Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




1.تواريخ 2:3 - Muslim Sindhi Bible

3 يهوداہ جا جملي پنج پٽ هئا. انهن مان عير، اونان ۽ شيلاہ کيس بتسوع نالي هڪ ڪنعاني عورت مان ڄاوا هئا. عير يهوداہ جو پهريتو پٽ هو جيڪو خداوند جي نظر ۾ بدڪار هو، جنهن کي خداوند ماري ڇڏيو هو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

3 يهوداہ جا پٽ؛ عير ۽ اونان ۽ سيلہ؛ جي ٽيئي هن کي ڪنعانڻ بت سوع مان ڄاوا هئا. ۽ يهوداہ جو پهريون ڄاول پٽ، عير، خداوند جي نظر ۾ شرير هو؛ ۽ هن انهيءَ کي ماري وڌو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




1.تواريخ 2:3
8 Iomraidhean Croise  

سندس چوٿون پٽ يهوداہ هو جنهن جا پٽ هي هئا: شيلاہ، فارص ۽ زارح. پر يهوداہ جا ٻہ ٻيا پٽ عير ۽ اونان اڳ ۾ ئي ڪنعان جي ملڪ ۾ مري ويا هئا. فارص جا پٽ حصرون ۽ حمول هئا.


دان، يوسف، بنيامين، نفتالي، جد ۽ آشر.


يهوداہ ولد يعقوب جو اولاد هي هئا: فارص، حصرون، ڪرمي، حور، سوبل.


شلاہ ولد يهوداہ جو اولاد هي هو: عير، لعدہ، يوقيم، يوآش، شراف ۽ ڪوزيبا ڳوٺ جا رهاڪو. عير لڪہ ڳوٺ جو باني هو. لعدہ مريسہ ڳوٺ جو باني ۽ سنهي وٽيل سڻيءَ جو ڪپڙو اڻندڙن جي گھراڻن جو وڏو هو، جيڪي بيت‌اشبيع جا رهاڪو هئا. يوآش ۽ شراف موآب جا حڪمران بڻيا ۽ پوءِ بيت‌لحم ۾ آباد ٿي ويا. هي لکتون پراڻي زماني جون آهن.


يهوداہ جي قبيلي مان شيلاہ جو نسل، فارص جو نسل، زارح جو نسل ۽ فارص جي پٽن مان حصرون جو نسل ۽ حمول جو نسل هو. جڏهن تہ يهوداہ جي پٽن مان ٻہ ڄڻا عير ۽ اونان ڪنعان جي ملڪ ۾ ئي مري ويا هئا.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan