Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




مڪاشفو 8:2 - Hindu Sindhi Bible

2 پوءِ مون اهي ست دوت ڏٺا، جيڪي ايشور جي اڳيان بيٺا هوندا آهن. انهن کي ست توتارا ڏنا ويا.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

2 ۽ مون اُهي ست ملائڪ ڏٺا، جي خدا جي حضور ۾ بيهندا آهن؛ انهن کي ست تريون ڏنيون ويون.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Muslim Sindhi Bible

2 پوءِ مون اهي ست ملائڪ ڏٺا، جيڪي خدا جي اڳيان بيٺا هوندا آهن. انهن کي ست توتارا ڏنا ويا.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Common Language New Testament

2 پوءِ مون اُھي ست ملائڪ ڏٺا، جيڪي خدا جي آڏو بيٺا ھوندا آھن. انھن کي ست توتارا ڏنا ويا.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




مڪاشفو 8:2
18 Iomraidhean Croise  

”ڏسو، متان هنن سادن سٻاجھن پوئلڳن مان ڪنهن هڪ کي بہ خسيس ڪري سمجھو، ڇاڪاڻ تہ آءٌ اوهان کي ٻڌايان ٿو تہ آڪاش ۾ هنن جا دوت هر وقت منهنجي آڪاش واري پتا جي شرڻ ۾ حاضر رهن ٿا.


تڏهن وڏي آواز سان توتاري جي وڄندي ئي هو پنهنجي دوتن کي هر طرف موڪليندو، جيڪي ڌرتيءَ جي هڪ ڇيڙي کان وٺي ٻئي ڇيڙي تائين ايشور جي چونڊيلن کي آڻي گڏ ڪندا.“


تنهن تي دوت وراڻيس تہ ”آءٌ جبرائيل آهيان ۽ ايشور جي شرڻ ۾ حاضر رهندو آهيان. ايشور ئي مون کي موڪليو آهي تہ تو سان ڳالهايان ۽ تو کي اها خوشخبري ٻڌايان.


انهيءَ ڪري هر وقت جاڳندا ۽ پرارٿنا ڪندا رهو تہ اهي ڳالهيون جيڪي ٿيڻيون آهن، تن کان بچڻ ۽ منش‌پتر جي آڏو بيهڻ جي سگھہ مليوَ.“


اهو دوتن جي سردار جي آواز سان ۽ ايشور طرفان توتاري وڄڻ سان ٿيندو. ان وقت پرڀو يسوع وڏي واڪي حڪم ڏيندي پاڻ آڪاش مان هيٺ لهندو. تڏهن جيڪي مسيح تي وشواس رکندي مري ويا آهن سي پهريائين جيوت ٿي اٿندا.


هي سنديش يوحنا جي طرفان وشواسين جي انهن ستن منڊلين ڏانهن آهي جيڪي آسيا صوبي ۾ آهن. شل اوهان تي ايشور جي ڪرپا ۽ شانتي هجي، جيڪو آهي، جيڪو هو ۽ جيڪو اچي عدالت ڪندو. انهيءَ کان علاوہ جيڪي ست آتمائون ايشور جي تخت جي اڳيان آهن، تن وٽان بہ اوهان تي ڪرپا ۽ شانتي هجي


جڏهن ستين دوت توتارو وڄايو تہ آڪاش ۾ وڏا آواز ٻڌڻ ۾ آيا جن چيو ٿي تہ ”سنسار جو راڄ اسان جي پرڀو پرميشور ۽ سندس مسيح جو ٿي ويو آهي. پرڀو پرميشور هميشہ هميشہ تائين راڄ ڪندو رهندو.“


پوءِ مون آڪاش ۾ هڪڙو ٻيو وڏو عجيب نشان ڏٺو، يعني ست دوت جن وٽ ست آفتون هيون. اهي آفتون آخري آهن، ڇاڪاڻ تہ انهن تي ايشور جو ڏمر پورو ٿئي ٿو.


پوءِ مون هيڪل مان هڪڙو وڏو آواز ٻڌو، جيڪو انهن ستن دوتن کي چئي رهيو هو تہ ”وڃو ۽ ايشور جي ڏمر جا ست ئي پيالا ڌرتيءَ تي هاري ڇڏيو.“


پوءِ مون هڪڙي عقاب کي مٿي اڏامندي ڏٺو، جنهن کي وڏي آواز سان اهو چوندي ٻڌم تہ ”ٽن دوتن جا توتارا وڄائڻ اڃا باقي آهن ۽ جڏهن اهي وڄايا ويندا تہ ڌرتيءَ تي رهڻ وارن تي ڪيڏي نہ مصيبت ايندي! هائو، مصيبت مٿان مصيبت.“


تنهن کان پوءِ جن ستن دوتن وٽ ست توتارا هئا، تن اهي وڄائڻ جي تياري ڪئي.


جڏهن پنجين دوت توتارو وڄايو تہ مون آڪاش مان ڌرتيءَ تي ڪريل هڪ تارو ڏٺو. اُن تاري کي اوڙاهہ واري کڏ جي چاٻي ڏني ويئي.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan