Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




1.پطرس 1:1 - Muslim Sindhi Bible

1 هي خط مون پطرس جي طرفان آهي، جيڪو عيسيٰ مسيح جو رسول آهيان. هي خدا جي انهن چونڊيل ماڻهن ڏانهن ٿو لکجي، جيڪي پرديسين جي حيثيت ۾ پنطس، گلتيا، ڪپدُڪيا، آسيا ۽ بتونيا صوبن ۾ ٽڙيل پکڙيل آهن.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

1 يسوع مسيح جي رسول، پطرس جي طرفان انهن مسافرن ڏانهن جي پنطس، ۽ گلتيہ، ۽ ڪپدڪيا، ۽ آسيا، ۽ بٿنيہ ۾ پکڙيل آهن،

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Hindu Sindhi Bible

1 هي خط مون پطرس جي طرفان آهي، جيڪو يسوع مسيح جو خوشخبري ٻڌائيندڙ سنت آهيان. هي ايشور جي انهن چونڊيل ماڻهن ڏانهن ٿو لکجي، جيڪي پرديسين جي حيثيت ۾ پنطس، گلتيا، ڪپدُڪيا، آسيا ۽ بتونيا صوبن ۾ ٽڙيل پکڙيل آهن.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Common Language New Testament

1 ھي خط پطرس جي طرفان آھي، جيڪو عيسيٰ مسيح جو رسول آھي. ھي خدا جي انھن چونڊيل ماڻھن ڏانھن ٿو لکجي، جيڪي جلاوطن جي حيثيت ۾ پنطس، گلتيا، ڪپدڪيا، ايشيا ۽ بٿونيا پرڳڻن ۾ پکڙيل آھن.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




1.پطرس 1:1
34 Iomraidhean Croise  

پوءِ شهنشاهہ اخسويرس کي هامان چيو تہ ”هڪڙي قوم آهي جيڪا اوهان جي شهنشاهت جي سڀني صوبن ۾ ٽڙيل پکڙيل ۽ ٻين قومن کان الڳ‌ٿلڳ رهي ٿي. انهيءَ جا رسم وَ رواج ٻين سڀني قومن جي رسم وَ رواجن جي خلاف آهن ۽ اها قوم اوهان شهنشاهہ سلامت جي قانونن کي بہ ڪونہ ٿي مڃي. سو اها ڳالهہ اوهان جي حق ۾ ناهي تہ ان قوم کي ائين ئي ڇڏي ڏجي.


تو اسان کي ڪُسڻ وارين رڍن وانگر بڻائي ڇڏيو آهي، ۽ قومن منجھہ اسان کي ڪڻو ڪڻو ڪري ڇڏيو اٿيئي.


تنهن هوندي بہ آءٌ انهن مان ڪجھہ ماڻهن کي قتل ٿيڻ کان بچائيندس ۽ کين ٻين قومن ۽ ملڪن ۾ ڇڙوڇڙ ڪري ڇڏيندس،


آءٌ اوهان کي غير قومن ۾ ڪڻو ڪڻو ڪري ڇڏيندس ۽ پنهنجي تلوار ڪڍي اوهان جو پيڇو ڪندس. تڏهن اوهان جو ملڪ ويران ٿي ويندو ۽ شهر کنڊرات بڻجي ويندا.


ايتري قدر جو جيڪڏهن انهن ڏينهن جو مدو گھٽايو نہ وڃي ها تہ جيڪر ڪوبہ بچي نہ سگھي ها. پر خدا جي چونڊيلن خاطر انهن ڏينهن جو مدو گھٽايو ويندو.


جيئن عيسيٰ گليل ڍنڍ جي ڪناري تان لنگھيو پئي تہ هن ٻہ ڀائر ڏٺا، هڪڙو شمعون جنهن کي پطرس بہ سڏيو وڃي ٿو ۽ ٻيو سندس ڀاءُ اندرياس. اهي ٻيئي مهاڻا هئا ۽ ڍنڍ ۾ ڄار پئي وڌائون.


تہ پوءِ خدا پنهنجي چونڊيلن سان انصاف نہ ڪندو ڇا، جيڪي رات ڏينهن کيس ٻاڏائين پيا؟ ڇا هو انهن جي مدد ڪرڻ ۾ دير ڪندو؟


۽ نہ رڳو ان قوم لاءِ مرندو، بلڪ انهيءَ لاءِ بہ تہ خدا جا ٻار جيڪي ڇڙوڇڙ ٿيل آهن تن کي گڏي هڪ ڪري.


تڏهن يهودي اڳواڻ هڪٻئي کي چوڻ لڳا تہ ”هو ڪيڏانهن ويندو جو اسين کيس لهي نہ سگھنداسين؟ ڇا هو غير يهودين جي ڪنهن ملڪ ڏانهن ويندو، جتي اسان جا يهودي ٽڙيل پکڙيل آهن ۽ اتي هو غير يهودين کي تعليم ڏيندو؟


اتي هن کي اڪولا نالي هڪڙو يهودي ۽ سندس زال پرسڪلا مليا، جيڪي پنطس علائقي جا رهاڪو هئا ۽ تازو ئي اِٽليءَ مان آيا هئا، ڇاڪاڻ تہ قيصر ڪلوديُس حڪم ڏنو هو تہ سڀ يهودي روم شهر مان نڪري وڃن. پولس انهن ڏانهن ويو


انطاڪيا ۾ ڪجھہ عرصو رهڻ کان پوءِ پولس اتان روانو ٿي گلتيا ۽ فروگيا جي علائقن مان لنگھندو خداوند عيسيٰ جي سڀني پوئلڳن جي ايمان کي مضبوط ڪندو ويو.


اهو سلسلو ٻن سالن تائين هلندو رهيو ۽ جيڪي آسيا صوبي جا يهودي ۽ غير قوم وارا هئا تن سڀني مسيح بابت خداوند جو پيغام پئي ٻڌو.


پر ڪي ماڻهو سندس مخالفت ۾ بحث ڪرڻ لڳا، جن مان ڪي ”آزاد ٿيل ماڻهو“ نالي يهودين جي هڪ عبادت‌خاني جا رڪن هئا ۽ ڪريني ۽ اسڪندريہ کان آيا هئا ۽ ڪي وري ڪلڪيا ۽ آسيا صوبن جا هئا.


جيڪي ايمان وارا ٽڙي پکڙي ويا هئا، سي جتي بہ ويا اتي انهن مسيح بابت خدا جي پيغام جي تبليغ ڪئي.


آسيا صوبي جون ڪليسيائون اوهان کي سلام ڏين ٿيون. اڪولا ۽ سندس زال پرسڪلا پنهنجي گھر ۾ گڏ ٿيندڙ ڪليسيا سميت اوهان کي خداوند عيسيٰ ۾ پرجوش سلام ٿا ڏين.


اي ڀائرو ۽ ڀينرون! انهيءَ جو مثال ڏيندي اسين اوهان کي ان مصيبت کان آگاهہ ڪرڻ چاهيون ٿا، جيڪا آسيا صوبي ۾ ڀوڳيسين. اسين برداشت کان ٻاهر بار هيٺ دٻيل هئاسين، ايتري قدر جو اسان جيئري رهڻ جي اميد ئي ڇڏي ڏني هئي.


جيڪي ايمان وارا هتي مون سان گڏ آهن سي سڀ بہ اوهان گلتيا صوبي وارن جي ڪليسيائن ڏانهن هي خط موڪلڻ ۾ شامل آهن.


اڳي اوهين مسيح کان ڌار، بني اسرائيل جي جماعت کان ٻاهر ۽ خدا جي ٻڌل عهدن کان اڻ‌ڄاڻ هئا. اوهين هن دنيا ۾ خدا کان جدا ۽ نااميديءَ واري زندگي گذاريندا هئا.


تنهنڪري اوهين غير قوم وارا هاڻي ڌاريا ۽ پرديسي نہ رهيا آهيو، بلڪ مسيح ۾ چونڊي پاڪ ڪيلن منجھہ شامل ٿي اوهين خدا جي گھر جا ڀاتي ٿي ويا آهيو.


خداوند اوهان کي ڌرتيءَ جي هڪڙي ڇيڙي کان وٺي ٻئي ڇيڙي تائين سڀني قومن ۾ ڪڻو ڪڻو ڪري ڇڏيندو. اُتي اوهين انهن ڪاٺيءَ ۽ پٿر جي ڌارين معبودن جي پوڄا ڪندا، جن کي اوهان يا اوهان جي ابن ڏاڏن بہ ڪين ٿي ڄاتو.


مون سوچيو هو تہ آءٌ کين اهڙو تہ ڪڻو ڪڻو ڪري ڇڏيان، جو بني بشر مان سندن نالو نشان ئي مٽجي وڃي.


خداوند اوهان کي قومن ۾ ڇڙوڇڙ ڪري ڇڏيندو ۽ جن قومن ۾ هو اوهان کي وٺي ويندو، تن ۾ اوهان جو باقي بچيل تعداد گھٽ ٿي ويندو.


تون اهو ڄاڻين ٿو تہ فوگلس ۽ هرمگنيس ڀائرن سميت آسيا صوبي جا سڀ ايمان وارا مون کان منهن موڙي ويا آهن.


اهو ايمان ئي هو جنهن تي اهي سڀ مرڻ گھڙيءَ تائين قائم رهيا. جيتوڻيڪ کين ڪجھہ بہ نہ مليو، جنهن جو خدا ساڻن واعدو ڪيو هو، تڏهن بہ پري کان ئي سڀ ڪجھہ ڏسي خوشيءَ جو اظهار ڪيائون. ان سان گڏ هنن اقرار ڪيو تہ ”اسين ڌرتيءَ تي پرديسي ۽ مسافر آهيون.“


هي خط خدا ۽ خداوند عيسيٰ مسيح جي ٻانهي مون يعقوب جي طرفان اوهان هنڌ هنڌ پکڙيل ماڻهن ڏانهن آهي، جيڪي خدا جا چونڊيل آهيو. آءٌ اوهان کي سلام ٿو چوان.


اي عزيزؤ! آءٌ اوهان کي تاڪيد ٿو ڪريان تہ هن دنيا ۾ پاڻ کي پرديسي ۽ مسافر سمجھي انهن جسماني خواهشن کان پري رهو، جيڪي اوهان جي روح سان جنگ ٿيون جوٽين.


هي خط مون شمعون پطرس جي طرفان آهي، جيڪو عيسيٰ مسيح جو ٻانهو ۽ رسول آهيان. هي خط انهن ڏانهن ٿو لکجي، جن کي اسان جي خدا ۽ ڇوٽڪاري ڏيندڙ، يعني عيسيٰ مسيح جي سچائيءَ جي وسيلي اسان جهڙو قيمتي ايمان حاصل ٿيو آهي.


جنهن چيو تہ ”جيڪي تون ڏسين ٿو، سو ڪتاب ۾ لک ۽ اهو ستن ئي ڪليسيائن ڏانهن ڏياري موڪل، جيڪي اِفسس، سمرنا، پرگمن، ٿواتيرہ، سرديس، فلدلفيا ۽ لوديڪيا شهرن ۾ آهن.“


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan