Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




طيطس 1:2 - Hindu Sindhi Bible

2 انهيءَ وشواس رکڻ ۽ سچائيءَ جي ڄاڻ مان انهن ۾ هي ڀروسو پيدا ٿو ٿئي تہ کين امر جيون مليو آهي. ايشور، جيڪو ڪوڙ ڳالهائي نہ ٿو سگھي، تنهن سنسار جي شروعات کان ئي انهيءَ جيون جو وچن ڪيو آهي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

2 هميشہ جي زندگيءَ جي اُميد تي، جنهن جو واعدو خدا ازل کان ڪيو آهي، ۽ خدا ڪوڙ ڳالهائي نٿو سگهي،

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Muslim Sindhi Bible

2 انهيءَ ايمان رکڻ ۽ سچائيءَ جي ڄاڻ مان انهن ۾ هي ڀروسو پيدا ٿو ٿئي تہ کين دائمي زندگي ملي آهي. خدا، جيڪو ڪوڙ ڳالهائي نہ ٿو سگھي، تنهن ازل کان ئي انهيءَ زندگيءَ جو واعدو ڪيو آهي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Common Language New Testament

2 انھيءَ ايمان ۽ سڃاڻپ جو بنياد دائمي زندگيءَ جي اميد تي رکيل آھي. خدا، جيڪو ڪوڙ ڳالھائي نہ ٿو سگھي، تنھن ازل کان وٺي اھڙي زندگيءَ جو واعدو ڪيو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




طيطس 1:2
46 Iomraidhean Croise  

پوءِ راجا پنهنجي ساڄي پاسي وارن کي چوندو تہ ’اوهين جيڪي منهنجي پتا جي طرفان سڀاڳا آهيو، سي اچو ۽ منهنجي راڄ‌ڀاڳ ۾ رهو، جيڪو سنسار جي رچنا کان وٺي اوهان جي لاءِ ميراث طور تيار ڪيو ويو آهي،


يسوع وڌيڪ چيو تہ ”سو اهڙن ماڻهن کي هميشہ واري سزا ملندي، جڏهن تہ نيڪن کي امر جيون.“


يسوع جڏهن رستي سان ويو پئي تہ هڪڙو ماڻهو ڀڄندو وٽس آيو ۽ سندس اڳيان گوڏا کوڙي پڇيائينس تہ ”اي نيڪ گرو! آءٌ ڇا ڪريان جو امر جيون حاصل ڪريان؟“


تہ ان کي هن ئي انتم زماني ۾ گھڻو ڪجھہ ملندو، جيئن تہ سؤڻا گھر، ڀائر، ڀينرون، ماتائون، ٻار ۽ ٻنيون. پر انهن سان گڏ کيس ستايو بہ ويندو. انهيءَ کان علاوہ ايندڙ نئين زماني ۾ کيس امر جيون بہ ملندو.


آءٌ انهن کي امر جيون ڏيان ٿو تنهنڪري اهي ڪڏهن بہ برباد نہ ٿينديون، نڪي ڪو ٻيو اهي مون کان کسي سگھندو.


تو ئي کيس سڀني انسانن تي اختيار ڏنو آهي تہ جيئن هو هر انهيءَ کي امر جيون بخشي جيڪو تو کيس ڏنو آهي.


اي پتا! آءٌ چاهيان ٿو تہ جيڪي تو مون کي ڏنا آهن سي اتي مون سان گڏ هجن جتي آءٌ هجان، تہ جيئن اهي منهنجي اها جوت ڏسن جنهن ۾ تو مون کي پاڻ سان انهيءَ لاءِ شريڪ ڪيو آهي جو سنسار جي پيدا ٿيڻ کان اڳ ئي تون مون سان پيار ڪرين ٿو.


اوهين پوِتر شاستر انهيءَ لاءِ ڌيان سان ٿا پڙهو، جو اوهان جو خيال آهي تہ انهيءَ ۾ اوهان کي امر جيون ملندو، جڏهن تہ اهو پوِتر شاستر بہ منهنجي شاهدي ڏئي ٿو.


جيڪو بہ منهنجو ماس ٿو کائي ۽ منهنجو رت ٿو پيئي، تنهن جو جيون امر آهي ۽ آءٌ کيس انتم ڏينهن تي وري جيوت ڪري اٿاريندس،


شمعون پطرس وراڻيو تہ ”اي پرڀو! اوهان کي ڇڏي ڪنهن ڏانهن وينداسون؟ اوهان وٽ اهي ڳالهيون آهن جن ۾ امر جيون آهي.


هي آءٌ پرميشور چوان ٿو، جيڪو قديم زماني کان اهو سڀ ڪري ڏيکاريندو آيو آهيان.‘“


انهيءَ خوشخبريءَ جو وچن ايشور اڳي ئي پوِتر شاستر ۾ پنهنجي سنديش ڏيندڙ سنتن جي معرفت ڪيو هو.


جيڪو ڀيد گھڻي وقت کان وٺي ڳجھو رکيو ويو هو، سو هاڻي هميشہ واري ايشور جي حڪم موجب سنديش ڏيندڙ سنتن جي لکتن جي وسيلي سڀني قومن تي پڌرو ڪيو ويو آهي، انهيءَ لاءِ تہ اهي وشواس آڻي فرمانبردار ٿين. يسوع مسيح جي جنهن خوشخبريءَ جو آءٌ پرچار ٿو ڪريان تنهن ۾ انهيءَ ڀيد جي ظاهر ٿيڻ موجب شل ايشور اوهان کي وشواس ۾ مضبوط ڪري.


جيڪي نيڪ ڪم ڪرڻ ۾ ثابت قدم رهندي مان، مهانتا ۽ ابناسي جيون جي تمنا رکندڙ آهن، تن کي ايشور امر جيون ڏيندو.


اسان جي وشواس جي وسيلي مسيح اسان کي ايشور جي انهيءَ ڪرپا تائين پهچايو آهي، جنهن تي اسين قائم آهيون. اسين انهيءَ اميد تي فخر ٿا ڪريون تہ ايشور جي جوت ۾ شريڪ ٿينداسين.


تنهنڪري جيئن پاپ جي حڪمراني ماڻهن کي موت جي حوالي ڪندي پئي رهي، تيئن هاڻي ايشور جي ڪرپا جي حڪمراني اسان کي ايشور ڏانهن سچار بڻائي پرڀو يسوع مسيح جي وسيلي امر جيون ٿي بخشي.


ثابت قدميءَ مان ايشور جي رضامندي پيدا ٿئي ٿي ۽ سندس رضامنديءَ مان اميد پيدا ٿئي ٿي.


بيشڪ پاپ جو لاڀ موت آهي، جڏهن تہ ايشور اسان جي پرڀو يسوع مسيح جي وسيلي اسان کي پنهنجي ڪرپا واري بخشش يعني امر جيون بخشي ٿو.


انهن تي ايشور اهو ظاهر ڪرڻ ٿي چاهيو تہ انهيءَ ڀيد جي دولت سڀني قومن لاءِ ڪيڏي نہ مهانتا ڀري آهي. اهو ڀيد هي آهي تہ مسيح جيڪو اوهان ۾ آهي، سو ايشور جي جوت ۾ شريڪ ٿيڻ جي اميد آهي.


يهودين پرڀو يسوع کي توڙي سنديش ڏيندڙ سنتن کي ماري وڌو ۽ اسان کي بہ ستائي تڙي ڪڍيائون. اهي ايشور کي نہ ٿا وڻن ۽ سڀني ماڻهن جي برخلاف آهن.


هائو، جيئن تہ اسين ڏينهن وارا آهيون، تنهنڪري اچو تہ ڇاتيءَ تي وشواس ۽ پريم جو لوهي سينابند ڍڪي ۽ مٿي تي مڪتيءَ جي اميد جو لوهي ٽوپ پائي هوشيار رهون،


تون وشواس جي ويڙهہ چڱيءَ طرح وڙهہ ۽ امر جيون کي هٿ ڪر، جنهن جي لاءِ تون سڏيو ويو هئين ۽ گھڻن شاهدن جي روبرو تو چڱو اقرار ڪيو هو.


انهيءَ طرح اهي ايندڙ نئين زماني لاءِ اهڙي دولت ميڙيندا جيڪا پختي بنياد واري هوندي، جنهن تي قائم رهي هو اهڙو جيون هٿ ڪري سگھن ٿا جيڪو حقيقي آهي.


هي خط مون پولس جي طرفان آهي، جيڪو ايشور جي مرضيءَ سان مسيح يعني يسوع جو خوشخبري ٻڌائيندڙ سنت آهيان، تہ جيئن انهيءَ وچن ڪيل جيون جو سنديش ٻڌايان جيڪو اسان کي يسوع مسيح ۾ حاصل ٿئي ٿو.


انهيءَ ايشور اسان کي مڪتي ڏني ۽ پوِتر جيون گذارڻ لاءِ پاڻ ڏانهن سڏيو. اهو اسان جي عملن جي ڪري نہ، پر سندس خاص ارادي ۽ انهيءَ ڪرپا موجب ٿيو، جيڪا اسان تي يسوع مسيح ۾ سنسار جي شروعات کان اڳ ڪئي ويئي هئي.


تنهنڪري آءٌ ايشور جي چونڊيلن جي خاطر سڀ ڪجھہ سهان ٿو، تہ جيئن جيڪا مڪتي يسوع مسيح ۾ ٿي ملي، تنهن کي اهي بہ هميشہ واري مهانتا سميت حاصل ڪن.


جيڪڏهن اسين بي‌وفا ٿا ٿيون، تڏهن بہ هو هميشہ وفادار رهندو. هائو، جيئن تہ هو سچو آهي، سو پنهنجو انڪار ڪري نہ ٿو سگھي.“


پنهنجو پاڻ کي ايشور وٽ وڻندڙ يعني اهڙي محنتيءَ طور پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪر جنهن کي شرمندو ٿيڻو نہ پوي ۽ جيڪو حق جو سنديش صحيح نموني ۾ استعمال ڪندڙ هجي.


ان سان گڏ اسين انهيءَ آسيس ڀري اميد، يعني يسوع مسيح جيڪو اسان جو مهان ايشور ۽ مڪتي ڏيندڙ آهي، تنهن جي شان وَ شوڪت سان ظاهر ٿيڻ جو انتظار ڪريون.


تون پاڻ سڀني ڳالهين ۾ چڱا ڪم ڪري انهن لاءِ نمونو بڻجي ڏيکار. تنهنجي سکيا ڏيڻ مان ايمانداري ۽ سنجيدگي ظاهر ٿئي.


انهيءَ لاءِ تہ اسين سندس ڪرپا جي ڪري ڏانهس سچار بڻجي انهيءَ امر جيون جا وارث ٿيون، جنهن جيون جي اسين اميد رکون ٿا.


تڏهن اهو امر جيون جنهن جو وچن پٽ يعني يسوع مسيح اسان سان ڪيو آهي، سو اوهان ۾ هوندو.


اسين اهو بہ ڄاڻون ٿا تہ ايشور جو پٽ هن سنسار ۾ آيو آهي. هن اسان کي سمجھہ بخشي آهي تہ جيئن اسين انهيءَ هستيءَ کي ڄاڻون جيڪو حقيقي آهي ۽ اسين انهيءَ حقيقيءَ ۾ سندس پٽ يسوع مسيح ۾ هئڻ ڪري آهيون. اهو ئي حقيقي ايشور ۽ امر جيون آهي.


ڌرتيءَ جا سڀيئي رهاڪو انهيءَ حيوان اڳيان سيس نوائيندا، سواءِ انهن جي جن جا نالا سنسار جي شروعات کان وٺي جيون شاستر ۾ لکيل آهن، جيڪو ڪُٺل گھيٽڙي جو آهي.


اهو حيوان جيڪو تو ڏٺو، سو اڳي هو ۽ هاڻي ڪونهي. پر اوڙاهہ مان نڪري اچڻ تي آهي ۽ پوءِ برباد ڪيو ويندو. ڌرتيءَ جا اهي رهاڪو جن جا نالا سنسار جي شروعات کان وٺي جيون شاستر ۾ لکيل نہ آهن، سي انهيءَ حيوان جو وري ظاهر ٿيڻ ڏسي عجب ۾ پئجي ويندا، ڇاڪاڻ تہ اهو حيوان اڳي هو ۽ هاڻي ڪونهي.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan