Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




1.تواريخ 13:1 - Muslim Sindhi Bible

1 دائود بادشاهہ لشڪر جي هزارن ۽ سون جي ٽولن تي مقرر ڪيل سڀني سالارن سان صلاح مشورو ڪيو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

1 ۽ دائود هزارن ۽ سوَن جي سردارن سان، بلڪ سڀ ڪنهن منهندار سان صلاح مصلحت ڪئي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




1.تواريخ 13:1
12 Iomraidhean Croise  

دائود هڪڙو ڀيرو وري بني اسرائيل جا ٽيهہ هزار چونڊ جوان گڏ ڪيا.


تڏهن يوسياہ بادشاهہ يروشلم بلڪ سڄي يهوداہ جا سڀ اڳواڻ پاڻ وٽ سڏايا.


جد قبيلي جا اهي ماڻهو لشڪر جا سالار هئا، جن مان وڏي ۾ وڏا هزارن جا ۽ ننڍي ۾ ننڍا سوَن جا سالار هئا.


جڏهن دائود صِقلاج ڏانهن موٽي ويو، تڏهن منسيءَ قبيلي مان هي ماڻهو هن سان شامل ٿيا: عدنہ، يوزباد، يديع‌ايل، ميڪاايل، يوزباد، اليهو ۽ ضلتي. هي منسيءَ قبيلي ۾ هزارن جي ٽولن جي مٿان سالار مقرر هئا.


بني اِسڪار جا ٻہ سؤ سالار، انهن ماڻهن سميت جيڪي سندن حڪم هيٺ هئا. هنن سالارن ڄاتو پئي تہ بني اسرائيل کي ڇا ڪرڻ گھرجي ۽ انهيءَ جو بهترين وقت ڪهڙو آهي،


ويجھن قبيلن کان علاوہ ڏورانهن قبيلن اِسڪار، زبولون ۽ نفتاليءَ کان وٺي ماڻهن گڏهہ، اٺ، خچر ۽ ڍڳا پئي آندا جيڪي کاڌ خوراڪ جي شين يعني مانين، ميدي مان ٺهيل شين، انجير، ڪشمش، مئي، زيتون جي تيل سان لڏيل هئا. انهن چوپايو مال ۽ رڍون ٻڪريون بہ آنديون. اهو سڀ ڪجھہ انهيءَ لاءِ پئي ڪيو ويو جو بني اسرائيل ۾ خوشي هئي.


پوءِ هن بني اسرائيل جي سڀني گڏ ٿيل ماڻهن کي چيو تہ ”جيڪڏهن اوهان کي مناسب نظر اچي ۽ جيڪڏهن خداوند اسان جي خدا جي مرضي هجي تہ اسين پنهنجن باقي رهيل هم‌وطنن ۽ ساڻن گڏ رهندڙ ڪاهنن ۽ لاوين ڏانهن قاصد موڪليون تہ اهي سڀ اچي اسان وٽ گڏ ٿين.


هڪ ڏينهن سليمان بادشاهہ لشڪر جي سون ۽ هزارن جي دستن جي سالارن، رهبرن ۽ بني اسرائيل جي سڀني اڳواڻن ۽ گھراڻن جي وڏن کي حڪم ڏيئي چيو تہ


ٻئي ڏينهن صبح جو سوير حزقياہ بادشاهہ شهر جا سڀ عملدار گڏ ڪيا ۽ انهن کي ساڻ ڪري خداوند جي گھر ڏانهن ويو.


صلاح مشوري کان سواءِ ڪوبہ منصوبو ڪاميابيءَ سان پورو ٿي نہ ٿو سگھي، مگر گھڻن جي صلاح سان ئي اهو ڪاميابيءَ سان همڪنار ٿئي ٿو.


جنهن کي پنج هزار سون جا سڪا مليا، تنهن وڃي هڪدم انهن سان واپار هلايو ۽ ٻيا پنج هزار ڪمايائين.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan