Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




1.يوحنا 4:11 - Muslim Sindhi Bible

11 اي عزيزؤ! جيئن تہ خدا اسان سان ايڏو پيار ڪيو، تہ پوءِ لازمي آهي تہ اسين بہ هڪٻئي سان پيار ڪريون.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

11 اي پيارو، جڏهن خدا اسان کي اهڙو پيار ڪيو، تہ اسان کي بہ گهرجي تہ هڪٻئي کي پيار ڪريون.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Hindu Sindhi Bible

11 اي پريميؤ! جيئن تہ ايشور اسان سان ايڏو پيار ڪيو، تہ پوءِ لازمي آهي تہ اسين بہ هڪٻئي سان پيار ڪريون.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Common Language New Testament

11 اي عزيزو! جڏھن خدا ئي اسان سان اھڙو پيار ڪيو، تہ پوءِ اسان کي بہ گھرجي تہ ھڪ ٻئي سان پيار ڪريون.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




1.يوحنا 4:11
14 Iomraidhean Croise  

تنهن تي شريعت جي عالم وراڻيس تہ ”اهو جنهن کي مٿس ڪهل آئي.“ عيسيٰ چيس تہ ”تون بہ وڃي ائين ئي ڪر.“


آءٌ اوهان کي هڪ نئون حڪم ٿو ڏيان تہ هڪٻئي سان پيار ڪريو. هائو، جهڙو مون اوهان سان پيار ڪيو آهي، تهڙو ئي اوهين بہ هڪٻئي سان پيار ڪريو.


هر قسم جي ڪيني، غضب، ڪاوڙ، هل هنگامي ۽ گھٽ وڌ ڳالهائڻ کي هر طرح جي بدنيتيءَ سميت پاڻ کان پري ڪريو.


جيڪڏهن ڪنهن ماڻهوءَ جو ڪنهن ڏانهن رنج هجي تہ هڪٻئي جي برداشت ڪريو ۽ هڪٻئي کي معاف ڪريو. جيئن خداوند اوهان کي معاف ڪيو آهي تيئن اوهين بہ ڪريو.


اي عزيزؤ! آءٌ اوهان ڏانهن ڪو نئون حڪم نہ پر اهو پراڻو حڪم لکان ٿو، جيڪو شروع کان وٺي اوهان کي مليل آهي. هي پراڻو حڪم هڪٻئي سان پيار وارو اهو ئي پيغام آهي، جيڪو اوهين ٻڌي چڪا آهيو.


هي ئي اهو پيغام آهي جيڪو اوهان شروع کان ٻڌو آهي تہ اسين هڪٻئي سان پيار ڪريون.


هاڻ هن جو حڪم ڪهڙو آهي؟ هن جو حڪم هي آهي تہ اسين سندس فرزند عيسيٰ مسيح جي نالي تي ايمان آڻيون ۽ هڪٻئي سان ائين پيار ڪريون جيئن مسيح اسان کي حڪم ڏنو آهي.


اي عزيزؤ! اچو تہ هڪٻئي سان پيار ڪريون، ڇاڪاڻ تہ پيار خدا جي طرفان آهي. جيڪو پيار ڪري ٿو، سو خدا جو ٻار آهي ۽ هو خدا کي ڄاڻي ٿو.


سو اي پياري ڀيڻ! آءٌ تو کي عرض ٿو ڪريان تہ اسين سڀ هڪٻئي سان پيار ڪريون. اهو آءٌ ڪو نئون حڪم نہ پر پراڻو حڪم لکي رهيو آهيان، جيڪو شروع کان اسان کي مليو آهي.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan