Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




مڪاشفو 9:5 - Hindu Sindhi Bible

5 ماڪڙ کي اهو اختيار نہ ڏنو ويو تہ انهن ماڻهن کي صفا ماري ڇڏين، پر کين پنجن مهينن تائين ايذاءَ ڏيندي رهي. ان جو ايذاءُ اهڙو هو جهڙو وِڇُونءَ جو ماڻهن کي ڏنگڻ.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

5 ۽ کين اهو اختيار ڏنو ويو تہ هنن کي اُڦٽ نہ مارين، پر پنجن مهينن تائين هنن کي عذاب پيا ڏين، ۽ هنن جو عذاب اهڙو هو جهڙو وڇونءَ جي ڏنگڻ ڪري ماڻهن جو ٿيندو آهي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Muslim Sindhi Bible

5 ماڪڙ کي اهو اختيار نہ ڏنو ويو تہ انهن ماڻهن کي صفا ماري ڇڏين، پر کين پنجن مهينن تائين ايذاءَ ڏيندي رهي. ان جو ايذاءُ اهڙو هو جهڙو وِڇُونءَ جو ماڻهن کي ڏنگڻ.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Common Language New Testament

5 مڪڙن کي اھو اختيار نہ ڏنو ويو تہ انھن کي صفا ماري ڇڏين، پر کين پنجن مھينن تائين عذاب ڏيندا رھن. ھنن جو عذاب اھڙو ھو جھڙو وِڇُونءَ جو ماڻھن کي ڏنگڻ.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




مڪاشفو 9:5
12 Iomraidhean Croise  

يسوع وراڻيس تہ ”جيڪڏهن تو کي ايشور جي طرفان اهو اختيار مليل نہ هجي ها تہ تنهنجو ڪو زور مون تي نہ هلي ها. سو جنهن ماڻهوءَ مون کي تنهنجي حوالي ڪيو آهي سو وڌيڪ ڏوهاري آهي.“


پوءِ مون ڏٺو تہ جڏهن انهن پنهنجي اها شاهدي پوري ڪئي، تڏهن اوڙاهہ مان نڪرڻ وارو حيوان ساڻن وڙهيو ۽ مٿن حاوي پئي کين ماري وڌائين.


انهيءَ حيوان کي ايشور نندا جون وڏيون وڏيون ڳالهيون ڪرڻ ڏنيون ويون. هن کي ٻائيتاليهن مهينن تائين پنهنجو ڪم جاري رکڻ جو اختيار ڏنو ويو.


انهيءَ کي اهو اختيار ڏنو ويو تہ مسيح ۾ چونڊي پوِتر ڪيلن سان جنگ ڪري کين شڪست ڏئي. هن کي سڀني قومن، قبيلن، ٻولين وارن ۽ ذاتين تي حڪمرانيءَ جو اختيار ڏنو ويو.


انهيءَ جا پڇ وِڇن جهڙا هئا، جن تي ڏنگ لڳل هئا. انهن ڏنگن ۾ ماڻهن کي پنجن مهينن تائين ايذاءَ رسائڻ جي طاقت هئي.


انهيءَ دونهين مان ماڪڙ نڪري ڌرتيءَ تي آئي. ان کي ايتري طاقت ڏني ويئي، جيتري ڌرتيءَ جي وِڇُن کي آهي.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan