Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




مڪاشفو 7:1 - Hindu Sindhi Bible

1 انهيءَ کان پوءِ مون ڌرتيءَ جي چئني ڪنڊن وٽ چار دوت بيٺل ڏٺا. اهي ڌرتيءَ جي چئني هوائن کي هلڻ کان روڪيو بيٺا هئا، تہ جيئن ڌرتيءَ، سمنڊ يا ڪنهن بہ وڻ کي طوفاني هوا نہ لڳي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

1 انهي کانپوءِ زمين جي چئني ڪنڊن تي چار ملائڪ بيٺل هئا، جي زمين جي چئني هوائن کي جهليو بيٺا هئا، تہ زمين تي، يا سمنڊ تي يا ڪنهن بہ وڻ تي هوا اصل ئي نہ لڳي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Muslim Sindhi Bible

1 انهيءَ کان پوءِ مون ڌرتيءَ جي چئني ڪنڊن وٽ چار ملائڪ بيٺل ڏٺا. اهي ڌرتيءَ جي چئني هوائن کي هلڻ کان روڪيو بيٺا هئا، تہ جيئن زمين، سمنڊ يا ڪنهن بہ وڻ کي طوفاني هوا نہ لڳي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Common Language New Testament

1 انھيءَ کان پوءِ مون زمين جي چئني ڪنڊن وٽ چار ملائڪ بيٺل ڏٺا، جيڪي زمين جي چئني ھوائن کي روڪيو بيٺا ھئا تہ جيئن زمين، سمنڊ يا ڪنھن بہ وڻ کي ھوا نہ لڳي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




مڪاشفو 7:1
23 Iomraidhean Croise  

تڏهن وڏي آواز سان توتاري جي وڄندي ئي هو پنهنجي دوتن کي هر طرف موڪليندو، جيڪي ڌرتيءَ جي هڪ ڇيڙي کان وٺي ٻئي ڇيڙي تائين ايشور جي چونڊيلن کي آڻي گڏ ڪندا.“


پوءِ هو دوتن کي هر طرف موڪليندو، تہ جيئن اهي ايشور جي چونڊيل سڀني ماڻهن کي آڻي گڏ ڪن جيڪي ڌرتيءَ جي هڪ ڇيڙي کان وٺي ٻئي ڇيڙي تائين پکڙيل آهن.“


هو ٻاهر نڪري ڌرتيءَ جي چئني ڪنڊن جي قومن، يعني جوج ۽ ماجوج کي ڀڙڪائيندو ۽ کين جنگ جي لاءِ گڏ ڪندو. انهن جو تعداد سمنڊ جي واريءَ جي ذرڙن جيترو آهي.


مون ڄڻ تہ چئني ساهوارن جي وچ مان هي آواز ٻڌو تہ ”ڏڪار پيدا ڪر تہ جيئن هڪ ڏينهن جي مزدوريءَ جي عيوض رڳو هڪ ڪلوگرام ڪڻڪ يا ٽي ڪلوگرام جَوَ ٿين. پر زيتون جي تيل ۽ مئي کي زيان نہ ڪر.“


”جيستائين اسين پنهنجي ايشور جي داسن جي پيشانين تي مُهر نہ هڻون، تيستائين اوهين نہ ڌرتيءَ، نڪي سمنڊ ۽ نہ وري وڻن کي نقصان رسائجو.“


پهرئين دوت توتارو وڄايو تہ رت سان گڏيل ڳڙا ۽ باهہ پيدا ٿي، جن کي پوري ڌرتيءَ تي اڇلايو ويو تہ سڄي ڌرتيءَ جو ٽيون حصو وڻن توڙي سائي گاهہ سميت سڙي ويو.


ان آواز انهيءَ ڇهين دوت کي چيو تہ ”جيڪي چار دوت وڏي درياءَ فرات وٽ ٻڌل آهن، تن کي ڇوڙي ڇڏ.“


انهيءَ ماڪڙ کي چيو ويو تہ ”ڌرتيءَ جي گاهہ توڙي وڻن کي، بلڪ ڪنهن بہ ساوڪ کي نقصان نہ رسائجو. رڳو انهن ماڻهن کي نقصان رسائجو، جن جي پيشانين تي ايشور جي مُهر لڳل نہ هجي.“


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan