Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




مڪاشفو 7:10 - Hindu Sindhi Bible

10 اهي وڏي آواز سان چوڻ لڳا تہ ”مڪتي تخت تي ويٺل اسان جي ايشور جي طرفان ۽ گھيٽڙي جي طرفان آهي.“

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

10 ۽ اهي وڏي آواز سان چوڻ لڳا تہ اسان جو خدا جو تخت تي ويٺو آهي، تنهن وٽان ۽ گهيٽي وٽان نجات آهي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Muslim Sindhi Bible

10 اهي وڏي آواز سان چوڻ لڳا تہ ”ڇوٽڪارو تخت تي ويٺل اسان جي خدا جي طرفان ۽ گھيٽڙي جي طرفان آهي.“

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Common Language New Testament

10 اُھي وڏي آواز سان چوڻ لڳا تہ ”ڇوٽڪارو اسان جي خداوند جي طرفان آھي، جيڪو تخت تي ويٺو آھي، ۽ گھيٽي جي طرفان بہ.“

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




مڪاشفو 7:10
26 Iomraidhean Croise  

تڏهن ئي سڄي انسانذات ايشور جي مڪتي ڏسندي.‘“


ٻئي ڏينهن تي يوحنا يسوع کي پاڻ ڏانهن ايندي ڏسي چيو تہ ”ڏسو، هي ايشور جو گھيٽڙو آهي، جيڪو سنسار جا پاپ کڻي وڃي ٿو.


تہ هن يسوع کي لنگھندي ڏٺو. تڏهن يسوع ڏانهن نهاري چيائين تہ ”ڏسو، اهو اٿوَ ايشور جو گھيٽڙو.“


اوهين سامري انهيءَ جي ڀڳتي ڪريو ٿا جنهن کي اوهين نہ ٿا ڄاڻو. جڏهن تہ اسين يهودي انهيءَ جي ڀڳتي ڪريون ٿا جنهن کي اسين ڄاڻون ٿا، ڇاڪاڻ تہ يهودين منجھان ئي مڪتي آهي.


مطلب تہ ايشور جي ڪرپا جي ڪري ئي اوهين وشواس آڻڻ جي وسيلي بچي ويا آهيو. اهو اوهان جي ڪوشش جي ڪري نہ، پر ايشور جي بخشش جي ڪري ٿيو آهي.


پوءِ مون آڪاش ۾ هڪڙو وڏو آواز ٻڌو، جنهن چيو تہ ”هاڻي اسان جي ايشور جي مڪتي، شڪتي ۽ راڄ ۽ سندس مسيح جي اختياري آئي آهي، ڇاڪاڻ تہ اسان جي ڀائرن ڀينرن تي تهمت هڻڻ وارو، جيڪو رات ڏينهن اسان جي ايشور جي اڳيان مٿن تهمت هڻندو ٿي رهيو، سو هيٺ اڇلايو ويو آهي.


انهن ڳالهين کان پوءِ مون آڪاش ۾ ڄڻ تہ هڪ وڏي ميڙ کي وڏي واڪي هي چوندي ٻڌو تہ ”پرڀو پرميشور جي مهما هجي! مڪتي، تيج ۽ شڪتي اسان جي ايشور جي آهي.


پوءِ تخت تي ويٺل هستيءَ مون کي چيو تہ ”ڏس، آءٌ سڀني شين کي نئون ٿو ڪريان.“ هن هي بہ چيو تہ ”اهو لکي ڇڏ، ڇاڪاڻ تہ هي لفظ سچا ۽ ڀروسي جوڳا آهن.“


انهيءَ شهر ۾ ايشور جي لعنت هيٺ ايندڙ ڪابہ شيءِ ڪونہ هوندي. اتي ايشور ۽ گھيٽڙي جو تخت هوندو ۽ ايشور جا داس ايشور جي ڀڳتي ڪندا.


تخت جي اڳيان بلور جهڙو ڄڻ تہ شيشي جو هڪ سمنڊ هو. تخت جي چوڌاري چئني پاسن تي چار ساهوارا هئا، جن کي اڳيان توڙي پٺيان اکيون ئي اکيون هيون.


گھيٽڙي اڳتي وڌي تخت تي ويٺل هستيءَ جي ساڄي هٿ مان اهو ويڙهوٽو ورتو.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan