Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




1.تواريخ 26:1 - Muslim Sindhi Bible

1 اهي لاوي جيڪي هيڪل جي دربان طور چونڊيا ويا، تن جي ترتيب هيءَ هئي. بني قورح مان مسلمياہ ولد قوري چونڊيو ويو، جيڪو آسف جي گھراڻي مان هو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

1 ۽ دربانن جي ترتيب هيءَ هئي: قورحين مان مسلمياہ بن قوري، جو آسف جي پٽن مان هو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




1.تواريخ 26:1
15 Iomraidhean Croise  

انهن سان گڏ سندن مائٽن مان ٻئي درجي وارا ڳائڻا هي هئا: زڪرياہ، يعزيئيل، سميراموت، يحيئيل، عني، الياب، بناياہ، معسياہ، متتياہ، الفلهو، مقنياہ ۽ هيڪل جا هي ٻہ دربان عوبيدادوم ۽ يعي‌ايل.


بادشاهہ چئن هزارن کي دربان مقرر ڪيو ۽ چئن هزارن کي مقرر ڪيائين تہ اهي خداوند جي واکاڻ انهن سازن سان ڪن جيڪي کين پاڻ موجود ڪري ڏنا هئائين.


۽ چوويهين ٽولي جو اڳواڻ روممتي‌عزر هو.


مسلمياہ جا ست پٽ چونڊيا ويا، جيڪي ترتيبوار هي هئا: زڪرياہ، يدي‌عيل، زبدياہ، يتني‌ايل،


مسلمياہ جي ڪٽنب وارا جملي ارڙهن ڄڻا هئا، جيڪي خدمت جي لائق هئا.


ولد تحت ولد اسير ولد ابي‌آصف ولد قورح


يروشلم ۾ موٽي آيل لاوي هي هئا: سمعياہ ولد حسوب ولد عزريقام ولد حسبياہ جيڪو بني مراري هو،


هن هيڪل جي دروازن تي دربان مقرر ڪيا، تہ جيئن اهي ڪنهن بہ طرح ناپاڪ ماڻهن کي اندر لنگھڻ نہ ڏين.


پنهنجي پيءُ دائود جي قاعدي جي پيروي ڪندي هن ڪاهنن جون ٽوليون واري واري سان هيڪل جي خدمت لاءِ مقرر ڪيون. لاوين کي مقرر ڪيائين تہ هو روزمرہ جي دستور موجب حمد ۾ اڳواڻي ڪن ۽ ڪاهنن جي خدمت چاڪري ڪن. هن دربانن کي بہ ٽولن جي صورت ۾ سڀني درن تي مقرر ڪيو، ڇاڪاڻ تہ خدا جي ٻانهي دائود بادشاهہ ائين ئي ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو.


اي خدا! اسان پنهنجن ابن ڏاڏن کان پنهنجي ڪنن سان ٻڌو آهي، تہ تو سندن ڏينهن ۾ ڪيڏا نہ عجيب وَ غريب ڪم ڪيا هئا.


اي سموريون قومون! اوهين منهنجي ڳالهہ ٻڌو. اي دنيا جا سڀيئي رهاڪؤ! اوهين مون ڏانهن ڪن ڏيو.


انهيءَ هوندي بہ هو مقرر حد تائين منهنجي مقدس هيڪل جا خدمتگار ٿي رهندا. هو هيڪل جي لنگھن جي نگهباني ڪندا ۽ هيڪل جي خدمت چاڪريءَ جو ڪم بہ ڪندا. هو ماڻهن جي پاران ساڙڻ واريون قربانيون ۽ ٻيون ذبح ڪرڻ واريون قربانيون بہ ڪهندا ۽ انهن ماڻهن جي خدمت ڪرڻ لاءِ هيڪل وٽ حاضر رهندا.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan