Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




مڪاشفو 9:2 - Hindu Sindhi Bible

2 هن اوڙاهہ واري کڏ کولي تہ انهيءَ مان وڏي کُوري وانگر دونهون نڪرڻ لڳو. انهيءَ کڏ جي دونهين جي ڪري سج ۽ هوا ڪارا ٿي پيا.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

2 ۽ هن اوڙاهہ واري کڏ کولي تہ کڏ مان دونهون نڪرڻ لڳو، جيئن ڪنهن وڏي کوري مان دونهون نڪرندو آهي؛ ۽ اُنهيءَ کڏ جي دونهين ڪري سج ۽ هوا اوندهہ ٿي پيا.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Muslim Sindhi Bible

2 هن اوڙاهہ واري کڏ کولي تہ انهيءَ مان وڏي کُوري وانگر دونهون نڪرڻ لڳو. انهيءَ کڏ جي دونهين جي ڪري سج ۽ هوا ڪارا ٿي پيا.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Common Language New Testament

2 ھُن اوڙاھہ واري کڏ کولي تہ اُن مان وڏي کُوري وانگر دونھون نڪرڻ لڳو. انھيءَ کڏ جي دونھين جي ڪري سج ۽ ھوا اونداھا ٿي پيا.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




مڪاشفو 9:2
16 Iomraidhean Croise  

آءٌ مٿي آڪاش ۾ عجب جهڙا ڪم ۽ هيٺ ڌرتيءَ تي چمتڪار ڏيکاريندس، جهڙوڪ: رت، باهہ ۽ گھاٽو دونهون.


انهن جي ايذاءَ جو دونهون سدائين پيو نڪرندو رهندو. هائو، اهي ماڻهو جيڪي انهيءَ حيوان ۽ سندس بت اڳيان سيس نوائين ٿا ۽ سندس نالي جو نشان هڻائين ٿا، تن کي رات ڏينهن ڪڏهن آرام نہ ملندو.“


پنجين دوت پنهنجو پيالو انهيءَ حيوان جي تخت تي هاريو تہ انهيءَ جي راڄ ۾ اوندهہ ٿي ويئي. ماڻهو سور سببان پنهنجيون زبانون چٻاڙيندا


چوٿين دوت توتارو وڄايو تہ سج، چنڊ ۽ تارن جي ٽئين حصي کي نقصان پهتو، جنهن ڪري انهن جو ٽيون حصو اونداهو ٿي پيو. مطلب تہ ڏينهن توڙي رات جو ٽيون حصو روشني وڃائي ويٺو.


جڏهن پنجين دوت توتارو وڄايو تہ مون آڪاش مان ڌرتيءَ تي ڪريل هڪ تارو ڏٺو. اُن تاري کي اوڙاهہ واري کڏ جي چاٻي ڏني ويئي.


انهيءَ ماڪڙ جو راجا اوڙاهہ وارو دوت هو، جنهن جو نالو عبراني ٻوليءَ ۾ ابدون ۽ يوناني ٻوليءَ ۾ اپليون آهي، جن جي معنيٰ آهي ”ناس ڪندڙ.“


مون درشن ۾ گھوڙا ۽ سندن سوار ڏٺا، جن جي سينابندن جو رنگ باهہ وانگر ڳاڙهو، نيرو ۽ گندرف جهڙو پيلو هو. انهن گھوڙن جا منهن شينهن جي منهن جهڙا هئا ۽ سندن وات مان باهہ، دونهون ۽ گندرف پئي نڪتو.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan