Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




1.پطرس 5:13 - Muslim Sindhi Bible

13 اوهان وانگر چونڊيل ڪليسيا، جيڪا بابل ۾ آهي سا اوهان کي سلام ٿي ڏئي ۽ مرقس بہ سلام ٿو ڏئي، جيڪو مون لاءِ هڪ پٽ جيان آهي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

13 بابل واري ڪليسيا جا اوهان سان گڏ چونڊيل آهي، سا اوهان کي سلام ٿي موڪلي؛ ۽ اهڙيءَ طرح منهنجو فرزند مرقس بہ.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Hindu Sindhi Bible

13 اوهان وانگر چونڊيل منڊلي، جيڪا بابل ۾ آهي سا اوهان کي نمسڪار ٿي ڏئي ۽ مرقس بہ نمسڪار ٿو ڏئي، جيڪو مون لاءِ هڪ پٽ جيان آهي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Common Language New Testament

13 اوھان سان گڏ چونڊيل ڪليسيا، جيڪا بابل ۾ آھي سا اوھان کي سلام ٿي ڏئي ۽ منھنجو فرزند مرقس بہ.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




1.پطرس 5:13
11 Iomraidhean Croise  

خدا فرمائي ٿو تہ ”جيڪي قومون منهنجي فرمانبرداري ٿيون ڪن، پوءِ اهي مصر ملڪ واريون هجن يا بابل شهر واريون، توڙي فلستين، صور ۽ سوڊان واريون هجن، تن سڀني کي آءٌ يروشلم جي رهاڪن ۾ شمار ڪندس.“


اهو سمجھڻ کان پوءِ هو يوحنا عرف مرقس جي ماءُ مريم جي گھر ڏانهن روانو ٿيو. اتي گھڻا ئي ماڻهو اچي گڏ ٿيا هئا ۽ دعائون گھري رهيا هئا.


هوڏانهن برنباس ۽ سائول پنهنجو خدمت وارو ڪم پورو ڪري يوحنا عرف مرقس کي پاڻ سان وٺي يروشلم کان شام جي شهر انطاڪيا ۾ موٽي آيا.


برنباس جي مرضي هئي تہ يوحنا عرف مرقس کي بہ پاڻ سان گڏ وٺي هلون.


انهيءَ ڳالهہ تي برنباس ۽ پولس جي وچ ۾ ايترو تہ اختلاف ٿي پيو جو هو هڪٻئي کان ڌار ٿي ويا. برنباس مرقس کي وٺي سامونڊي جهاز ۾ چڙهي قبرص ٻيٽ ڏانهن روانو ٿي ويو،


ارسترخس، جيڪو مون سان گڏ قيد ۾ آهي، اوهان کي سلام چوي ٿو. مرقس بہ، جيڪو برنباس جو سؤٽ آهي اوهان کي سلام چوي ٿو. هن بابت اوهان کي هدايتون ٿيل آهن، سو جيڪڏهن هو اوهان وٽ اچي تہ سندس آڌرڀاءُ ڪجو.


آءٌ جيڪو بزرگ سڏيو وڃان ٿو، سو هي خط مسيح ۾ چونڊيل تو مانواري عورت ۽ تنهنجي ٻارن ڏانهن لکي رهيو آهيان. اوهان کي آءٌ سچائيءَ سبب پيار ٿو ڪريان، نہ رڳو آءٌ پر اهي سڀيئي پڻ جيڪي سچ کي ڄاڻين ٿا.


مسيح ۾ چونڊيل تنهنجي ڀيڻ جا ٻار تو کي سلام ڏين ٿا.


انهيءَ عورت جي پيشانيءَ تي هيءَ سڃاڻپ لکيل هئي، ”وڏو شهر بابل، ڪسبياڻين ۽ ڌرتيءَ جي ڪراهت وارين شين جي ماءُ،“ جنهن جي هڪ ڳجھي معنيٰ آهي.


هن وڏي آواز سان چيو تہ ”ڪري پيو، وڏو شهر بابل ڪري پيو. اهو بدروحن جو گھر بڻجي ويو. هائو، اهو هر ناپاڪ روح جو اڏو، بلڪ هر ڪنهن ناپاڪ ۽ گندي پکيءَ جو آکيرو ٿي پيو.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan