Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




1.يوحنا 4:5 - Muslim Sindhi Bible

5 اهي ماڻهو دنيا جا آهن، تنهنڪري هو دنيا جون ڳالهيون ڪن ٿا ۽ دنيا انهن جي ٻڌي ٿي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

5 هو دنيا جا آهن، تنهنڪري دنيا جون ڳالهيون ٿا ڪن، ۽ دنيا انهن جي ٻُڌي ٿي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Hindu Sindhi Bible

5 اهي ماڻهو سنسار جا آهن، تنهنڪري هو سنسار جون ڳالهيون ڪن ٿا ۽ سنسار انهن جي ٻڌي ٿو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Common Language New Testament

5 ھو دنيا جا آھن، تنھنڪري ھو دنيا جون ڳالھيون ڪن ٿا ۽ دنيا انھن جي ٻڌي ٿي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




1.يوحنا 4:5
15 Iomraidhean Croise  

جيڪا عام انسان جي زبان مان نڪري ٿي. تنهنجي فرمان جي مدد سان مون ظالمن جي واٽن تي هلڻ کان پاڻ کي روڪيو آهي.


آءٌ قادرِمطلق خداوند، بني اسرائيل جو خدا انهيءَ ڪري ائين چوان ٿو تہ جيئن اوهين پاڻ منجھہ رهندڙ نبي سڏائيندڙن ۽ غيب دانن کان نہ ٺڳجو. جلدي وطن واپس موٽڻ وارين سندن اڳڪٿين ۽ خوابن کي اوهين قبول نہ ڪجو.


نبي سڏائيندڙ ڪوڙي پيشن‌گوئي ڪن ٿا، ۽ ڪاهن انهن جي وسيلي حڪم هلائين ٿا، جيڪي ڳالهيون منهنجي قوم کي پسند آهن. پر منهنجي قوم آخرڪار ڇا ڪندي؟“


هي ماڻهو اهڙا تہ ڀليل آهن جو انهيءَ ماڻهوءَ کي نبي ڪري قبول ڪندا، جيڪو ساڻن ڪوڙ ڳالهائي ۽ ٺڳي ڪندي کين چوي تہ ”آءٌ اڳڪٿي ڪري چوان ٿو تہ اوهان لاءِ شراب ۽ نشي جون نديون وهنديون.“


اهو ڏسي سندس مالڪ بي‌ايمان منشيءَ جي تعريف ڪئي، انهيءَ ڪري جو هن هوشياريءَ کان ڪم ورتو هو. اهڙيءَ ئي طرح هن زماني جا ماڻهو هڪٻئي سان هلت چلت ۾ خدا جي بادشاهيءَ جي ماڻهن کان وڌيڪ هوشيار آهن.“


مون تنهنجو پيغام انهن جي حوالي ڪيو آهي. سو دنيا انهن کان نفرت ڪري ٿي، ڇاڪاڻ تہ جيئن آءٌ دنيا جو نہ آهيان، تيئن اهي بہ دنيا جا نہ آهن.


جيئن آءٌ دنيا جو نہ آهيان تيئن اهي بہ دنيا جا نہ آهن.


جيڪو مٿان اچي ٿو سو سڀني کان مٿاهون آهي. جيڪو دنيا سان واسطو رکي ٿو سو دنيا جو آهي ۽ دنيا جون ئي ڳالهيون ڪري ٿو. بيشڪ جيڪو عرش عظيم کان اچي ٿو سو سڀني کان مٿاهون آهي.


عيسيٰ کين وڌيڪ چيو تہ ”اوهين هيٺ جا آهيو، پر آءٌ مٿان آيو آهيان. هائو، اوهين هن دنيا جا آهيو، پر آءٌ هن دنيا جو نہ آهيان.


ڇاڪاڻ تہ اهڙو وقت ايندو، جڏهن ماڻهو صحيح تعليم برداشت نہ ڪندا. اٽلندو هو پنهنجين خواهشن جي پورائي لاءِ پنهنجي چوڌاري گھڻا ئي اهڙا تعليم ڏيندڙ آڻي گڏ ڪندا، جيڪي کين اهو ئي ڪجھہ ٻڌائين جيڪو سندن ڪن ٻڌڻ چاهين ٿا.


اهو وڏو ازدها يعني قديم نانگ، جيڪو ابليس يا شيطان بہ سڏبو آهي ۽ جيڪو سڄي جهان کي گمراهہ ٿو ڪري، تنهن کي آسمان مان ڪڍي سندس ملائڪن سميت ڌرتيءَ تي اڇلايو ويو.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan