Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




مڪاشفو 3:10 - Hindu Sindhi Bible

10 جيئن تہ اوهين منهنجي حڪم مطابق ثابت قدم رهيا آهيو، تنهنڪري آءٌ آزمائش جي انهيءَ گھڙيءَ ۾ اوهان جي سنڀال ڪندس، جيڪا ڌرتيءَ تي رهڻ وارن جي آزمائش لاءِ سڄي سنسار تي اچڻي آهي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

10 ڇالاءِ جو تو منهنجي صبر جي ڪلام تي عمل ڪيو، تنهنڪري آئون بہ توکي آزمائش جي گهڙيءَ کان بچائيندس، اُها گهڙي جا زمين تي رهڻ وارن جي آزمائش لاءِ ساري جهان تي اچڻي آهي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Muslim Sindhi Bible

10 جيئن تہ اوهين منهنجي حڪم مطابق ثابت قدم رهيا آهيو، تنهنڪري آءٌ آزمائش جي انهيءَ گھڙيءَ ۾ اوهان جي حفاظت ڪندس، جيڪا ڌرتيءَ تي رهڻ وارن جي آزمائش لاءِ سڄي جهان تي اچڻي آهي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Common Language New Testament

10 جيئن تہ اوھان منھنجو حڪم مڃي صبر ڪيو، تنھنڪري آءٌ بہ اوھان کي آزمائش جي گھڙيءَ کان بچائيندس، جيڪا ڌرتيءَ تي رھڻ وارن جي آزمائش لاءِ ساري جھان تي اچڻي آھي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




مڪاشفو 3:10
30 Iomraidhean Croise  

آڪاش جي راڄ بابت خوشخبريءَ جو پرچار سڄي سنسار ۾ ڪيو ويندو، تہ جيئن سڀني قومن لاءِ شاهدي ٿئي. تنهن کان پوءِ هن سنسار جي پڄاڻي ٿيندي.“


جاڳندا رهو ۽ پرارٿنا ڪندا رهو تہ شل اوهين ڪنهن آزمائش ۾ نہ پئو. بيشڪ دل تہ چاهي ٿي پر شرير ۾ ايتري طاقت ناهي.“


اسان کي آزمائش ۾ پوڻ نہ ڏي، پر جيڪڏهن آزمائش ۾ پئون تہ اسان کي بڇڙائيءَ کان بچاءِ.‘


آءٌ اوهان کي سچ ٿو چوان تہ سڄي سنسار ۾ جتي بہ ايشور جي راڄ بابت خوشخبريءَ جو پرچار ڪيو ويندو، اُتي هن ناريءَ جي يادگيريءَ ۾ سندس ڪيل هن ڪم جو ذڪر بہ ڪيو ويندو.“


يوحنا جي پيدائش وارن ڏينهن ۾ قيصر اوگوستس هڪڙو حڪم‌نامو جاري ڪيو تہ سڄي رومي حڪومت جي آدمشماري ڪئي وڃي.


سنسار مان جيڪي ماڻهو تو مون کي ڏنا آهن، تن تي مون تو کي ظاهر ڪيو آهي. اهي تنهنجا هئا ۽ تو ئي مون کي ڏنا. انهن تنهنجي ڳالهين تي عمل ڪيو آهي


سڀ کان پهريائين آءٌ اوهان سڀني لاءِ يسوع مسيح جي معرفت پنهنجي ايشور جو شڪر ادا ٿو ڪريان، جو اوهان جي وشواس جون ڳالهيون سڄي سنسار ۾ ٿي رهيون آهن.


اوهان تي اهڙي ڪا آزمائش نہ پيئي آهي جيڪا انسان لاءِ عام نہ هجي. ايشور سچو آهي، هو اوهان کي اهڙي آزمائش ۾ پوڻ ڪين ڏيندو جيڪا اوهان جي سهڻ جي طاقت کان ٻاهر هجي. هائو، جڏهن اوهين آزمائش ۾ پوندا تہ هو اوهان کي برداشت ڪرڻ جي طاقت سان گڏوگڏ انهيءَ مان بچي نڪرڻ جو رستو بہ ٺاهي ڏيندو.


تنهنڪري ايشور جا سڀ هٿيار ٻڌي تيار رهو، تہ جيئن انهن جي حملي وارن برن ڏينهن ۾ سندن مقابلو ڪري سگھو ۽ سڀ ڪجھہ ڪرڻ کان پوءِ بہ مضبوطيءَ سان قائم رهي سگھو.


جيڪڏهن اسين تڪليفون سهندا رهون، تہ هن سان گڏ راڄ بہ ڪنداسين. جيڪڏهن اسين هن کي قبول نہ ڪنداسين، تہ هو بہ اسان کي قبول نہ ڪندو.


اي منهنجا ڀائرو ۽ ڀينرون! ڇا اهو ٿي سگھي ٿو تہ انجير جو وڻ زيتون يا انگورن جي ول انجير جو ڦل جھلي؟ هرگز نہ. ساڳيءَ طرح کاري پاڻيءَ جو چشمو مٺو پاڻي نہ ٿو ڏئي سگھي.


اي پريميؤ! تڪليفن جي باهہ جيڪا اوهان جي آزمائش لاءِ اوهان تي اچي ڀڙڪي آهي، تنهن تي تعجب نہ ڪريو جو ڄڻ تہ ڪا انوکي ڳالهہ اوهان تي اچي پيئي آهي.


انهن مثالن مان اهو ظاهر ٿو ٿئي تہ پرميشور ڄاڻي ٿو تہ ڌرمچارين کي آزمائش کان ڪيئن بچائي ۽ بدڪارن کي عدالت جي ڏينهن تائين ڪهڙيءَ طرح سزا هيٺ رکي،


آءٌ يوحنا اوهان جو وشواسي ڀاءُ، يسوع جو هئڻ ڪري ستائجڻ ۾، ايشور جي راڄ ۾ ۽ ثابت قدميءَ ۾ اوهان سان شريڪ آهيان. آءٌ ايشور جي سنديش ٻڌائڻ ۽ يسوع بابت شاهدي ڏيڻ ڪري انهيءَ ٻيٽ ۾ ڇڏيو ويو هئس جيڪو پتمس ٿو سڏجي.


ڌرتيءَ تي رهڻ وارا انهن جي موت تي خوشيون ۽ جشن ڪندا رهيا ۽ هڪٻئي ڏانهن سوکڙيون موڪليندا رهيا، ڇاڪاڻ تہ ايشور جو سنديش ڏيندڙ انهن ٻنهي شاهدن ڌرتيءَ وارن کي ڏاڍي تڪليف ڏني هئي.


جيڪڏهن ڪو قيد ٿيڻو آهي تہ اهو قيد ۾ ويندو ۽ جيڪڏهن ڪو تلوار سان قتل ٿيڻو آهي تہ اهو تلوار سان قتل ڪيو ويندو. مطلب تہ مسيح ۾ چونڊي پوِتر ڪيل ثابت قدم ۽ وشواس ۾ مضبوط رهن.


اُن حيوان کي اهو اختيار ڏنو ويو تہ پهرئين حيوان جي روبرو ڌرتيءَ جي رهاڪن کي ڀَٽڪائڻ لاءِ چمتڪار ڏيکاري. انهن چمتڪارن جي ڪري هو ڀَٽڪي رهيا هئا. هُن کين چيو تہ انهيءَ حيوان جو بت بڻايو جنهن کي تلوار سان زخمي ڪري ماريو ويو، جيڪو پوءِ جيوت ٿي پيو هو.


ڌرتيءَ جا سڀيئي رهاڪو انهيءَ حيوان اڳيان سيس نوائيندا، سواءِ انهن جي جن جا نالا سنسار جي شروعات کان وٺي جيون شاستر ۾ لکيل آهن، جيڪو ڪُٺل گھيٽڙي جو آهي.


مطلب تہ مسيح ۾ چونڊي پوِتر ڪيل ثابت قدم رهن، جيڪي ايشور جي حڪمن تي ٿا هلن ۽ يسوع تي وشواس ٿا رکن.


تنهن کان پوءِ مون هڪڙو دوت مٿي اڏامندي ڏٺو، جنهن وٽ ڌرتيءَ جي رهاڪن يعني سڀني قومن، قبيلن، ٻولين وارن ۽ ذاتين کي ٻڌائڻ لاءِ هميشہ واري خوشخبري هئي.


اهي ڏيڏر ڀوتن جون آتمائون آهن، جيڪي پوري ڌرتيءَ جي راجائن وٽ وڃي چمتڪار ڏيکارين ٿيون، تہ جيئن سروِشڪتيوان ايشور جي مهان ڏينهن واري جنگ لاءِ کين گڏ ڪن.


انهيءَ سان ڌرتيءَ جي راجائن زناڪاري ڪئي ۽ ڌرتيءَ جا رهاڪو هن جي زناڪاريءَ جي مئي مان پي ڪري الوٽ ٿي پيا هئا.“


اهو حيوان جيڪو تو ڏٺو، سو اڳي هو ۽ هاڻي ڪونهي. پر اوڙاهہ مان نڪري اچڻ تي آهي ۽ پوءِ برباد ڪيو ويندو. ڌرتيءَ جا اهي رهاڪو جن جا نالا سنسار جي شروعات کان وٺي جيون شاستر ۾ لکيل نہ آهن، سي انهيءَ حيوان جو وري ظاهر ٿيڻ ڏسي عجب ۾ پئجي ويندا، ڇاڪاڻ تہ اهو حيوان اڳي هو ۽ هاڻي ڪونهي.


جيڪي تڪليفون اوهان کي سهڻيون پون تن کان نہ ڊڄجو. ياد رکو تہ شيطان آزمائڻ لاءِ اوهان مان ڪن کي قيد ۾ وجھرائيندو ۽ ڏهن ڏينهن تائين اوهان کي ستايو ويندو. اوهين مرڻ گھڙيءَ تائين وشواس تي قائم رهو تہ آءٌ اوهان کي جيون جو تاج پارائيندس.


”مون کي اوهان جي عملن جي ڄاڻ آهي ۽ ڄاڻان ٿو تہ اوهان ۾ طاقت ٿوري آهي. تنهن هوندي بہ اوهان منهنجي سنديش تي عمل ڪيو ۽ منهنجي نالي جو انڪار ڪين ڪيو. سو مون اوهان جي اڳيان هڪڙو دروازو کولي ڇڏيو آهي، جنهن کي ڪوبہ بند ڪري نہ ٿو سگھي.


انهن وڏي آواز سان رڙيون ڪندي تخت تي ويٺل هستيءَ کي چيو تہ ”اي پوِتر ۽ سچا مالڪ! تون ڪيستائين عدالت نہ ڪندين ۽ ڌرتيءَ تي رهڻ وارن کان اسان جي خون جو بدلو نہ وٺندين؟“


پوءِ مون هڪڙي عقاب کي مٿي اڏامندي ڏٺو، جنهن کي وڏي آواز سان اهو چوندي ٻڌم تہ ”ٽن دوتن جا توتارا وڄائڻ اڃا باقي آهن ۽ جڏهن اهي وڄايا ويندا تہ ڌرتيءَ تي رهڻ وارن تي ڪيڏي نہ مصيبت ايندي! هائو، مصيبت مٿان مصيبت.“


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan