Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




1.پطرس 2:1 - Muslim Sindhi Bible

1 انهيءَ ڪري هر طرح جي بدنيتي، سموري ٺڳي، رياڪاري، حسد ۽ هر قسم جي گلا غيبت کي پاڻ کان پري اڇلايو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

1 تنهنڪري اوهين سڀ بدڪاري، سڀ ٺڳي ۽ رياڪاري، حسد ۽ سڀ بدگويون ڇڏي ڏيو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Hindu Sindhi Bible

1 انهيءَ ڪري هر طرح جي بدنيتي، سموري ٺڳي، پاکنڊپائي، ساڙ ۽ هر قسم جي گلا کي پاڻ کان پري اڇلايو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Common Language New Testament

1 تنھنڪري ھر طرح جي بدخواھي، سموري ٺڳي، رياڪاري، حسد ۽ ھر قسم جي گلا غيبت کي پاڻ مان ڪڍي ڇڏيو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




1.پطرس 2:1
50 Iomraidhean Croise  

ان کان علاوہ جيڪي خدا کي رد ڪندڙ آهن، سي پنهنجي غصي کي قائم رکندا ٿا اچن، ايتري قدر جو جڏهن خدا کين سزا ٿو ڏئي، تڏهن بہ اهي کيس مدد لاءِ نہ ٿا پڪارين.


اهي انسان سڀاڳا آهن، جن جي بدڪاري خداوند ليکي ۾ نہ ٿو آڻي. بيشڪ اهي سڀاڳا آهن جن جي دل ۾ ڪا ئي ٺڳي ڪانهي.


سو اوهين پنهنجيءَ زبان کي بڇڙائيءَ کان روڪيو. اوهين پنهنجي وات کي ٺڳيءَ جي ڳالهين کان باز رکو.


بدڪارن کي خوش ڏسي اوهين پنهنجو پاڻ کي پريشان نہ ڪريو. هائو، انهن سان ريس نہ ڪريو، جيڪي بڇڙائيءَ جا ڪم ڪن ٿا.


جڏهن مون بڇڙن جي اقبالمندي ڏٺي، تڏهن انهن مغرورن تي مون کي ريس آئي هئي.


دل جو سڪون بدن کي تندرستي ٿو بخشي، مگر حسد وَ ساڙ انسان جون هڏيون بہ ڳاريو ڇڏي.


اوهين بدڪار ماڻهن تي ريس نہ ڪريو، نڪي انهن سان گڏ گذارڻ جي خواهش ڪريو.


بدڪار ماڻهن جي ڪري اوهين خفي نہ ٿيو، نڪي انهن تي ريس ڪريو.


زور زبردستي ڪندڙ ماڻهن تي اوهين ريس نہ ڪجو، نڪي انهن جي نقشِ‌قدم تي هلڻ جي ڪوشش ڪجو،


انهيءَ ڏينهن ماڻهو پنهنجيون سون ۽ چانديءَ جون ٺهيل مورتيون، جيڪي هنن پنهنجي پوڄڻ لاءِ بڻايون هيون، سي ويرانن ۾ اڇلائي ڇڏيندا، جن ۾ ڪوئا ۽ چمڙا پنهنجا گھر ڪري ويهندا.


پوءِ اوهين پنهنجي سون ۽ چانديءَ وارن بتن کي گند ڪچري جيان اڇلائي ڇڏيندا. هائو، اوهين انهن کي حيض واري ناپاڪ ڪپڙي وانگر پري اڇلائي ڇڏيندا، بلڪ اوهان جي نظر ۾ اهي پاخاني جي گند مثل هوندا.


اي رياڪارؤ! بيشڪ يسعياہ نبيءَ جي معرفت خدا اوهان بابت ڪيتري قدر نہ صحيح فرمايو آهي تہ


ساڳيءَ طرح اوهين بہ ماڻهن کي ٻاهران تہ نيڪ نظر ٿا اچو، پر اوهان جو اندر رياڪاريءَ ۽ خدا جي نافرمانيءَ سان ڀريل آهي.“


پوءِ تہ سندس مالڪ اچي کيس چهبڪن سان خوب مار ڏيندو ۽ رياڪارن ۾ شمار ڪري ڪڍي ڇڏيندس. تڏهن هو روئندو رڙندو ۽ پنهنجي حال تي ڏند ڪرٽيندو.“


اي رياڪارؤ! پهريائين اوهين پنهنجي اک مان شهتير ڪڍو تہ پوءِ اوهين انهيءَ ڀاءُ ڀيڻ جي اک جو ڪک چڱيءَ طرح ڏسي ڪڍي سگھندا.


عيسيٰ انهن جي چالاڪيءَ کي سمجھي ويو، سو کين چيائين تہ ”اوهين مون کي ڦاسائڻ جي ڪوشش ڇو ٿا ڪريو؟ چڱو ڀلا، هڪڙو چانديءَ جو سڪو کڻي اچي مون کي ڏيکاريو.“


مصيبت آهي اوهان لاءِ، ڇاڪاڻ تہ اوهين انهن بي‌نشان قبرن جي مثل آهيو، جيڪي گندگيءَ سان ڀريل آهن ۽ ماڻهو مٿائن بي‌خبريءَ ۾ لنگھين ٿا.“


ايتري ۾ هزارين ماڻهن جو ميڙ عيسيٰ جي چوڌاري اچي گڏ ٿيو. اهي ماڻهو کيس ٻڌڻ لاءِ هڪٻئي تي ڳاهٽ پئي ٿيا. تڏهن عيسيٰ انهن جي اڳيان پنهنجي شاگردن کي تاڪيد ڪندي چيو تہ ”رياڪاري فريسين جو خمير آهي، تنهن کان پري رهجو.


اوهين ڪيئن ان کي چوندا تہ ’پنهنجي اک مان ڪک ڪڍڻ ڏي،‘ جڏهن تہ پنهنجي اک ۾ جيڪو شهتير پيل اٿوَ، تنهن کي نہ ٿا ڏسو. اي رياڪارؤ! پهريائين اوهين پنهنجي اک مان شهتير ڪڍو، تڏهن اوهين پنهنجي ڀاءُ ڀيڻ جي اک جو ڪک چڱيءَ طرح ڏسي ڪڍي سگھندا.“


جڏهن عيسيٰ نٿن‌ايل کي پاڻ ڏانهن ايندي ڏٺو، تڏهن سندس بابت چيائين تہ ”ڏسو، هي بني اسرائيل جو سچو ماڻهو اٿوَ. هن ۾ ڪابہ ڏنگائي ڪانہ آهي.“


سو هو هر طرح جي بڇڙائيءَ، بديءَ، لالچ، بدنيتيءَ، ريس، خونريزيءَ، جھيڙي، ٺڳيءَ ۽ ساڙ سان ڀرجي وڃن ٿا. هو چغلخور،


اي ڀائرو ۽ ڀينرون! اوهين ٻاراڻي سمجھہ نہ رکو. بڇڙائيءَ ۾ تہ ٻارڙا بڻجو، پر سمجھہ ۾ جوان ٿيو.


تنهنڪري اچو تہ عيد ملهايون، پر خمير يعني برائيءَ ۽ بڇڙائيءَ سان نہ، بلڪ صاف‌دليءَ ۽ سچائيءَ سان، جيڪي بي‌خميري مانيءَ مثل آهن.


تنهن هوندي بہ آءٌ ڊڄان ٿو تہ جڏهن اتي اچان تہ متان جيئن آءٌ چاهيان ٿو تيئن اوهان کي نہ ڏسان ۽ جيئن اوهين نہ ٿا چاهيو تيئن مون کي ڏسو. مون کي ڊپ آهي تہ متان اوهان ۾ جھيڙا جھڳڙا، حسد، ڪاوڙ، ڏڦيڙ، گھٽ وڌ ڳالهائڻ، گلائون، هٺ ۽ فساد هجن.


هر قسم جي ڪيني، غضب، ڪاوڙ، هل هنگامي ۽ گھٽ وڌ ڳالهائڻ کي هر طرح جي بدنيتيءَ سميت پاڻ کان پري ڪريو.


اوهين اهو بہ ڄاڻو ٿا تہ اوهان ۾ اسان جي تبليغ گمراهيءَ واري نہ هئي، نڪي اسان جو مقصد ناپاڪ هو ۽ نہ وري اسان جي نيت ٺڳيءَ واري هئي.


ساڳئي نموني خدمتگار عورتون بہ مانائتي ڪردار واريون هجن. اهي گلا ڪندڙ نہ هجن، پر پرهيزگار ۽ هر ڳالهہ ۾ ڀروسي جوڳيون هجن.


ساڳيءَ طرح پوڙهين عورتن کي سمجھاءِ تہ انهن جي هلت چلت خداپرستيءَ واري هجي ۽ هو گلا ڪندڙ يا نشي جون عادي نہ هجن. اهي چڱيون ڳالهيون سيکارڻ واريون هجن،


جيئن تہ اسين بيان ڪيل شاهدن جي ايڏي وڏي ڪڪر جي گھيري ۾ آهيون، تنهنڪري اچو تہ اسين بہ هر رڪاوٽ ۽ ڦاسائيندڙ هر گناهہ کي هٽائي ثابت قدميءَ سان انهيءَ ڊوڙ ۾ ڊوڙون جيڪا اسان جي اڳيان آهي.


تنهنڪري ناپاڪيءَ ۽ بڇڙائيءَ جي سموري گندگيءَ کي پري اڇلائي نماڻائيءَ سان انهيءَ پيغام کي قبول ڪريو، جيڪو اوهان ۾ پوکيو ويو آهي، ڇاڪاڻ تہ اهو ئي اوهان کي ڇوٽڪارو ڏيئي ٿو سگھي.


پر جيڪڏهن اوهين پنهنجين دلين ۾ سخت حسد ۽ خودغرضي رکو ٿا، تہ ڏاهو هجڻ جون ٻٽاڪون نہ هڻو، نڪي حق سچ جي خلاف ڪوڙ ڳالهايو.


اي ڀائرو ۽ ڀينرون! هڪٻئي تي تهمت نہ هڻو. جيڪو پنهنجي ڀاءُ جي خلاف ٿو ڳالهائي يا مٿس ڪا تهمت ٿو هڻي، سو شريعت جي خلاف ٿو ڳالهائي ۽ ان تي تهمت ٿو هڻي. هاڻي جڏهن اوهين شريعت تي تهمت ٿا هڻو تڏهن اوهين ان تي عمل ڪرڻ وارا نہ، بلڪ انهيءَ مٿان عدالت ڪرڻ وارا بڻجي ويٺا آهيو.


ڇا اوهين ائين ٿا سمجھو تہ پاڪ ڪلام جو ائين چوڻ اجايو آهي تہ جيڪو روح خدا اسان ۾ رهڻ لاءِ وڌو آهي، تنهن لاءِ هو سخت غيرتمند آهي؟


اي ڀائرو ۽ ڀينرون! هڪٻئي جي شڪايت نہ ڪريو، متان اوهان کي گنهگار قرار ڏنو وڃي. ڏسو، انصاف ڪرڻ وارو در تي بيٺو آهي.


اوهين آزاد تہ آهيو، پر پنهنجي انهيءَ آزاديءَ کي بڇڙائيءَ جو بهانو نہ بڻايو، بلڪ خدا جي ٻانهن وانگر زندگي گذاريو.


پاڪ ڪلام ۾ لکيل آهي تہ ”هن نڪي ڪو گناهہ ڪيو ۽ نہ ئي سندس زبان مان ڪا ٺڳيءَ جي ڳالهہ نڪتي.“


ڏسو، پاڪ ڪلام ۾ لکيل آهي تہ ”جيڪو بہ حياتي سکي گذارڻ چاهي ۽ چڱا ڏينهن ڏسڻ جو خواهشمند هجي، سو پنهنجي زبان کي بڇڙائيءَ جي ڳالهين کان روڪي، هائو، پنهنجي وات کي ٺڳيءَ وارين ڳالهين کان پري رکي.


اڳتي هو پنهنجي باقي زندگي هن گنهگار دنيا جي انساني خواهشن موجب نہ، پر خدا جي مرضيءَ موجب گذاريندو.


هاڻي انهن غير ايمان وارن کي عجب ٿو لڳي تہ اوهين هنن جي اهڙي سخت بدچاليءَ ۾ ساڻن شريڪ ڇو نہ ٿا ٿيو، تنهنڪري هو اوهان کي گھٽ وڌ ٿا ڳالهائين.


انهن جي واتان ڪڏهن بہ ڪوڙ نہ نڪتو. اهي بي‌عيب آهن.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan