Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




مڪاشفو 5:1 - Hindu Sindhi Bible

1 اتي تخت تي ويٺل هستيءَ جي ساڄي هٿ ۾ مون هڪڙو ويڙهوٽو ڏٺو، جيڪو اندران ۽ ٻاهران لکيل هو. اهو ستن مُهرن سان بند ٿيل هو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

1 جيڪو تخت تي ويٺو هو، تنهن جي ساڄي هٿ ۾ مون هڪڙو ڪتاب ڏٺو، جو اندران ۽ ٻاهران لکيل هو ۽ ستن مهرن سان بند ٿيل هو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Muslim Sindhi Bible

1 اتي تخت تي ويٺل هستيءَ جي ساڄي هٿ ۾ مون هڪڙو ويڙهوٽو ڏٺو، جيڪو اندران ۽ ٻاهران لکيل هو. اهو ستن مُهرن سان بند ٿيل هو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Common Language New Testament

1 پوءِ مون تخت تي ويٺل جي ساڄي ھٿ ۾ ھڪڙو ڪتاب ڏٺو، جيڪو اندران ۽ ٻاھران لکيل ھو. اھو ستن مُھرن سان بند ٿيل ھو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




مڪاشفو 5:1
16 Iomraidhean Croise  

هن جي هٿ ۾ هڪڙو ننڍڙو کُليل ويڙهوٽو هو. هن پنهنجو ساڄو پير سمنڊ تي ۽ کاٻو پير زمين تي رکيو.


جيڪو انهيءَ تي ويٺو هو، سو زبرجد ۽ عقيق جهڙو چمڪندڙ نظر پئي آيو ۽ تخت جي چوڌاري انڊلٺ هئي جيڪا ڏسڻ ۾ زمرد جهڙي روشن هئي.


جڏهن اهي ساهوارا انهيءَ جي مهما، مان‌سمان ۽ شڪرگذاري ڪن ٿا جيڪو تخت تي ويٺو آهي ۽ هميشہ هميشہ تائين جيوت رهندو،


پوءِ سموري مخلوق جيڪا آڪاش ۾، ڌرتيءَ تي، ڌرتيءَ جي هيٺان ۽ سمنڊ ۾ آهي، تن سڀني کي مون هي چوندي ٻڌو تہ ”جيڪو تخت تي ويٺو آهي، تنهن جي ۽ گھيٽڙي جي مهما، مان‌سمان، مهانتا ۽ شڪتي شل هميشہ هميشہ تائين قائم رهي.“


گھيٽڙي اڳتي وڌي تخت تي ويٺل هستيءَ جي ساڄي هٿ مان اهو ويڙهوٽو ورتو.


پوءِ مون ڏٺو تہ جڏهن گھيٽڙي انهن ستن مُهرن مان هڪ کي ٽوڙيو، تڏهن انهن چئن ساهوارن مان هڪڙي کي گجگوڙ جهڙي آواز سان چوندي ٻڌم تہ ”اچ.“


اهي جبلن ۽ ڇِپن کي منٿون ڪرڻ لڳا تہ ”اسان تي ڪري پئو تہ جيئن تخت تي ويٺل هستيءَ جي نظر کان ۽ گھيٽڙي جي ڏمر کان اسين لڪي وڃون،


جڏهن گھيٽڙي ستين مُهر ٽوڙي تہ اٽڪل اڌ ڪلاڪ تائين آڪاش ۾ ماٺ ٿي ويئي.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan