Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




1.يوحنا 5:5 - Muslim Sindhi Bible

5 دنيا تي فتح انهيءَ کان سواءِ ڪير حاصل ڪري سگھي ٿو جنهن جو ايمان آهي تہ عيسيٰ خدا جو فرزند آهي؟

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

5 ۽ دنيا کي مغلوب ڪرڻ وارو ٻيو ڪير آهي، سواءِ انهي جي، جو اهو ايمان ٿو رکي تہ يسوع خدا جو فرزند آهي؟

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Hindu Sindhi Bible

5 سنسار تي سوڀ انهيءَ کان سواءِ ڪير حاصل ڪري سگھي ٿو جنهن جو وشواس آهي تہ يسوع ايشور جو پٽ آهي؟

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Common Language New Testament

5 دنيا کي ڪير فتح ڪري سگھي ٿو، سواءِ انھيءَ جي جيڪو ايمان آڻي ٿو تہ عيسيٰ خدا جو فرزند آھي؟

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




1.يوحنا 5:5
5 Iomraidhean Croise  

عيسيٰ هن کي چيو تہ ”تنهنجي هنن لفظن تہ ’جيڪڏهن اوهين ڪجھہ ڪري سگھو ٿا،‘ جو مطلب ڇا آهي؟ ياد رک، جيڪو بہ خدا تي ايمان رکي ٿو تنهن لاءِ سڀ ڪجھہ ٿي سگھي ٿو.“


سو جيڪو اقرار ڪري ٿو تہ عيسيٰ خدا جو فرزند آهي، تہ خدا انهيءَ ۾ رهي ٿو ۽ هو خدا ۾.


جنهن جو اهو ايمان آهي تہ عيسيٰ ئي مسيح آهي، سو خدا جو ٻار بڻيو آهي. ڏسو، هن دنيا ۾ جيڪو ڪنهن پيءُ سان پيار ٿو ڪري، سو سندس اولاد سان بہ پيار ٿو ڪري.


اسين اهو بہ ڄاڻون ٿا تہ خدا جو فرزند هن دنيا ۾ آيو آهي. هن اسان کي سمجھہ بخشي آهي تہ جيئن اسين انهيءَ هستيءَ کي ڄاڻون جيڪو حقيقي آهي ۽ اسين انهيءَ حقيقيءَ ۾ سندس فرزند عيسيٰ مسيح ۾ هئڻ ڪري آهيون. اهو ئي حقيقي خدا ۽ دائمي زندگي آهي.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan