تہ تون هنن جي دعا ٻڌج. هائو، دشمنن جي انهيءَ ملڪ ۾ جتي هو قيدي آهن، اتي جڏهن هنن جي دل ڦيرو کائي ۽ هو پشيمان ٿي پنهنجي پوريءَ دل وَ جان سان تو آڏو توبهہتائب ٿين ۽ سندن ابن ڏاڏن کي ڏنل ملڪ، تنهنجي چونڊيل شهر ۽ تنهنجي نالي جوڙايل هن گھر ڏانهن منهن ڪري منٿ ڪري چون تہ ’اسان گناهہ ڪيو آهي، اسان غلط ڪم ڪيو آهي، اسان بڇڙائي ڪئي آهي،‘