Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




مڪاشفو 5:9 - Hindu Sindhi Bible

9 گھيٽڙي جي پيرن تي ڪرندي ئي اهي هڪڙو نئون ڀڄن ڳائڻ لڳا تہ ”تون ئي اهو ويڙهوٽو وٺڻ ۽ انهيءَ جي مُهرن کي ٽوڙڻ جي لائق آهين، ڇاڪاڻ تہ تون ڪُٺو ويو هئين، ۽ تو پنهنجي رت سان سڀ ڪنهن قوم، قبيلي، ٻوليءَ ۽ ذات منجھان ماڻهن کي ايشور جي لاءِ خريد ڪيو آهي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

9 ۽ هڪڙو نئون راڳ ڳائڻ لڳا، تہ تون انهي ڪتاب وٺڻ ۽ اُنهي جي مهرن کولڻ جي لائق آهين: ڇالاءِ جو تون ڪُٺو ويو هئين، ۽ سڀ ڪنهن قبيلي، ۽ ٻوليءَ، ۽ اُمت، ۽ قوم جي ماڻهن کي پنهنجي رت سان تو ملهہ ورتو آهي،

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Muslim Sindhi Bible

9 گھيٽڙي جي پيرن تي ڪرندي ئي اهي هڪڙو نئون گيت ڳائڻ لڳا تہ ”تون ئي اهو ويڙهوٽو وٺڻ ۽ انهيءَ جي مُهرن کي ٽوڙڻ جي لائق آهين، ڇاڪاڻ تہ تون ڪُٺو ويو هئين، ۽ تو پنهنجي رت سان سڀ ڪنهن قوم، قبيلي، ٻوليءَ ۽ ذات منجھان ماڻهن کي خدا جي لاءِ خريد ڪيو آهي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Common Language New Testament

9 پوءِ اُھي ھڪڙو نئون گيت ڳائڻ لڳا تہ ”تون ئي اھو ڪتاب وٺڻ ۽ ان جي مُھرن ٽوڙڻ جي لائق آھين. ڇالاءِ⁠جو تون ڪُٺو ويو ھئين، ۽ سڀ ڪنھن قبيلي، ٻوليءَ، امت ۽ قوم منجھان، ماڻھن کي تو پنھنجي رت سان خدا جي لاءِ خريد ڪيو آھي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




مڪاشفو 5:9
41 Iomraidhean Croise  

ساڳيءَ طرح منش‌پتر بہ انهيءَ لاءِ نہ آيو آهي تہ ٻيا سندس سيوا ڪن، بلڪ انهيءَ لاءِ آيو آهي تہ پاڻ ٻين جي سيوا ڪري ۽ گھڻن کي بچائڻ واسطي پنهنجي جان عيوضي طور ڏئي.“


هي منهنجو رت آهي، جيڪو گھڻن ئي جي پاپن جي معافيءَ لاءِ وهائجي ٿو ۽ جنهن سان ايشور جو وچن ٻڌجي ٿو.


اوهين پاڻ سان گڏ انهيءَ سڄي ڌڻ جي سنڀال ڪجو، جنهن لاءِ پوِتر آتما اوهان کي ڌنار مقرر ڪيو آهي. سو ايشور جي انهيءَ منڊليءَ کي سنڀاليندا رهجو، جيڪا هن پنهنجي پٽ جي رت سان خريد ڪئي آهي.


ڇاڪاڻ تہ اوهين مُلهہ ڏيئي ورتل آهيو. تنهنڪري اوهين پنهنجي شرير سان ايشور جي جوت ظاهر ڪريو.


مُلهہ ڏيئي اوهين خريد ڪيا ويا آهيو، سو ڪنهن انسان جا غلام نہ ٿيو.


انهيءَ پٽ ۾ ئي سندس رت جي وسيلي اسين ڇڏايا وڃون ٿا، يعني اسان جا پاپ معاف ڪيا وڃن ٿا. اهو ايشور جي انهيءَ ڪرپا جي دولت موجب آهي،


جنهن جي وسيلي اسان کي مڪتي، يعني پاپن جي معافي ملي آهي.


پر شرط هي آهي تہ جيڪا خوشخبري اوهان ٻڌي آهي تنهن جي اميد نہ ڇڏيو ۽ اوهان جو وشواس انهيءَ خوشخبريءَ جي بنياد تي مضبوط ۽ قائم رهي. انهيءَ خوشخبريءَ جو پرچار آڪاش هيٺان رهندڙ سڄي مخلوق ۾ ڪيو ويو آهي ۽ آءٌ پولس انهيءَ خوشخبريءَ جو سيوڪ ٿيو آهيان.


هن اسان جي خاطر پنهنجي جان ڏيئي ڇڏي، انهيءَ لاءِ تہ ان جي عيوض اسان کي هر طرح جي بڇڙائيءَ کان ڇڏائي ۽ پوِتر ڪري پنهنجي لاءِ هڪ اهڙي خاص قوم بڻائي، جيڪا نيڪ ڪم ڪرڻ ۾ سرگرم هجي.


جيڪي ماڻهو اهڙيون ڳالهيون ڪندا آهن، سي ظاهر ڪندا آهن تہ ”اسان جو ديس ڪو ٻيو آهي، جنهن جا اسين خواهشمند آهيون.“


پر جهڙيءَ طرح بني اسرائيل ۾ سنديش ڏيندڙ سنت سڏائڻ وارا ڪوڙا ماڻهو هئا، تهڙيءَ طرح اوهان ۾ بہ ڪوڙي سکيا ڏيندڙ ظاهر ٿيندا. اهي ڳُجھيءَ طرح برباد ڪندڙ ڪوڙيون ڳالهيون ڦهلائيندا. ايتري قدر جو هو انهيءَ مالڪ جو بہ انڪار ڪندا، جنهن کين مُلهہ ڏيئي خريد ڪيو هو. ائين هو پاڻ تي جلد ئي بربادي آڻيندا.


پر جيڪڏهن اسين روشنيءَ ۾ هلون ٿا، جيئن ايشور پاڻ روشنيءَ ۾ آهي، تہ پوءِ اسان جو هڪٻئي سان ميل ميلاپ آهي ۽ سندس پٽ يسوع جو رت اسان کي سڀني پاپن کان پوِتر ڪري ٿو ڇڏي.


اهو ئي اسان جي پاپن جو ڪفارو ڏيڻ وارو ٻليدان آهي، نہ رڳو اسان جي، بلڪ سڄي سنسار جي پاپن جو ڪفارو پڻ.


پوءِ مون کي چيو ويو تہ ”تو لاءِ اهو لازم آهي تہ تون گھڻين قومن، قبيلن، ٻولين وارن ۽ راجائن جي باري ۾ ايشور جو وڌيڪ فرمان ٻڌاءِ.“


انهن جي لاشن کي سڀني قومن، قبيلن، ٻولين وارن ۽ ذاتين منجھان ڪجھہ ماڻهو ساڍن ٽن ڏينهن تائين ڏسندا رهيا ۽ کين دفن ٿيڻ نہ ڏنائون.


انهيءَ کي اهو اختيار ڏنو ويو تہ مسيح ۾ چونڊي پوِتر ڪيلن سان جنگ ڪري کين شڪست ڏئي. هن کي سڀني قومن، قبيلن، ٻولين وارن ۽ ذاتين تي حڪمرانيءَ جو اختيار ڏنو ويو.


ڌرتيءَ جا سڀيئي رهاڪو انهيءَ حيوان اڳيان سيس نوائيندا، سواءِ انهن جي جن جا نالا سنسار جي شروعات کان وٺي جيون شاستر ۾ لکيل آهن، جيڪو ڪُٺل گھيٽڙي جو آهي.


تنهن کان پوءِ مون هڪڙو دوت مٿي اڏامندي ڏٺو، جنهن وٽ ڌرتيءَ جي رهاڪن يعني سڀني قومن، قبيلن، ٻولين وارن ۽ ذاتين کي ٻڌائڻ لاءِ هميشہ واري خوشخبري هئي.


اهي ايشور جي داس موسيٰ جو راڳ ڳائين پيا ۽ گھيٽڙي جو راڳ ڳائيندي چون پيا تہ ”اي پرڀو، سروِشڪتيوان ايشور! تنهنجا ڪم ڪيڏا نہ وڏا ۽ عجيب آهن! هائو، اي قومن جا راجا! تنهنجا ڪم ڪيڏا نہ انصاف وارا ۽ سچا آهن!


پوءِ دوت مون کي چيو تہ ”جن دريائن جي ڀرسان تو وئشيا کي ويٺل ڏٺو، سي قومون، قبيلا، ٻولين وارا ۽ ذاتيون آهن.


”اي پرڀو، اسان جا ايشور! تون مهما، مان‌سمان ۽ شڪتيءَ جي لائق آهين، ڇاڪاڻ تہ تو ئي سڀ شيون پيدا ڪيون آهن. هائو، تنهنجي ئي مرضيءَ سان هر ڪا شيءِ پيدا ٿي ۽ وجود ۾ آئي آهي.“


اهي وڏي آواز سان چئي رهيا هئا تہ ”گھيٽڙو جيڪو ڪُٺو ويو آهي، سو ئي شڪتي، دولت، ڏاهپ، طاقت، مان‌سمان، مهانتا ۽ مهما جي لائق آهي.“


پوءِ مون چئن ساهوارن ۽ انهن مهاتمائن جي وچ ۾ رکيل انهيءَ تخت وٽ هڪڙو گھيٽڙو بيٺل ڏٺو. ائين ٿي لڳو تہ هن کي ڪُٺو ويو هجي. انهيءَ کي ست سڱ ۽ ست اکيون هيون. اهي اکيون ايشور جون ست آتمائون آهن جيڪي سڄي ڌرتيءَ تي موڪليون ويون آهن.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan