Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




مڪاشفو 3:3 - Hindu Sindhi Bible

3 تنهنڪري پنهنجو اهو جذبو ياد ڪريو جيڪو اوهان کي سنديش قبول ڪرڻ وقت هو. انهيءَ سکيا تي عمل ڪريو ۽ توبهہ‌تائب ٿيو. جيڪڏهن اوهين سجاڳ نہ ٿيندا تہ آءٌ چور وانگر ايندس. هائو، اوهان کي سڌ ئي ڪانہ پوندي تہ آءٌ ڪهڙي وقت اچي اوهان جي مٿان ڪڙڪندس.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

3 تنهنڪري جيڪي توکي مليو آهي، ۽ جيڪي ٻُڌو اٿيئي، سو ياد رک، ۽ انهي تي قائم رهہ، ۽ توبهہ ڪر. سو جيڪڏهن تون سجاڳ نہ رهندين، تہ آئون چور وانگر ايندس، ۽ توکي خبر ئي ڪانہ پوندي تہ ڪهڙي وقت تنهنجي مٿان اچي پوندس.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Muslim Sindhi Bible

3 تنهنڪري پنهنجو اهو جذبو ياد ڪريو جيڪو اوهان کي پيغام قبول ڪرڻ وقت هو. انهيءَ تعليم تي عمل ڪريو ۽ توبهہ‌تائب ٿيو. جيڪڏهن اوهين سجاڳ نہ ٿيندا تہ آءٌ چور وانگر ايندس. هائو، اوهان کي خبر ئي ڪانہ پوندي تہ آءٌ ڪهڙي وقت اچي اوهان جي مٿان ڪڙڪندس.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Common Language New Testament

3 تنھنڪري جيڪي اوھان کي مليو آھي ۽ جيڪي ٻڌو اٿوَ، تنھن تي عمل ڪريو ۽ توبھہ⁠تائب ٿيو. جيڪڏھن اوھين سجاڳ نہ ٿيندا تہ آءٌ چور وانگر ايندس ۽ اوھان کي خبر ئي ڪانہ پوندي تہ ڪھڙي وقت اچي اوھان جي مٿان ڪڙڪندس.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




مڪاشفو 3:3
24 Iomraidhean Croise  

يسوع وڌيڪ چيو تہ ”انهيءَ ڪري اوهين بہ سجاڳ رهجو، ڇاڪاڻ تہ اوهان کي منش‌پتر جي اچڻ واري ڏينهن ۽ گھڙيءَ جي سڌ نہ آهي.“


سو هوشيار ٿجو ۽ سجاڳ رهجو، ڇاڪاڻ تہ اوهان کي سڌ نہ آهي تہ اهو وقت ڪڏهن ايندو.


ائين نہ ٿئي جو جڏهن هو اوچتو اچي تہ متان اوهان کي ستل ڏسي.


ڇاڪاڻ تہ اوهين پاڻ چڱيءَ طرح ڄاڻو ٿا تہ پرڀو يسوع جي موٽي اچڻ وارو ڏينهن ائين اوچتو ايندو جيئن رات جو ڪو چور ٿو اچي.


اي تيمٿيس! خوشخبريءَ واري امانت جيڪا تو کي سونپي ويئي آهي، تنهن جي سنڀال ڪر. اجائي بڪ بڪ ۽ انهيءَ گيان کان پاسو ڪندو رهہ، جنهن ۾ اختلافي ڳالهيون آهن ۽ جنهن کي گيان چوڻ ئي غلط آهي.


اهي صحيح ڳالهيون جيڪي تو مون کان ٻڌيون، تنهنجي لاءِ هڪ نمونو آهن. سو تون انهن کي انهيءَ وشواس ۽ پريم سان دل ۾ سانڍي ڇڏ، جيڪي مسيح ۾ تو کي آهن.


تنهنڪري لازمي آهي تہ يسوع بابت جيڪي ڳالهيون اسان ٻڌيون آهن، تن تي اسين وڌيڪ ڌيان ڏيون، انهيءَ لاءِ تہ متان لڙهي انهن کان پري نڪري نہ وڃون.


آءٌ اها ڳالهہ لازمي ٿو سمجھان تہ جيستائين آءٌ جيوت آهيان تيستائين اوهان جي دلين کي اُڀارڻ لاءِ يادگيري ڏياريندي هوشيار ڪندو رهان.


اي پريميؤ! آءٌ اوهان ڏانهن هي ٻيو خط لکي رهيو آهيان. ٻنهي خطن ۾ آءٌ اوهان کي اهي ڳالهيون ياد ڏياريندي اوهان جي ذهنن کي سچائيءَ واري سوچ لاءِ اُڀارڻ جي ڪوشش ڪريان ٿو،


ياد رکو، پرميشور جو ڏينهن چور وانگر اوچتو ايندو. انهيءَ ڏينهن جڏهن آڪاشي شيون سخت باهہ جي ڪري ڳري ناس ٿي وينديون، تڏهن آڪاش وڏي ڪڙڪي سان ختم ٿي ويندا ۽ ڌرتي ۽ جيڪي ڪجھہ مٿس آهي سو سڀ سڙي ناس ٿي ويندو.


انهيءَ ڪري پرڀو يسوع فرمائي ٿو تہ ”ڏسو، آءٌ ائين پيو اچان، جيئن چور ايندو آهي. سڀاڳو آهي اهو جيڪو سجاڳ ٿو رهي ۽ پنهنجي پوشاڪ جي سنڀال ٿو ڪري، تہ جيئن اگھاڙو نہ ٿئي ۽ ماڻهو سندس اوگھڙ نہ ڏسن.“


سواءِ انهيءَ جي تہ جيڪي اوهان کي مليو آهي تنهن کي مضبوطيءَ سان جھليو جيستائين آءٌ اچان.


سو ياد ڪريو تہ اوهين ڪٿان ڪريا آهيو ۽ پوءِ توبهہ‌تائب ٿي اڳي وانگر عمل ڪريو. جيڪڏهن اوهان ائين نہ ڪيو تہ آءٌ اوهان وٽ ايندس ۽ اوهان جو شمعدان مقرر جاءِ تان کڻي ڇڏيندس.


جيئن پرڀو يسوع چوي ٿو تہ ”ٻڌو، آءٌ جلد اچڻ وارو آهيان.“ سڀاڳو آهي اهو جيڪو هن شاستر جي ڳالهين مطابق جيون گذاري ٿو.


آءٌ جلد اچڻو آهيان. جيڪي ڪجھہ اوهان وٽ آهي تنهن کي مضبوطيءَ سان جھليو تہ ڪوبہ اوهان جو تاج کسي نہ وٺي.


آءٌ جن سان پيار ڪندو آهيان تن کي ڇينڀ ۽ سيکت بہ ڏيندو آهيان، تنهنڪري سرگرم ٿيو ۽ توبهہ‌تائب ٿيو.


اوهين سجاڳ ٿيو ۽ جيڪي ڪجھہ اوهان وٽ باقي بچيو آهي ۽ ناس ٿيڻ تي آهي تنهن کي مضبوط ڪريو، ڇاڪاڻ تہ مون اوهان جي ڪنهن بہ عمل کي پنهنجي ايشور جي آڏو پورو نہ ڏٺو آهي.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan