1.سموئيل 1:26 - Muslim Sindhi Bible26 حنہ عيليءَ کي چيو تہ ”اي منهنجا سائين! تنهنجي سر جو قسم تہ آءٌ اها ئي عورت آهيان جنهن هتي تنهنجي ڀر ۾ بيهي خداوند کان دعا گھري هئي. Faic an caibideilSindhi Bible26 ۽ هن چيو تہ اي منهنجا سائين، آءٌ تنهنجي حياتيءَ جو قسم ٿي کڻان تہ آءٌ اُها ئي زال آهيان، جنهن هتي تنهنجي ڀر ۾ بيٺي خداوند کان دعا گهري. Faic an caibideil |
تڏهن اورياہ دائود کي وراڻيو تہ ”يهوداہ بلڪ سڄي بني اسرائيل جا ماڻهو ۽ عهد واري صندوق جنگ جي ميدان ۾ هجي، منهنجو سپهہسالار يوآب ۽ منهنجي آقا بادشاهہ جا سالار کُليل ميدان تي منزل ڪيو لٿا پيا هجن ۽ آءٌ پنهنجي گھر وڃي کاوان، پيئان ۽ پنهنجيءَ زال سان وڃي سمهان؟ هرگز نہ، اوهان جي سر جو ۽ اوهان جي جان جو قسم آهي تہ مون کان اهو ڪم ڪين ٿيندو.“
بادشاهہ پڇيس تہ ”انهيءَ سڄيءَ ڳالهہ ۾ تو سان گڏ يوآب جو بہ هٿ آهي ڇا؟“ عورت ورندي ڏيئي چيو تہ ”اي منهنجا آقا بادشاهہ! اوهان جي سر جو قسم آهي تہ آءٌ بادشاهہ جي فرمان کان ساڄي يا کاٻي پاسي ڪين ڦرنديس. حقيقت ۾ اوهان جي ٻانهي يوآب ئي مون کي ائين ڪرڻ لاءِ چيو هو ۽ اهي سڀ ڳالهيون انهيءَ ئي اوهان جي ٻانهيءَ کي سيکاريون هيون.