1.سموئيل 1:21 - Muslim Sindhi Bible21 جڏهن القانہ وري پنهنجي سڄي ڪٽنب سميت خداوند جي آڏو سالياني ۽ باسيل قرباني پيش ڪرڻ لاءِ سيلا شهر ڏانهن روانو ٿيو، Faic an caibideilSindhi Bible21 ۽ اُهو ماڻهو القانہ، ۽ سندس گهر جا سڀ ڀاتي خداوند جي اڳيان سالياني قرباني چاڙهڻ لاءِ، ۽ نذر بجا آڻڻ لاءِ ويا. Faic an caibideil |
پوءِ جنهن گھر کي خداوند اوهان جو خدا پنهنجي نالي قائم ڪرڻ لاءِ چونڊي، اتي اوهين هي سڀ شيون آڻجو جن جو آءٌ اوهان کي حڪم ٿو ڏيان، يعني پنهنجيون ساڙڻ واريون قربانيون ٻين ذبح ڪرڻ وارين قربانين سميت، پنهنجي پيداوار جا نذرانا، پنهنجا ڏهان حصا ۽ پنهنجي خوشيءَ جون باسون، جيڪي اوهان خداوند جي آڏو باسيون هجن.
هاڻ جيڪڏهن خداوند جي عبادت ڪرڻ اوهان کي چڱي نہ ٿي لڳي، تہ پوءِ اڄ فيصلو ڪريو تہ اوهين ڪنهن جي عبادت ڪندا، انهن معبودن جي جن جي پوڄا اوهان جا ابا ڏاڏا فرات نديءَ جي پرينءَ ڀر ڪندا هئا، يا امورين جي معبودن جي جن جي ملڪ ۾ اوهين رهو ٿا. باقي رهيو سوال منهنجو ۽ منهنجي ڪٽنب جو، سو اسين خداوند جي ئي عبادت ڪندا رهنداسين.“