Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




مڪاشفو 3:5 - Hindu Sindhi Bible

5 هائو، جيڪو آزمائشن تي حاوي پوندو، تنهن کي اهڙيءَ طرح اڇا ڪپڙا پهرايا ويندا. آءٌ سندس نالو جيون شاستر مان اصل ڪونہ ڪڍندس، بلڪ آءٌ پنهنجي پتا ۽ سندس دوتن جي اڳيان اقرار ڪندس تہ اهو شخص منهنجو آهي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

5 جيڪو غالب پوندو تنهن کي انهيءَ طرح اڇا ڪپڙا ڍڪايا ويندا؛ ۽ آئون سندس نالو زندگيءَ جي ڪتاب مان اصل ڪڍي نہ ڇڏيندس، ۽ آئون سندس نالو پنهنجي پيءُ جي اڳيان ۽ سندس ملائڪن جي اڳيان قبول ڪندس.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Muslim Sindhi Bible

5 هائو، جيڪو آزمائشن تي غالب پوندو، تنهن کي اهڙيءَ طرح اڇا ڪپڙا پهرايا ويندا. آءٌ سندس نالو زندگيءَ جي ڪتاب مان اصل ڪونہ ڪڍندس، بلڪ آءٌ پنهنجي پيءُ ۽ سندس ملائڪن جي اڳيان اقرار ڪندس تہ اهو شخص منهنجو آهي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Common Language New Testament

5 جيڪو غالب پوندو، تنھن کي اھڙيءَ طرح پاڪ صاف ڪپڙا پھرايا ويندا. آءٌ سندس نالو زندگيءَ جي ڪتاب مان اصل ڪونہ ڪڍندس، بلڪ آءٌ پنھنجي پيءُ ۽ سندس ملائڪن جي اڳيان اقرار ڪندس تہ اھو شخص منھنجو آھي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




مڪاشفو 3:5
23 Iomraidhean Croise  

”جيڪو ماڻهن جي اڳيان کُليو کُلايو مون کي قبول ڪندو، تنهن کي آءٌ بہ پنهنجي آڪاش واري پتا جي اڳيان قبول ڪندس.


تنهن هوندي بہ انهيءَ ڪري خوش نہ ٿيو تہ ڀوت اوهان جي وس هيٺ ٿيا آهن، بلڪ هن ڪري خوش ٿيو جو اوهان جا نالا ايشور وٽ اُڪريل آهن.“


”آءٌ اوهان کي ٻڌايان ٿو تہ جيڪو مون کي ماڻهن جي اڳيان کُليو کُلايو قبول ڪندو تہ ان کي منش‌پتر بہ ايشور جي دوتن جي اڳيان قبول ڪندو.


اي سچا ساٿي! آءٌ تو کي بہ وينتي ٿو ڪريان تہ انهن نارين جي صلح ڪرائڻ ۾ سندن مدد ڪر. انهن ٻنهي ڪليمنس توڙي منهنجي ٻين ساٿي سيوادارين سان شامل ٿي مون سان گڏجي خوشخبري ڦهلائڻ ۾ سخت محنت ڪئي آهي. هنن سڀني جا نالا ايشور وٽ جيون شاستر ۾ لکيل آهن.


ايشور، جيڪو اوهان کي ٿاٻي کائڻ کان بچائي سگھي ٿو، جيڪو پنهنجي شان وَ شوڪت واري شرڻ ۾ بي‌عيب ۽ خوشيءَ سان ڀرپور ڪري بيهاري سگھي ٿو


ڌرتيءَ جا سڀيئي رهاڪو انهيءَ حيوان اڳيان سيس نوائيندا، سواءِ انهن جي جن جا نالا سنسار جي شروعات کان وٺي جيون شاستر ۾ لکيل آهن، جيڪو ڪُٺل گھيٽڙي جو آهي.


اهو حيوان جيڪو تو ڏٺو، سو اڳي هو ۽ هاڻي ڪونهي. پر اوڙاهہ مان نڪري اچڻ تي آهي ۽ پوءِ برباد ڪيو ويندو. ڌرتيءَ جا اهي رهاڪو جن جا نالا سنسار جي شروعات کان وٺي جيون شاستر ۾ لکيل نہ آهن، سي انهيءَ حيوان جو وري ظاهر ٿيڻ ڏسي عجب ۾ پئجي ويندا، ڇاڪاڻ تہ اهو حيوان اڳي هو ۽ هاڻي ڪونهي.


هن کي سنهي وٽيل سڻيءَ جا صاف سٿرا ۽ چمڪندڙ ڪپڙا پائڻ جو اختيار ڏنو ويو آهي. انهن عمدن ڪپڙن مان مراد مسيح ۾ چونڊي پوِتر ڪيلن جي سچائيءَ وارا ڪم آهن.“


جنهن کي ڪن آهن سو پوِتر آتما جون ڳالهيون ٻڌي جيڪي اها وشواسي منڊلين کي فرمائي ٿي. جيڪو آزمائشن تي حاوي پوندو سو ٻيو موت هرگز نہ ڏسندو.“


جنهن کي ڪن آهن سو پوِتر آتما جون ڳالهيون ٻڌي جيڪي اها وشواسي منڊلين کي فرمائي ٿي. جيڪو آزمائشن تي حاوي پوندو تنهن کي آءٌ جيون ڏيندڙ انهيءَ وڻ جو ميوو کائڻ لاءِ ڏيندس جيڪو ايشور جي باغ، يعني سُرڳ ۾ آهي.“


مون سڀني مئلن، ننڍن توڙي وڏن کي تخت جي اڳيان بيٺل ڏٺو. پوءِ هڪ شاستر، يعني جيون شاستر کوليو ويو. اُن سان گڏ ٻيا شاستر بہ کوليا ويا ۽ جهڙيءَ طرح انهن شاسترن ۾ لکيل هو، تهڙيءَ طرح مئلن جي عملن موجب سندن فيصلو ڪيو ويو.


جنهن جو بہ نالو جيون شاستر ۾ لکيل نہ ڏٺو ويو، تنهن کي انهيءَ باهہ جي ڍنڍ ۾ اڇلايو ويو.


انهيءَ شهر ۾ ڪابہ اپوِتر شيءِ يا ڪوبہ نفرت ۽ ڪوڙ جهڙو ڪم ڪندڙ هرگز داخل ٿي نہ سگھندو. رڳو اهي داخل ٿيندا، جن جا نالا جيون شاستر ۾ لکيل آهن، جيڪو گھيٽڙي جو آهي.


جيڪڏهن ڪو هن شاستر جي ڳالهين مان ڪي گھٽائيندو تہ ايشور جيون ڏيندڙ وڻ ۽ پوِتر شهر مان، جن جي ڳالهہ هن شاستر ۾ ڪيل آهي، انهيءَ شخص جو حصو ڪڍي ڇڏيندو.


جيڪو آزمائشن تي حاوي پوندو، تنهن کي آءٌ پنهنجي ايشور جي هيڪل جو اهڙو ٿنڀو بڻائيندس جيڪو اتي هميشہ تائين قائم رهندو. آءٌ انهيءَ تي پنهنجي ايشور جو نالو ۽ پنهنجي ايشور جي شهر، يعني انهيءَ نئين يروشلم جو نالو اڪريندس، جيڪو منهنجي ايشور وٽان آڪاش کان هيٺ لهي اچڻ وارو آهي. آءٌ پنهنجو نئون نالو بہ انهيءَ ٿنڀي تي اڪريندس.


پر اوهان سرديس وارن جي منڊليءَ ۾ ڪي اهڙا ماڻهو بہ آهن، جن پنهنجا ڪپڙا داغدار نہ ڪيا آهن. اهي اڇا ڪپڙا پائي مون سان گڏ گھمندا، ڇاڪاڻ تہ اهي انهيءَ لائق آهن.


تڏهن انهن مان هر هڪ کي اڇو جبو پارايو ويو ۽ کين چيو ويو تہ ”اوهين اڃا ٿوري وقت تائين آرام ڪريو، جيستائين اوهان سان گڏ سيوا ڪندڙن ۽ اوهان جي ٻين ڀائرن ڀينرن جو تعداد پورو نہ ٿئي، جيڪي اوهان وانگر قتل ڪيا ويندا.“


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan