Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




1.تواريخ 19:3 - Muslim Sindhi Bible

3 تڏهن بني عمون جي اڳواڻن حنون کي چيو تہ ”ڇا اوهين سمجھو ٿا تہ دائود همدرديءَ لاءِ هي ماڻهو موڪلي اوهان جي پيءُ جو مان وڌايو آهي؟ ڇا هن جا هي ماڻهو اوهان وٽ انهيءَ لاءِ نہ آيا آهن تہ هو جاسوسن وانگر هن ملڪ جو حال معلوم ڪن ۽ پوءِ مٿس قبضو ڪن؟“

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

3 پر بني عمون جي سردارن حنون کي چيو تہ تون ائين ڀانئين ٿو ڇا تہ دائود تنهنجي پيءُ کي عزت ٿو ڏئي ۽ تنهنڪري معذرت ڪرڻ لاءِ تو ڏانهن ماڻهو موڪليا اٿس؟ هي سندس نوڪر تو وٽ انهيءَ ڪم لاءِ نہ آيا آهن ڇا تہ تلاشي وٺي ۽ جاسوسي ڪري ملڪ کي ناس ڪن؟

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




1.تواريخ 19:3
12 Iomraidhean Croise  

تڏهن بني عمون جي اڳواڻن پنهنجي آقا حنون کي چيو تہ ”ڇا اوهين ائين سمجھيو ٿا تہ دائود عذرخواهي ڪرڻ لاءِ اوهان ڏانهن پنهنجا ماڻهو موڪلي اوهان جي پيءُ جو مان ڪري رهيو آهي؟ ڇا دائود پنهنجا قاصد اوهان ڏانهن انهيءَ ڪم لاءِ نہ موڪليا آهن تہ هو شهر جو حال احوال لهي، انهيءَ جي جاسوسي ڪري ۽ پوءِ انهيءَ کي ناس ڪري ڇڏي؟“


تڏهن دائود چيو تہ ”آءٌ حنون ولد ناحس سان مهربانيءَ وارو سلوڪ ڪندس، ڇاڪاڻ تہ سندس پيءُ مون سان بہ مهربانيءَ وارو سلوڪ ڪيو هو.“ سو دائود پنهنجي قاصدن هٿان سندس پيءُ جي عذرخواهي چوائي موڪلي. جڏهن دائود جا ماڻهو بني عمون جي ملڪ ۾ حنون وٽ آيا تہ جيئن ساڻس عذرخواهي ڪن،


تڏهن حنون دائود جي قاصدن کي پڪڙي انهن جون ڏاڙهيون مڇون ڪوڙائي ڇڏيون ۽ سندن ڪپڙا وچان ويهڪ جي جاءِ تائين ڦاڙائي ڇڏيا ۽ پوءِ کين روانو ڪري ڇڏيائين.


سو بني دان صرعہ ۽ استال شهرن مان پنهنجي قبيلي جا پنج بهادر ماڻهو جاسوسي ڪرڻ لاءِ موڪليا تہ وڃي ملڪ ۾ نظر ڊوڙائي ڪو چڱو علائقو جاچي اچن. سو انهن کي چيو ويو تہ ”وڃي ملڪ ۾ ڪو چڱو علائقو جاچي اچو.“ تڏهن هو افرائيم جي جابلو علائقي ۾ آيا ۽ ميڪاہ جي گھر ۾ رات رهيا.


پر فلستين جا سالار اڪيس تي ڪاوڙيا ۽ کيس چيائون تہ ”انهيءَ ماڻهوءَ کي موٽايو تہ هو انهيءَ جاءِ تي موٽي وڃي جيڪا توهان هن جي لاءِ مقرر ڪئي آهي. هو اسان سان گڏ جنگ تي نہ هلي، متان جنگ هلندي هو ڦري اسان جو دشمن ٿي پوي، ڇاڪاڻ تہ هو پنهنجي آقا سان هنن ماڻهن جي سسين کان سواءِ ڪيئن ٺاهہ ڪري ٿو سگھي؟


اڪيس دائود کي ورندي ڏيئي چيو تہ ”آءٌ ڄاڻان ٿو تہ تون منهنجي نظر ۾ خدا جي فرشتن جهڙو نيڪ آهين. مگر فلستين جي سالارن چيو آهي تہ تون اسان سان جنگ تي نہ هل.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan