Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




مڪاشفو 8:10 - Hindu Sindhi Bible

10 جڏهن ٽئين دوت توتارو وڄايو تہ مشعل وانگر ٻرندڙ هڪڙو وڏو تارو آڪاش مان دريائن جي ٽئين حصي ۽ پاڻيءَ جي چشمن مٿان ڪري پيو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

10 ۽ ٽئين ملائڪ تري وڄائي تہ هڪڙو وڏو تارو، مشعل وانگر ٻرندڙ، آسمان مان ڪِري پيو، ۽ ندين جي ٽئين حصي مٿان ۽ پاڻيءَ جي چشمن جي مٿان اچي پيو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Muslim Sindhi Bible

10 جڏهن ٽئين ملائڪ توتارو وڄايو تہ مشعل وانگر ٻرندڙ هڪڙو وڏو تارو آسمان مان دريائن جي ٽئين حصي ۽ پاڻيءَ جي چشمن مٿان ڪري پيو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Common Language New Testament

10 جڏھن ٽئين ملائڪ توتارو وڄايو تہ ھڪڙو مشعل وانگر ٻرندڙ وڏو تارو آسمان مان دريائن جي ٽئين حصي ۽ پاڻيءَ جي چشمن مٿان ڪري پيو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




مڪاشفو 8:10
21 Iomraidhean Croise  

”منش‌پتر جي موٽي اچڻ واري ڏينهن آڪاش جو راڄ ڪنوار جي انهن ڏهن ساهيڙين وانگر هوندو جيڪي هڪڙيءَ رات پنهنجا ڏيئا کڻي گھوٽ جي آڌرڀاءَ لاءِ ٻاهر نڪري آيون.


يسوع انهن کي چيو تہ ”بيشڪ، مون شيطان کي شڪست کائي ائين ڪرندي ڏٺو آهي جيئن آڪاش مان کِنوڻ اچيو ڪري.


اِهي سمنڊ جون بي‌قابو ڇوليون آهن، جيڪي پنهنجي بي‌شرميءَ جي گَج ٿيون اڇلائين. هو آڪاش جا ڀَٽڪندڙ تارا آهن، جن لاءِ هميشہ گھُگھُہ اونداهي رکي ويئي آهي.


اهي ست تارا جيڪي تون منهنجي ساڄي هٿ ۾ ڏسين ٿو، تن جو ۽ ستن سونن شمعدانن جو ڀيد هي آهي تہ ست تارا ستن منڊلين جا دوت آهن ۽ ست شمعدان ست منڊليون آهن.“


انهيءَ پنهنجي پڇ سان آڪاش جي تارن جو ٽيون حصو ڇڪي ڌرتيءَ تي ڪيرائي وڌو. پوءِ ازدها ٻار ڄڻيندڙ انهيءَ ناريءَ جي اڳيان وڃي بيهي رهيو، تہ جيئن سندس ٻار کي پيدا ٿيندي ئي ڳڙڪائي ڇڏي.


هُن وڏي آواز سان چيو تہ ”ايشور جو خوف رکندي سندس مهانتا ڪريو، ڇاڪاڻ تہ سندس عدالت جو وقت اچي پهتو آهي. انهيءَ جي ڀڳتي ڪريو، جنهن آڪاش، ڌرتي، سمنڊ ۽ پاڻيءَ جا چشما پيدا ڪيا آهن.“


جڏهن ٽئين دوت پنهنجو پيالو دريائن ۽ پاڻيءَ جي چشمن تي هاريو تہ انهن جو پاڻي بہ رت ٿي پيو.


آڪاش جا تارا ڌرتيءَ تي ائين ڪري پيا، جيئن زوردار هوا ۾ انجير جو ڪچو ڦر وڻ مان ڪري پوندو آهي.


پهرئين دوت توتارو وڄايو تہ رت سان گڏيل ڳڙا ۽ باهہ پيدا ٿي، جن کي پوري ڌرتيءَ تي اڇلايو ويو تہ سڄي ڌرتيءَ جو ٽيون حصو وڻن توڙي سائي گاهہ سميت سڙي ويو.


جڏهن پنجين دوت توتارو وڄايو تہ مون آڪاش مان ڌرتيءَ تي ڪريل هڪ تارو ڏٺو. اُن تاري کي اوڙاهہ واري کڏ جي چاٻي ڏني ويئي.


پوءِ انهن چئني دوتن کي ڇوڙيو ويو تہ جيئن انسانن جي ٽئين حصي کي ماري ڇڏين. اهي دوت ان خاص مهل، ڏينهن، مهيني ۽ سال جي لاءِ تيار بيٺا هئا.


اهي ٽيئي آفتون يعني باهہ، دونهون ۽ گندرف جيڪي گھوڙن جي وات مان پئي نڪتيون، تن انسانن جي ٽئين حصي کي ماري ڇڏيو.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan