Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




1.يوحنا 1:3 - Muslim Sindhi Bible

3 جيڪي ڪجھہ اسان پاڻ ڏٺو ۽ ٻڌو آهي، سو اوهان کي ٻڌايون ٿا تہ جيئن اوهين اسان سان انهيءَ ميل ميلاپ ۾ شريڪ ٿيو، جيڪو اسان کي خدا پيءُ ۽ سندس فرزند عيسيٰ مسيح سان آهي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

3 جيڪي اسان ڏٺو ۽ ٻُڌو آهي، سو اوهان کي بہ ٻُڌايون ٿا، تہ اوهين بہ اسان سان شريڪ ٿيو: ۽ اسان جي شراڪت پيءُ سان، ۽ سندس فرزند يسوع مسيح سان آهي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Hindu Sindhi Bible

3 جيڪي ڪجھہ اسان پاڻ ڏٺو ۽ ٻڌو آهي، سو اوهان کي ٻڌايون ٿا تہ جيئن اوهين اسان سان انهيءَ ميل ميلاپ ۾ شريڪ ٿيو، جيڪو اسان کي ايشور پتا ۽ سندس پٽ يسوع مسيح سان آهي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Common Language New Testament

3 جيڪي⁠بہ اسان ڏٺو ۽ ٻڌو آھي، سو اوھان کي ٻڌايون ٿا تہ جيئن اوھين اسان سان انھيءَ صحبت ۾ شامل ٿيو، جيڪا اسان کي پيءُ ۽ سندس فرزند عيسيٰ مسيح سان آھي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




1.يوحنا 1:3
38 Iomraidhean Croise  

”ڏسو، منهنجي اکين هي سڀ ڪجھہ ڏٺو آهي، منهنجي ڪنن اهو سڀ ڪجھہ ٻڌو آهي، ۽ آءٌ اهو سڀ سمجھان بہ ٿو.


تڏهن بادشاهہ چيو تہ ”خداوند جيڪو واعدو مون سان ڪيو آهي، سو آءٌ پڌرو ٿو ڪريان تہ ’اي بادشاهہ! تون منهنجو پٽ آهين، هائو، اڄ کان آءٌ تو کي پنهنجو پٽ ٿو بڻايان.


آءٌ پنهنجي قوم وارن ۾ تنهنجو نالو پڌرو ڪندس، ۽ هيڪل جي گڏجاڻيءَ ۾ تنهنجو هي حمد ڳائيندس تہ


ڄاڻي وٺندا تہ آءٌ ئي آهيان، جيڪو کين سزا ٿو ڏيان. پر آءٌ انهن مان ڪن کي بچائي ٻين قومن جي شهرن ڏانهن موڪليندس، جتان جي ماڻهن منهنجي شهرت نہ ٻڌي آهي ۽ منهنجو جلال نہ ڏٺو اٿائون. آءٌ ترسيس، پُول، لود، جنهن جا تيرانداز مشهور آهن، توبل ۽ يونان واري ياوان شهر ڏانهن، بلڪ ڏورانهن ٻيٽن ڏانهن کين موڪليندس. منهنجا اهي موڪليل ماڻهو انهن قومن ۾ وڃي منهنجو جلال بيان ڪندا.


جيڪڏهن تون اسان سان هلندين تہ خداوند جي ڏنل برڪتن ۾ اسين تو کي پاڻ سان ڀاڱي ڀائيوار ڪنداسين.“


هاڻي آءٌ تو ڏانهن اچي رهيو آهيان ۽ دنيا ۾ وڌيڪ نہ رهندس، پر اهي اڃا دنيا ۾ رهندا. اي پاڪ بابا! تون پنهنجي پاڪ ذات جيڪا تو منهنجي وسيلي ظاهر ڪئي آهي، تنهن ۾ انهن کي قائم رک، انهيءَ لاءِ تہ اهي گڏجي هڪ ٿي رهن، جيئن تون ۽ آءٌ هڪ آهيون.


انهيءَ لاءِ تہ اهي سڀ گڏجي هڪ ٿين. اي بابا! جهڙيءَ طرح تون مون ۾ آهين ۽ آءٌ تو ۾ آهيان، تهڙيءَ طرح شل اهي بہ اسان ۾ گڏجي هڪ ٿين، تہ جيئن دنيا يقين ڪري تہ تو ئي مون کي موڪليو آهي.


اي سچا بابا! دنيا تو کي نہ ڄاتو، پر آءٌ تو کي ڄاڻان ٿو. هنن شاگردن بہ ڄاڻي ورتو آهي تہ تو مون کي موڪليو آهي.


دائمي زندگي اها آهي تہ اهي تو هڪ سچي خدا کي ۽ مون عيسيٰ مسيح کي ڄاڻين، جنهن کي تو موڪليو آهي.


جنهن ماڻهوءَ اهو ڏٺو تنهن انهيءَ جي شاهدي ڏني آهي تہ جيئن اوهين بہ ايمان آڻيو. سندس شاهدي سچي آهي ۽ هو ڄاڻي ٿو تہ جيڪو هو چوي ٿو سو سچ آهي.


سو خدا جيڪو واعدو اسان جي ابن ڏاڏن سان ڪيو هو تنهن جي خوشخبري اسين ٻڌايون ٿا.


’اوهين، جيڪي ڌڪاريو ٿا، سي ڏسي عجب ۾ پئجي ويندا ۽ برباد ٿي ويندا، ڇاڪاڻ تہ آءٌ اوهان جي زماني ۾ هڪڙو اهڙو ڪم ڪندس، جو جيڪڏهن ڪو اوهان کي بيان ڪري ٻڌائي تہ اوهين مٿس ڪڏهن بہ اعتبار نہ ڪندا.‘“


اهي پنهنجو وقت رسولن کان سکڻ، هڪٻئي جي صحبت ۾ رهڻ، گڏجي ماني کائڻ ۽ دعا گھرڻ ۾ گذارڻ لڳا.


ڇاڪاڻ تہ خوشخبريءَ بابت خدا جو سمورو مقصد مون اوهان کي ٻڌايو آهي ۽ ذرو بہ نہ ڪيٻايو اٿم.


اهو ناممڪن آهي تہ اسين اهي ڳالهيون نہ ٻڌايون جيڪي اسان ڏٺيون ۽ ٻڌيون آهن.“


انهن پاڻ اهو فيصلو ڪيو آهي. پر حقيقت ۾ مٿن اهو فرض بہ هو، ڇاڪاڻ تہ جيڪي روحاني برڪتون يروشلم جي ايمان وارن کي مليون هيون، تن ۾ غير قومن کي بہ شريڪ ڪيو اٿائون. سو غير قومن تي واجب آهي تہ هو پنهنجن مالي وسيلن سان انهن جي مدد ڪن.


اهو خدا ئي تہ آهي جنهن اسان کي عيسيٰ مسيح سان گڏي هڪ ڪري ڇڏيو آهي ۽ اهو مسيح ئي آهي جنهن کي خدا اسان لاءِ ڏاهپ بڻايو آهي، جنهن مان سچائي، پاڪائي ۽ ڇوٽڪارو ملي ٿو،


خدا، جنهن پنهنجي فرزند يعني اسان جي خداوند عيسيٰ مسيح جي صحبت ۾ رهڻ لاءِ اوهان کي سڏيو آهي، سو ڀروسي لائق آهي.


هاڻي اي ڀائرو ۽ ڀينرون! آءٌ اوهان جو ڌيان انهيءَ خوشخبريءَ ڏانهن ڏياريان ٿو، جيڪا اوهان کي ٻڌائي هئم. اوهان اها قبول ڪئي هئي ۽ انهيءَ تي قائم بہ آهيو.


اهو راز هي آهي تہ عيسيٰ مسيح ۾ غير قومن وارا بہ بني اسرائيل سان گڏ خوشخبريءَ جي وسيلي خدا جي ميراث ۾ شريڪ آهن، هڪ ئي بدن جا عضوا آهن ۽ خدا جي واعدي ۾ حصيدار آهن.


سو اهو مناسب آهي تہ آءٌ اوهان سڀني جي باري ۾ خوش رهان، ڇاڪاڻ تہ اوهين منهنجي دل ۾ موجود آهيو ۽ خدا جي فضل ۾ مون سان شريڪ آهيو، نہ رڳو هن وقت جڏهن آءٌ قيد ۾ آهيان بلڪ مخالفن آڏو خوشخبريءَ کي سچو ثابت ڪرڻ ۽ قبول ڪندڙن اڳيان ان جي منادي ڪرڻ وقت بہ.


هاڻ جيڪڏهن اوهان کي مسيح ۾ هئڻ ڪري همت ملي ٿي، سندس محبت مان تسلي ٿئي ٿي، پاڪ روح سان صحبت رکو ٿا ۽ اوهان کي همدردي ۽ رحمدلي حاصل آهي،


آءٌ رڳو اهو چاهيان ٿو تہ مسيح ۽ سندس وري جيئري ٿي اٿڻ جي قدرت کي ڄاڻي وٺان. آءٌ هن جي تڪليفن ۾ شريڪ ٿيندي سندس موت ۾ شامل ٿيڻ چاهيان ٿو،


هن اسان کي اونداهيءَ جي چنبي مان ڇڏائي پنهنجي پياري فرزند جي بادشاهيءَ ۾ آندو،


۽ آسمان مان سندس فرزند جي اچڻ جو انتظار ڪريو، جنهن کي هن مئلن مان جياريو. اهو فرزند عيسيٰ ئي آهي، جيڪو اسان کي خدا جي ايندڙ غضب کان بچائي ٿو.


جن ايمان وارن غلامن جا مالڪ بہ ايمان وارا آهن سي ائين نہ سمجھن تہ ”اسان کي پنهنجن مالڪن جي گھڻي عزت ڪرڻ جي ضرورت نہ آهي، ڇوجو اسين انهن جا هم‌ايمان ڀائر ڀينر آهيون.“ ان جي بدران اهي مالڪن جي بهتر خدمت ڪن، ڇاڪاڻ تہ جن کي سندن خدمت جو فائدو ٿو ملي سي انهن جا هم‌ايمان ۽ پيارا آهن. انهن سڀني ڳالهين جي تون ماڻهن کي تعليم ڏي ۽ نصيحت ڪر.


بلڪ هو خدا کي چوي ٿو تہ ”آءٌ پنهنجي ڀائرن ڀينرن ۾ تنهنجو نالو پڌرو ڪندس. جماعت ۾ آءٌ تنهنجي واکاڻ جا گيت ڳائيندس.“


تنهنڪري اي پاڪ ۽ مخصوص ٿيل ڀائرو ۽ ڀينرون! جيڪي آسماني سڏ ۾ شامل آهيو، اوهين خدا جي موڪليل انهيءَ ايلچيءَ ۽ سردار ڪاهن عيسيٰ تي غور ڪريو، جنهن جو اسين اقرار ڪريون ٿا.


انهيءَ جو سبب هي آهي تہ اسين مسيح جا ساٿي ٿي ويا آهيون، بشرطيڪ اسين پنهنجي شروع واري اعتماد تي پڇاڙيءَ تائين مضبوطيءَ سان قائم رهون.


اوهان ۾ جيڪي ڪليسيائن جا اڳواڻ آهن تن کي آءٌ، جيڪو انهن اڳواڻن مان هڪڙو، مسيح جي تڪليفن جو شاهد ۽ ظاهر ٿيڻ واري سندس جلوي ۾ پڻ شامل هوندس، تاڪيد ٿو ڪريان تہ


اسان پنهنجي خداوند عيسيٰ مسيح جي قدرت ۽ سندس موٽي اچڻ جي جيڪا خبر اوهان کي ڏني هئي، سا اسان بناوٽي ڪهاڻين تي لڳي ڪري ڪونہ ٻڌائي هئي، پر سندس شان وَ شوڪت جا اکين ڏٺا شاهد هئاسين.


اسين اوهان ڏانهن زندگيءَ جي ڪلام بابت لکون ٿا، جيڪو شروعات کان وٺي هو. اسان اهو ٻڌو ۽ پنهنجين اکين سان ڏٺو آهي. هائو، اسان نہ رڳو ڏٺو آهي بلڪ پنهنجن هٿن سان ڇهيو بہ آهي.


هاڻي جيڪو پيغام اسان عيسيٰ مسيح کان ٻڌو آهي، سو اوهان کي ٻڌايون ٿا تہ ”خدا روشني آهي ۽ منجھس اوندهہ تہ اصل آهي ئي ڪانہ.“


پر جيڪڏهن اسين روشنيءَ ۾ هلون ٿا، جيئن خدا پاڻ روشنيءَ ۾ آهي، تہ پوءِ اسان جو هڪٻئي سان ميل ميلاپ آهي ۽ سندس فرزند عيسيٰ جو رت اسان کي سڀني گناهن کان پاڪ ڪري ٿو ڇڏي.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan