Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




1.پطرس 5:7 - Muslim Sindhi Bible

7 ائين ڪندي پنهنجيون سموريون ڳڻتيون انهيءَ تي رکو، ڇاڪاڻ تہ هن کي اوهان جو فڪر آهي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

7 پنهنجو سمورو فڪر مٿس رکو، ڇالاءِ جو هن کي اوهان جو خيال آهي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Hindu Sindhi Bible

7 ائين ڪندي پنهنجيون سموريون ڳڻتيون انهيءَ تي رکو، ڇاڪاڻ تہ هن کي اوهان جي چنتا آهي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Common Language New Testament

7 پنھنجي سڄي ڳڻتي انھيءَ تي رکو، ڇالاءِ⁠جو ھن کي اوھان جو فڪر آھي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




1.پطرس 5:7
23 Iomraidhean Croise  

خداوند جون اکيون سچارن تي کتل رهن ٿيون، ۽ سندس ڪن انهن جي فرياد تي لڳل ٿا رهن.


اوهين پنهنجيون سڀ واٽون خداوند جي حوالي ڪريو. اوهين مٿس توڪل رکو تہ هو پاڻيهي اوهان جون گھرجون پوريون ڪندو.


اي منهنجا رب! آءٌ تہ مسڪين ۽ محتاج آهيان، پر تون منهنجو فڪر ٿو ڪرين. اي منهنجا خدا! بيشڪ تون ئي منهنجو مددگار ۽ بچائيندڙ آهين، سو هاڻي جلدي اچي منهنجي مدد ڪر.


اي خدا! اسين پنهنجيون تڪليفون تو آڏو ٿا رکون. تون خداوند ئي اسان جي سنڀال ڪندين، ۽ ڪنهن بہ سچار کي ڪڏهن لوڏو کائڻ نہ ڏيندين.


پنهنجا سڀ ڪم خداوند جي حوالي ڪريو، تڏهن اوهان جا منصوبا ڪامياب ٿيندا.


ڇا اوهان مان ڪو ڳڻتيون ڪرڻ سان پنهنجي حياتيءَ جو هڪڙو منٽ بہ وڌائي سگھي ٿو؟


اوهين ڪپڙن لاءِ ڇو ٿا ڳڻتي ڪريو؟ غور ڪريو تہ جھنگ ۾ سوسن گل جا ٻوٽا ڪيئن ٿا وڌن. اهي پاڻ کي سينگارڻ لاءِ ڪا محنت ڪونہ ٿا ڪن.


سو اوهين ڳڻتي نہ ڪريو تہ ’ڇا کائينداسين؟‘ يا ’ڇا پيئنداسين؟‘ يا ’ڇا پهرينداسين؟‘


عيسيٰ ٻيڙيءَ جي پوئين حصي تي وِهاڻي کي ٽيڪ ڏيئي ستو پيو هو تہ شاگردن کيس جاڳائي چيو تہ ”اي استاد! اسين مرڻ تي آهيون ۽ اوهان کي ڪو خيال ئي نہ ٿو ٿئي؟“


پوءِ عيسيٰ پنهنجي شاگردن کي چيو تہ ”تنهنڪري آءٌ اوهان کي چوان ٿو تہ پنهنجي جان لاءِ ڳڻتي نہ ڪريو تہ ’ڇا کائينداسين‘ ۽ نہ پنهنجي جسم لاءِ تہ ’ڇا پهرينداسين،‘


جيڪڏهن اوهان کان اهڙي خسيس ڳالهہ بہ ٿي نہ ٿي سگھي، تہ پوءِ اوهين ٻين شين لاءِ ڇو ٿا ڳڻتي ڪريو؟


مزدور ڇڏي ڀڄي وڃي ٿو، ڇاڪاڻ تہ هو رڳو مزدور آهي ۽ کيس رڍن جو ڪو فڪر ڪونہ آهي.


سو ڪنهن بہ ڳالهہ جو فڪر نہ ڪريو، بلڪ هر ڳالهہ بابت پنهنجا عرض اوهين دعا ۽ منٿ جي وسيلي شڪرگذاري ڪندي خدا جي حضور ۾ پيش ڪندا رهو.


دائود کي ڏاڍي پريشاني ٿي، ڇاڪاڻ تہ سڀيئي ماڻهو پنهنجن وڃايل پٽن ۽ ڌيئرن جي ڪري تمام ڏکويل هئا ۽ کيس سنگسار ڪري مارڻ پئي چاهيائون. پر دائود کي خداوند پنهنجي خدا همت عطا ڪئي هئي.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan