Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




مڪاشفو 7:4 - Hindu Sindhi Bible

4 مون ٻڌو تہ جن کي مُهر هنئي ويئي، تن جو تعداد هڪ لک چوئيتاليهہ هزار هو. اهي بني اسرائيل جي ٻارهن ئي قبيلن مان هئا، يعني

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

4 ۽ جن تي مهر هنئي ويئي تن جو تعداد مون ٻُڌو تہ بني اسرائيل جي سڀني قبيلن مان هڪ لک ۽ چوئيتاليهہ هزارن تي مهر لڳي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Muslim Sindhi Bible

4 مون ٻڌو تہ جن کي مُهر هنئي ويئي، تن جو تعداد هڪ لک چوئيتاليهہ هزار هو. اهي بني اسرائيل جي ٻارهن ئي قبيلن مان هئا، يعني

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Common Language New Testament

4 مون ٻڌو تہ جن کي مُھر ھنئي ويئي، تن جو تعداد ھڪ لک چوئيتاليھہ ھزار ھو. اھي بني اسرائيل جي ٻارھن قبيلن مان ھئا، يعني:

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




مڪاشفو 7:4
17 Iomraidhean Croise  

يسوع کين چيو تہ ”آءٌ اوهان کي سچ ٿو چوان تہ ايندڙ نئين زماني ۾ نئين سر بحاليءَ وقت جڏهن منش‌پتر پنهنجي شان وَ شوڪت سان تخت تي ويهندو، تہ منهنجي پٺيان هلندڙ اوهين ٻارهن ئي ڄڻا ٻارهن تختن تي ويهندا ۽ بني اسرائيل جي ٻارهن قبيلن جا فيصلا ڪندا.


نوڪر ويو ۽ موٽي اچي ٻڌايائين تہ ’سائين! جيئن اوهان حڪم ڏنو تيئن ئي ڪيو اٿم، پر اڃا بہ جاءِ باقي آهي.‘


اوهين منهنجي راڄ ۾ مون سان گڏ کائيندا پيئندا ۽ اوهان مان هر ڪو تخت تي ويهي بني اسرائيل جي ٻارهن قبيلن جا فيصلا ڪندو.“


انهيءَ وچن جي پوري ٿيڻ جي اميد تي اسان جا ٻارهن ئي قبيلا تن ۽ من سان ڏينهن رات ايشور جي ڀڳتي ڪندا رهندا آهن. اي راجا اگرپا! انهيءَ اميد جي ڪري ئي يهودي مون تي تهمتون هڻن ٿا.


جڏهن تہ بني اسرائيل بابت سنديش ڏيندڙ سنت يسعياہ پڪاري چوي ٿو تہ ”جيتوڻيڪ بني اسرائيل جو تعداد سمنڊ جي واريءَ جي ذرڙن جيترو گھڻو هوندو، تہ بہ انهن مان ڪي ٿورا ئي وڃي بچندا.


هي خط ايشور ۽ پرڀو يسوع مسيح جي داس مون يعقوب جي طرفان اوهان هنڌ هنڌ پکڙيل ماڻهن ڏانهن آهي، جيڪي ايشور جا چونڊيل آهيو. آءٌ اوهان کي نمسڪار ٿو چوان.


پوءِ مون نهاريو تہ ڇا ڏسان تہ گھيٽڙو صيئون جبل تي بيٺو آهي! ساڻس گڏ هڪ لک چوئيتاليهہ هزار ماڻهو آهن، جن جي پيشانين تي هن جو ۽ سندس پتا جو نالو لکيل آهي.


اهو آواز انهن هڪ لک چوئيتاليهہ هزار ماڻهن جو هو، جيڪي تخت توڙي چئني ساهوارن ۽ مهاتمائن جي اڳيان بيهي هڪ نئون ڀڄن ڳائي رهيا هئا. گھيٽڙي مُلهہ ڏيئي انهن ماڻهن کي سنسار مان خريد ڪيو هو ۽ رڳو اهي ئي اهو ڀڄن سکي ٿي سگھيا.


يهوداہ جي قبيلي مان ٻارهن هزارن تي مُهر لڳي، روبن جي قبيلي مان ٻارهن هزارن تي، جد جي قبيلي مان ٻارهن هزارن تي،


ان وقت مون اهو ٻڌو تہ انهن دوتن جي لشڪر ۾ گھوڙي سوارن جو تعداد ويهہ ڪروڙ آهي.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan