Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




1.تواريخ 3:1 - Muslim Sindhi Bible

1 دائود کي جيڪي پٽ حبرون ۾ ڄاوا سي هي هئا. پهريون پٽ امنون جيڪو کيس اخي‌نوعم يزرعيليءَ مان ڄائو. ٻيو دانيال جيڪو کيس ابيجيل ڪرمليءَ مان ڄائو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

1 هاڻي دائود کي جيڪي پٽ حبرون ۾ ڄاوا، سي هي هئا: پهريون ڄاول امنون، جو اخينوعم يزرعيلي مان هو؛ ٻيو داني ايل، جو ابيجيل ڪرمليءَ مان هو؛

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




1.تواريخ 3:1
11 Iomraidhean Croise  

دائود جي پٽ ابي‌سلوم کي هڪڙي خوبصورت ڀيڻ هئي، جنهن جو نالو تمر هو. ڪجھہ عرصي گذرڻ بعد هيئن ٿيو جو دائود جي ٻئي پٽ امنون جي پنهنجي انهيءَ ماٽيلي ڀيڻ سان عشق ٿي ويو.


سو ابي‌سلوم جي نوڪرن سندس حڪم مطابق امنون کي قتل ڪري ڇڏيو. تڏهن ٻيا سڀيئي شهزادا اُٿي کڙا ٿيا ۽ هر ڪو پنهنجي خچر تي چڙهي وٺي ڀڳو.


سائول جي پٽ اشبوست ۽ دائود جي وچ ۾ گھڻي عرصي تائين جنگيون هلنديون رهيون. ان دوران دائود ڏينهون ڏينهن ويو زور وٺندو، جڏهن تہ اشبوست ڏينهون ڏينهن ڪمزور ٿيندو ويو.


حبرون مان اچڻ کان پوءِ دائود يروشلم ۾ پنهنجي لاءِ ڪيتريون ئي سريتون رکيون ۽ زالون پرڻيو، جن مان کيس وڌيڪ پٽ ۽ ڌيئرون ڄايون.


هو يعبيض ۾ رهندڙ ڪاتبن جي هنن گھراڻن جو پڻ وڏو هو: ترعاتي، سمعاتي ۽ سوڪاتي. اهي سڀ قيني هئا جيڪي ريڪابين جي وڏي حمات جي نسل مان هئا.


جيئن تہ هن مون کي گھڻا ئي پٽ ڏنا آهن، سو منهنجي سڀني پٽن مان هن منهنجي پٽ سليمان کي پسند ڪيو تہ هو بني اسرائيل مٿان خداوند جي سلطنت جي تخت تي ويهي.


ٽيون ابي‌سلوم جيڪو کيس جسُور جي بادشاهہ تلميءَ جي ڌيءَ معڪہ مان ڄائو. چوٿون، ادونياہ جيڪو کيس حجيت مان ڄائو.


يزرعيل، يقدعام، زنوح،


دائود ۽ سندس ماڻهو پنهنجن پنهنجن ڪٽنبن سان اڪيس بادشاهہ وٽ جات شهر ۾ ئي رهڻ لڳا. دائود پنهنجي ٻنهي زالن، يعني يزرعيل شهر واري اخي‌نوعم ۽ ڪرمل شهر واري نابال جي بيوہ ابيجيل سان رهڻ لڳو.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan