ ”اهي منهنجي خداوند کي کڻي هليا ويا آهن ۽ خبر ئي ڪانهي تہ کيس ڪٿي وڃي رکيو اٿن.“


عيسيٰ چيس تہ ”اي مائي! ڇو ٿي روئين؟ ڪنهن کي ٿي ڳولين؟“ مريم سمجھيو تہ هي ڪو باغ جو مالهي آهي، سو چيائين تہ ”سائين! جيڪڏهن تون هن کي هتان کڻي ويو هجين تہ ڀلائي ڪري ٻڌاءِ تہ کيس ڪٿي وڃي رکيو اٿيئي، تہ آءٌ وڃي اتان کڻي وڃانس.“


انهيءَ سان گڏ اي ڀائرو ۽ ڀينرون! اسين اوهان کي اهو تاڪيد بہ ڪريون ٿا تہ اجايو وقت وڃائڻ وارن کي سمجھايو، بزدل ماڻهن کي همتايو، هيڻن جي مدد ڪريو ۽ سڀني سان ڏاڍي صبر سان پيش اچو.


هو تنهنجي زندگيءَ کي نئون ڪندو ۽ تنهنجي پڇاڙيءَ ۾ تنهنجو سهارو ٿيندو. انهيءَ لاءِ جو تنهنجي ننهن جنهن جي تو سان محبت آهي ۽ جيڪا تنهنجي لاءِ ستن پٽن کان بہ وڌيڪ آهي، تنهن انهيءَ کي ڄڻيو آهي.“


هر سال جڏهن بہ اهي خداوند جي مقدس خيمي ڏانهن ويندا هئا، تڏهن فننہ کيس چيڙائيندي هئي. تنهنڪري حنہ روئندي هئي ۽ ماني بہ ڪين کائيندي هئي.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan