Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




1.تواريخ 13:3 - Muslim Sindhi Bible

3 پوءِ اسين هلي پنهنجي خدا جي عهد واري صندوق موٽائي کڻي اچون، ڇاڪاڻ تہ سائول جي بادشاهيءَ جي ڏينهن ۾ اسان انهيءَ کي نظرانداز ڪيو هو.“

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

3 ۽ پوءِ اسين وري پنهنجي خدا جي صندوق پاڻ وٽ کڻي اچون: ڇالاءِ جو سائول جي ڏينهن ۾ اسان انهيءَ کان پڇا ڪانہ ڪئي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




1.تواريخ 13:3
11 Iomraidhean Croise  

پوءِ هن بني اسرائيل جي سڀني گڏ ٿيل ماڻهن کي چيو تہ ”جيڪڏهن اوهان کي مناسب نظر اچي ۽ جيڪڏهن خداوند اسان جي خدا جي مرضي هجي تہ اسين پنهنجن باقي رهيل هم‌وطنن ۽ ساڻن گڏ رهندڙ ڪاهنن ۽ لاوين ڏانهن قاصد موڪليون تہ اهي سڀ اچي اسان وٽ گڏ ٿين.


جيئن تہ اها ڳالهہ سڀني کي چڱي نظر آئي، تنهنڪري انهن وراڻيو تہ ”اسين ائين ئي ڪنداسين.“


اڳئين ڀيري جڏهن اوهان پاڻ انهيءَ کي نہ کنيو هو، تڏهن خداوند اسان جو خدا اسان تي ڏمريو هو، ڇاڪاڻ تہ اسان کانئس پڇا ڪانہ ڪئي هئي تہ اها ڪهڙيءَ طرح کڻي هلون.“


دائود چيو هو تہ ”جڏهن اسين بيت‌لحم ۾ هئاسين، تڏهن اسان کي خبر پيئي تہ عهد واري صندوق قريت‌يعريم ۾ آهي. سو اسان اها اتان وڃي کنئي.


انهيءَ ڏينهن خدا جي عهد واري صندوق اتي بني اسرائيل وٽ آندي ويئي هئي. سو سائول اخياہ ڪاهن کي چيو تہ ”خدا جي صندوق هتي کڻي اچ.“


پوءِ سائول پنهنجي ماڻهن کي چيو تہ ”هلو تہ رات جو فلستين تي حملو ڪريون ۽ صبح جو سوجھري ٿيڻ تائين کين ڦريون لٽيون ۽ انهن مان ڪنهن کي بہ جيئرو نہ ڇڏيون.“ هنن وراڻي ڏنس تہ ”جيئن اوهين مناسب سمجھو تيئن ڪريو.“ پر ڪاهن چيو تہ ”اچو تہ پهريائين خدا سان صلاح مصلحت ڪريون.“


اخيملڪ هن جي باري ۾ خداوند کان معلوم ڪيو. پوءِ کيس ماني ڏنائين ۽ جالوت فلستيءَ جي تلوار بہ ڏنائينس.“


پر ڇا انهيءَ ڏينهن مون پهريون دفعو هن جي باري ۾ خداوند کان معلوم ڪيو هو؟ هرگز نہ. بادشاهہ پنهنجي هن ٻانهي تي يا منهنجي پيءُ جي سڄي گھراڻي تي ڪوبہ الزام نہ هڻي، ڇاڪاڻ تہ اوهان جي ٻانهي کي انهيءَ سڄي معاملي جي ڪابہ خبر ڪانهي، نہ ٿوري نہ گھڻي.“


تڏهن دائود خداوند کان پڇيو تہ ”آءٌ وڃي انهن فلستين کي ماريان يا نہ؟“ خداوند وراڻيس تہ ”وڃ ۽ وڃي فلستين کي مار ۽ قعيلہ شهر کي بچاءِ.“


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan