Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




1.تواريخ 9:3 - Muslim Sindhi Bible

3 بني يهوداہ، بني بنيامين، بني افرائيم ۽ بني منسيءَ جا ڪجھہ ڪٽنب يروشلم ۾ رهڻ لاءِ موٽي آيا.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

3 ۽ يروشلم ۾ بني يهوداہ جا، ۽ بني بنيمين جا، ۽ بني افرائيم، ۽ بني منسيءَ جا، ڪي ماڻهو رهندا هئا؛

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




1.تواريخ 9:3
6 Iomraidhean Croise  

پنهنجي ابن ڏاڏن جي ڪٽنبن مطابق اهي پنهنجي پنهنجي پيڙهين جا وڏا ۽ مکيہ ماڻهو هئا، جيڪي يروشلم ۾ رهندا هئا.


يهوداہ قبيلي مان انهن موٽي آيل ڪٽنبن جو تعداد ڇهہ سؤ نوي هو، جن جا هي وڏا هئا: فارص ولد يهوداہ جي اولاد مان عوتي ولد عميهود ولد عُمري ولد اِمري ولد باني، شيلاہ ولد يهوداہ جي اولاد مان پهريتو عسايا ۽ سندس پٽ ۽ زارح ولد يهوداہ جي اولاد مان يعوايل.


سو بني اسرائيل جي هر هڪ قبيلي مان جيڪي خداوند، بني اسرائيل جي خدا جا دلي طور طالبو هئا سي بہ لاوين جي پٺيان لڳي يروشلم ۾ آيا تہ جيئن هو خداوند، پنهنجي ابن ڏاڏن جي خدا اڳيان قربانيون پيش ڪن.


تنهن هوندي بہ آشر، منسي ۽ زبولون قبيلي وارن مان ڪن ماڻهن حزقياہ جي پيغام تي ڪنڌ کڻي جھڪايو ۽ يروشلم ۾ اچڻ جو يقين ڏياريو.


يروشلم ۾ بني اسرائيل قوم جا اڳواڻ رهندا هئا. بني اسرائيل جي باقي گھراڻن لاءِ بہ ڪڻا وڌا ويا تہ جيئن منجھائن ڏهن ڪٽنبن مان هڪڙو پاڪ شهر يروشلم ۾ اچي رهي، جڏهن تہ باقي نَوَ ڪٽنب پنهنجن ئي شهرن ۾ رهن.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan