Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




مڪاشفو 4:5 - Hindu Sindhi Bible

5 انهيءَ تخت مان کِنوڻين جا چمڪاٽ، وڏا آواز ۽ گجگوڙون پئي نڪتيون. تخت جي اڳيان ست باهہ جا مشعل پئي ٻريا، جيڪي ايشور جون ست آتمائون آهن.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

5 ۽ انهي تخت مان کنوڻيون، ۽ آواز ۽ گجگوڙيون پئي نڪتيون. تخت جي اڳيان ست باهہ جا مشعل پئي ٻريا، جي خدا جا ست روح آهن؛

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Muslim Sindhi Bible

5 انهيءَ تخت مان کِنوڻين جا چمڪاٽ، وڏا آواز ۽ گجگوڙون پئي نڪتيون. تخت جي اڳيان ست باهہ جا مشعل پئي ٻريا، جيڪي خدا جا ست روح آهن.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Common Language New Testament

5 انھيءَ تخت مان کوڻيون، آواز ۽ گجگوڙون پئي نڪتيون. تخت جي اڳيان ست باھہ جا مشعل پئي ٻريا، جيڪي خدا جا ست روح آھن.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




مڪاشفو 4:5
24 Iomraidhean Croise  

”منش‌پتر جي موٽي اچڻ واري ڏينهن آڪاش جو راڄ ڪنوار جي انهن ڏهن ساهيڙين وانگر هوندو جيڪي هڪڙيءَ رات پنهنجا ڏيئا کڻي گھوٽ جي آڌرڀاءَ لاءِ ٻاهر نڪري آيون.


آءٌ اوهان کي پاڻيءَ سان بپتسما ٿو ڏيان ان لاءِ تہ اوهان پاپن کان توبهہ ڪئي آهي. پر جيڪو مون کان پوءِ ايندو سو اوهان کي پوِتر آتما ۽ باهہ سان بپتسما ڏيندو. آءٌ هن جهڙو نہ آهيان، هو شڪتيءَ وارو آهي. آءٌ سندس جتي کڻڻ جي لائق بہ نہ آهيان.


تڏهن انهن کي باهہ جهڙيون ڄڀون نظر آيون جيڪي ڌار ڌار ٿي هر هڪ تي اچي ويٺيون.


هي سنديش يوحنا جي طرفان وشواسين جي انهن ستن منڊلين ڏانهن آهي جيڪي آسيا صوبي ۾ آهن. شل اوهان تي ايشور جي ڪرپا ۽ شانتي هجي، جيڪو آهي، جيڪو هو ۽ جيڪو اچي عدالت ڪندو. انهيءَ کان علاوہ جيڪي ست آتمائون ايشور جي تخت جي اڳيان آهن، تن وٽان بہ اوهان تي ڪرپا ۽ شانتي هجي


پوءِ هن وڏي آواز سان اهڙي رڙ ڪئي جهڙي شينهن جي گجگوڙ. هن جي رڙ ڪرڻ سان گجندڙ ڪڪرن جا ست آواز ٿيا.


پوءِ ايشور جي هيڪل جيڪا آڪاش ۾ آهي، سا کولي ويئي تہ هيڪل ۾ سندس ٻڌل وچن واري صندوق نظر آئي. تڏهن کِنوڻين جا چمڪاٽ، وڏا آواز ۽ گجگوڙون ٿيڻ لڳيون، ڌرتيءَ تي زلزلو آيو ۽ وڏا وڏا ڳڙا پيا.


هن مون کي سرديس واري وشواسي منڊليءَ جي دوت ڏانهن اهو لکڻ لاءِ چيو تہ جنهن وٽ ايشور جون ست آتمائون ۽ ست تارا آهن، سو تنهنجي منڊليءَ وارن کي فرمائي ٿو تہ ”آءٌ اوهان جي عملن کي ڄاڻان ٿو. ماڻهو اوهان کي آتما جي لحاظ کان جيوت سمجھن ٿا، پر اوهين تہ مئل آهيو.


پوءِ مون چئن ساهوارن ۽ انهن مهاتمائن جي وچ ۾ رکيل انهيءَ تخت وٽ هڪڙو گھيٽڙو بيٺل ڏٺو. ائين ٿي لڳو تہ هن کي ڪُٺو ويو هجي. انهيءَ کي ست سڱ ۽ ست اکيون هيون. اهي اکيون ايشور جون ست آتمائون آهن جيڪي سڄي ڌرتيءَ تي موڪليون ويون آهن.


پوءِ دوت اهو خوشبودان کڻي انهيءَ کي ٻليدان واري جاءِ جي باهہ سان ڀري ڌرتيءَ تي اڇلائي ڇڏيو. تنهن تي گجگوڙون، وڏا آواز ۽ کِنوڻين جا چمڪاٽ ٿيڻ لڳا ۽ زلزلو آيو.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan