Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




مڪاشفو 4:9 - Hindu Sindhi Bible

9 جڏهن اهي ساهوارا انهيءَ جي مهما، مان‌سمان ۽ شڪرگذاري ڪن ٿا جيڪو تخت تي ويٺو آهي ۽ هميشہ هميشہ تائين جيوت رهندو،

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

9 ۽ جيڪو تخت تي ويٺو آهي، ۽ جو هميشہ آباد آهي تنهن جي، جڏهن اهي جاندار تعظيم ۽ عزت ۽ شڪرگذاري ٿا ڪن،

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Muslim Sindhi Bible

9 جڏهن اهي ساهوارا انهيءَ جي واکاڻ، عزت ۽ شڪرگذاري ڪن ٿا جيڪو تخت تي ويٺو آهي ۽ هميشہ هميشہ تائين زندہ رهندو،

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Common Language New Testament

9 جڏھن اھي ساھوارا انھيءَ جي تعظيم، عزت ۽ شڪرگذاريءَ جا گيت ڳائين ٿا جيڪو تخت تي ويٺو آھي ۽ ھميشہ زندہ رھندو،

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




مڪاشفو 4:9
20 Iomraidhean Croise  

انهيءَ ڪري جيڪي سندس وسيلي ايشور ڏانهن اچن ٿا، تن کي هميشہ لاءِ هو مڪمل مڪتي ڏيئي ٿو سگھي، ڇاڪاڻ تہ انهن جي سفارش لاءِ هو هميشہ جيوت آهي.


لاوي جيڪي ڏهون حصو وٺن ٿا سي ناس ٿيندڙ انسان آهن، جڏهن تہ ملڪِ‌صدق جنهن ابرهام کان ڏهون حصو ورتو، تنهن جي باري ۾ پوِتر شاستر شاهدي ڏئي ٿو تہ هو جيوت آهي.


۽ اهو آهيان جيڪو جيوت رهان ٿو. آءٌ مري تہ ويو هئس، پر ڏس آءٌ هميشہ تائين جيوت رهان ٿو. موت توڙي مئلن جي سنسار جون چاٻيون مون وٽ آهن.


۽ هميشہ هميشہ تائين جيوت رهندڙ ايشور جنهن آڪاش، ڌرتي، سمنڊ ۽ جيڪي انهن ۾ آهي تن کي پيدا ڪيو آهي، انهيءَ جو قسم کڻي چيائين تہ ”هاڻي وڌيڪ دير نہ ٿيندي.


پوءِ انهن چئن ساهوارن مان هڪڙي انهن ستن دوتن کي ست سونا پيالا ڏنا، جيڪي هميشہ هميشہ تائين جيوت رهندڙ ايشور جي ڏمر سان ڀريل هئا.


پوءِ تخت تي ويٺل هستيءَ مون کي چيو تہ ”ڏس، آءٌ سڀني شين کي نئون ٿو ڪريان.“ هن هي بہ چيو تہ ”اهو لکي ڇڏ، ڇاڪاڻ تہ هي لفظ سچا ۽ ڀروسي جوڳا آهن.“


تڏهن هڪدم آءٌ پوِتر آتما جي ضابطي ۾ اچي ويس ۽ ڇا ڏسان تہ آڪاش تي هڪڙو تخت رکيل آهي ۽ انهيءَ تخت تي ڪا هستي ويٺي آهي!


انهن چئني ساهوارن مان هر هڪ کي ڇهہ پر هئا ۽ چوڌاري ٻاهرين توڙي اندرين پاسي اکين سان ڀريا پيا هئا. اهي رات ڏينهن سدائين اهو چون پيا تہ ”پوِتر، پوِتر، پوِتر، پرڀو پرميشور سروِشڪتيوان، جيڪو هو، جيڪو آهي ۽ جيڪو اچي عدالت ڪندو.“


اتي تخت تي ويٺل هستيءَ جي ساڄي هٿ ۾ مون هڪڙو ويڙهوٽو ڏٺو، جيڪو اندران ۽ ٻاهران لکيل هو. اهو ستن مُهرن سان بند ٿيل هو.


اهي جبلن ۽ ڇِپن کي منٿون ڪرڻ لڳا تہ ”اسان تي ڪري پئو تہ جيئن تخت تي ويٺل هستيءَ جي نظر کان ۽ گھيٽڙي جي ڏمر کان اسين لڪي وڃون،


انهيءَ ڪري هي ايشور جي تخت جي اڳيان آهن ۽ سندس هيڪل ۾ رات ڏينهن سندس ڀڳتي پيا ڪن ۽ جيڪو تخت تي ويٺو آهي، سو هنن جي مٿان تنبوءَ وانگر ڇانوَ ڪندو ٿو رهي.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan