Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




1.تواريخ 4:1 - Muslim Sindhi Bible

1 يهوداہ ولد يعقوب جو اولاد هي هئا: فارص، حصرون، ڪرمي، حور، سوبل.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

1 يهوداہ جا پٽ؛ فارص، حصرون، ڪرمي، حور، سوبل.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




1.تواريخ 4:1
16 Iomraidhean Croise  

پر هن پنهنجو هٿ وري اندر ڇڪي ورتو، ايتري ۾ سندس ڀاءُ نڪري آيو. تنهن تي دائيءَ چيو تہ ”تون ڪٿان ڦٽي نڪتين!“ انهيءَ ڪري سندس نالو فارص رکيو ويو.


سندس چوٿون پٽ يهوداہ هو جنهن جا پٽ هي هئا: شيلاہ، فارص ۽ زارح. پر يهوداہ جا ٻہ ٻيا پٽ عير ۽ اونان اڳ ۾ ئي ڪنعان جي ملڪ ۾ مري ويا هئا. فارص جا پٽ حصرون ۽ حمول هئا.


حصرون جي پٽ ڪالب، عزوبہ سان شادي ڪئي جنهن مان کيس هڪڙي ڌيءَ يريعوت ڄائي. يريعوت کي ٽي پٽ ڄاوا: يشر، سوباب ۽ اردون.


يهوداہ جا جملي پنج پٽ هئا. انهن مان عير، اونان ۽ شيلاہ کيس بتسوع نالي هڪ ڪنعاني عورت مان ڄاوا هئا. عير يهوداہ جو پهريتو پٽ هو جيڪو خداوند جي نظر ۾ بدڪار هو، جنهن کي خداوند ماري ڇڏيو هو.


يهوداہ جا ٻيا ٻہ پٽ فارص ۽ زارح هئا، جيڪي کيس پنهنجي ننهن تمر مان ڄاوا هئا.


فارص جا پٽ حصرون ۽ حمول هئا.


هي پڻ ڪالب جو اولاد هئا: ڪالب کي افراتہ نالي زال مان پهريون پٽ حور هو. حور جي پٽ سوبل جنهن قريت‌يعريم شهر جو بنياد وڌو.


ڪرمي زمريءَ جي اولاد مان هو، جنهن کي عڪن نالي پٽ هو. عڪن وقف ٿيل شين تي پيل بندش جي خلاف‌ورزي ڪري بني اسرائيل تي مصيبت آندي.


حصرون جا پٽ يرحمئيل، رام ۽ ڪلوبئي هئا.


اليوعيني جا هي ست پٽ هئا: هوديواهو، الياسب، فلاياہ، عقوب، يوحنان، دلاياہ ۽ عناني.


سوبل جي پٽ رياياہ کي يحت نالي پٽ ڄائو. يحت کي اخومي ۽ لاهد نالي پٽ ڄاوا. اهي صرعتين جي گھراڻن جا وڏا هئا.


يهوداہ جي قبيلي مان شيلاہ جو نسل، فارص جو نسل، زارح جو نسل ۽ فارص جي پٽن مان حصرون جو نسل ۽ حمول جو نسل هو. جڏهن تہ يهوداہ جي پٽن مان ٻہ ڄڻا عير ۽ اونان ڪنعان جي ملڪ ۾ ئي مري ويا هئا.


يهوداہ کي فارص ۽ زارح نالي ٻہ پٽ پيدا ٿيا، جن جي ماءُ تمر هئي. فارص مان حصرون پيدا ٿيو ۽ حصرون مان رام پيدا ٿيو.


نحسون پٽ عمينداب جو، عمينداب پٽ ارنيءَ جو، ارني پٽ حصرون جو، حصرون پٽ فارص جو ۽ فارص پٽ يهوداہ جو،


فارص جون پيڙهيون هي آهن: فارص مان حصرون،


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan