Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




1.تواريخ 13:2 - Muslim Sindhi Bible

2 پوءِ هن بني اسرائيل جي سڀني گڏ ٿيل ماڻهن کي چيو تہ ”جيڪڏهن اوهان کي مناسب نظر اچي ۽ جيڪڏهن خداوند اسان جي خدا جي مرضي هجي تہ اسين پنهنجن باقي رهيل هم‌وطنن ۽ ساڻن گڏ رهندڙ ڪاهنن ۽ لاوين ڏانهن قاصد موڪليون تہ اهي سڀ اچي اسان وٽ گڏ ٿين.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

2 ۽ دائود اسرائيل جي ساري جماعت کي چيو تہ جي اوهان کي مناسب نظر اچي، ۽ جي خداوند اسان جي خدا جي اهڙي مرضي هجي، تہ جيڪي اسان جا ڀائر اسرائيل جي ساري ملڪ ۾ باقي رهيا آهن، ۽ جن سان سندن ٻهراڙيءَ وارن شهرن ۾ ڪاهن ۽ لاوي آهن، تن ڏي چوائي موڪليون تہ اچي سڀ اسان وٽ گڏ ٿين:

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




1.تواريخ 13:2
16 Iomraidhean Croise  

هنن چيس تہ ”جيڪڏهن توهين اڄ هنن ماڻهن سان نرمي ڪندا، ساڻن بهتر هلت هلندا ۽ کين سٺي موٽ ڏيندا تہ هو هميشہ توهان جا خادم ٿي رهندا.“


يزرعيل ماٿريءَ ۾ رهندڙ بني اسرائيل جي ماڻهن جڏهن ٻڌو تہ سڄو لشڪر ڀڄي ويو آهي ۽ سائول ۽ سندس پٽ بہ مارجي ويا آهن، تڏهن هو پاڻ بہ پنهنجا شهر ڇڏي اُٿي ڀڳا. پوءِ فلستين اچي انهن تي قبضو ڪيو ۽ منجھن رهڻ لڳا.


دائود بادشاهہ لشڪر جي هزارن ۽ سون جي ٽولن تي مقرر ڪيل سڀني سالارن سان صلاح مشورو ڪيو.


پوءِ اسين هلي پنهنجي خدا جي عهد واري صندوق موٽائي کڻي اچون، ڇاڪاڻ تہ سائول جي بادشاهيءَ جي ڏينهن ۾ اسان انهيءَ کي نظرانداز ڪيو هو.“


جيڪڏهن تون اهڙيءَ طرح ڪم ڪندين جيئن خدا تو کي حڪم ڏئي ٿو، تہ پوءِ تون پوريءَ طرح پنهنجيون ذميواريون برداشت ڪري سگھندين ۽ هي سڀ ماڻهو بہ اطمينان سان پنهنجي پنهنجي گھر هليا ويندا.“


صلاح مشوري کان سواءِ ڪوبہ منصوبو ڪاميابيءَ سان پورو ٿي نہ ٿو سگھي، مگر گھڻن جي صلاح سان ئي اهو ڪاميابيءَ سان همڪنار ٿئي ٿو.


اشور جي شهنشاهہ پنهنجو جيڪو عملدار اعليٰ موڪليو آهي سو جيئري خدا جي خلاف ڪفر ٿو بڪي. خداوند خدا جنهن جا اوهين خاص ٻانها آهيو، سو شل انهيءَ عملدار اعليٰ جون اهي ڳالهيون ٻڌي ۽ اشورين کي انهيءَ جي سزا ڏئي. تنهنڪري اسان مان باقي بچيل ماڻهن جي حق ۾ تون خدا کان دعا گھر.“


هوڏانهن فلستين جِلبوعہ جي جابلو علائقي ۾ بني اسرائيل سان جنگ ڪئي. اتي بني اسرائيل جا گھڻا ماڻهو مارجي ويا ۽ ڪجھہ ڀڄي نڪتا.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan