Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




مڪاشفو 8:12 - Hindu Sindhi Bible

12 چوٿين دوت توتارو وڄايو تہ سج، چنڊ ۽ تارن جي ٽئين حصي کي نقصان پهتو، جنهن ڪري انهن جو ٽيون حصو اونداهو ٿي پيو. مطلب تہ ڏينهن توڙي رات جو ٽيون حصو روشني وڃائي ويٺو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

12 ۽ چوٿين ملائڪ تري وڄائي تہ سج جي ٽئين حصي کي، ۽ چنڊ جي ٽئين حصي کي، ۽ تارن جي ٽئين حصي کي ضرر رسي ويئي، جنهنڪري انهن جو ٽيون حصو ڪارو ٿي پيو، ۽ ڏينهن جي ٽئين حصي جو سوجهرو ڪونہ رهيو، ۽ رات جو بہ ساڳيو حال ٿيو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Muslim Sindhi Bible

12 چوٿين ملائڪ توتارو وڄايو تہ سج، چنڊ ۽ تارن جي ٽئين حصي کي نقصان پهتو، جنهن ڪري انهن جو ٽيون حصو اونداهو ٿي پيو. مطلب تہ ڏينهن توڙي رات جو ٽيون حصو روشني وڃائي ويٺو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Common Language New Testament

12 چوٿين ملائڪ توتارو وڄايو تہ سج، چنڊ ۽ تارن جي ٽئين حصي کي نقصان پھتو، جنھن ڪري انھن جو ٽيون حصو اونداھو ٿي پيو ۽ ڏينھن ۽ رات جو بہ ٽيون حصو اونداھو ٿي پيو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




مڪاشفو 8:12
26 Iomraidhean Croise  

”مصيبت وارن انهن ڏينهن کان پوءِ جلد ئي سج ڪاراٽجي ويندو، چنڊ پنهنجي روشني وڃائي ويهندو، تارا آڪاش مان ڪرندا ۽ آڪاشي طاقتون لُڏي وينديون.


منجھند جو سڄي ملڪ ۾ اونداهي ڇانئجي ويئي، جيڪا اٽڪل ٽي بجي تائين هلي.


يسوع کين وڌيڪ چيو تہ ”مصيبت وارن انهن ڏينهن کان پوءِ سج ڪاراٽجي ويندو ۽ چنڊ پنهنجي روشني وڃائي ويهندو.


منجھند جو سڄي ملڪ ۾ اونداهي ڇانئجي ويئي، جيڪا اٽڪل ٽي بجي تائين رهي.


”پوءِ ڪو وقت ايندو جو سج، چنڊ ۽ تارن ۾ نشان ظاهر ٿيندا ۽ ڌرتيءَ تي قومن ۾ سمنڊ جي ڇولين جي وڏي شور ڪري خوف ۽ هراس ڇانئجي ويندو.


تڏهن سج ڪاراٽجي ويندو ۽ چنڊ رت جهڙو ڳاڙهو ٿي پوندو. هائو، اهو سڀ مون پرميشور جي مهان ۽ جوت واري ڏينهن جي اچڻ کان پهريائين ٿيندو.


اهي وشواس نہ ٿا آڻين، ڇاڪاڻ تہ شيطان جنهن کي هو هن سنسار جو ڀڳوان ڪري مڃين ٿا، تنهن سندن عقل کي انڌو ڪري ڇڏيو آهي. هو چاهي ٿو تہ مسيح جيڪو ايشور جو روپ آهي، تنهن جي مهانتا جي باري ۾ خوشخبريءَ جي روشني هو ڏسي نہ سگھن.


انهيءَ پنهنجي پڇ سان آڪاش جي تارن جو ٽيون حصو ڇڪي ڌرتيءَ تي ڪيرائي وڌو. پوءِ ازدها ٻار ڄڻيندڙ انهيءَ ناريءَ جي اڳيان وڃي بيهي رهيو، تہ جيئن سندس ٻار کي پيدا ٿيندي ئي ڳڙڪائي ڇڏي.


پنجين دوت پنهنجو پيالو انهيءَ حيوان جي تخت تي هاريو تہ انهيءَ جي راڄ ۾ اوندهہ ٿي ويئي. ماڻهو سور سببان پنهنجيون زبانون چٻاڙيندا


جڏهن گھيٽڙي ڇهين مُهر ٽوڙي تڏهن مون ڏٺو تہ ڌرتيءَ تي هڪڙو وڏو زلزلو آيو. سج پنهنجي روشني وڃائي ڄڻ ڪارو ويس ڍڪيو ۽ سڄو چنڊ رت جهڙو ڳاڙهو ٿي پيو.


پوءِ انهن چئني دوتن کي ڇوڙيو ويو تہ جيئن انسانن جي ٽئين حصي کي ماري ڇڏين. اهي دوت ان خاص مهل، ڏينهن، مهيني ۽ سال جي لاءِ تيار بيٺا هئا.


اهي ٽيئي آفتون يعني باهہ، دونهون ۽ گندرف جيڪي گھوڙن جي وات مان پئي نڪتيون، تن انسانن جي ٽئين حصي کي ماري ڇڏيو.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan