Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




مڪاشفو 2:5 - Hindu Sindhi Bible

5 سو ياد ڪريو تہ اوهين ڪٿان ڪريا آهيو ۽ پوءِ توبهہ‌تائب ٿي اڳي وانگر عمل ڪريو. جيڪڏهن اوهان ائين نہ ڪيو تہ آءٌ اوهان وٽ ايندس ۽ اوهان جو شمعدان مقرر جاءِ تان کڻي ڇڏيندس.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

5 تنهنڪري ياد ڪر تہ تون ڪٿان ڪِريو آهين، ۽ توبهہ ڪري اڳئين جهڙا ڪم ڪر؛ نہ تہ آئون تو وٽ ايندس، ۽ جي تون توبهہ نہ ڪندين تہ آئون تنهنجو شمعدان سندس جاءِ تان هٽائي ڇڏيندس.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Muslim Sindhi Bible

5 سو ياد ڪريو تہ اوهين ڪٿان ڪريا آهيو ۽ پوءِ توبهہ‌تائب ٿي اڳي وانگر عمل ڪريو. جيڪڏهن اوهان ائين نہ ڪيو تہ آءٌ اوهان وٽ ايندس ۽ اوهان جو شمعدان مقرر جاءِ تان کڻي ڇڏيندس.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Common Language New Testament

5 تنھنڪري ياد ڪريو تہ اوھين ڪٿان ڪريا آھيو ۽ پوءِ توبھہ⁠تائب ٿي اڳي جھڙا ڪم ڪريو. جيڪڏھن اوھان توبھہ نہ ڪئي تہ آءٌ اوھان وٽ ايندس ۽ اوھان جو شمعدان مقرر جاءِ تان ھٽائي ڇڏيندس.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




مڪاشفو 2:5
34 Iomraidhean Croise  

جيئن ڪو ٽڪر تي اڏيل شهر نظر کان لڪي نہ ٿو سگھي، تيئن اوهين سڄي سنسار لاءِ روشنيءَ مثل آهيو.


ڪوبہ ماڻهو ڏيئو ٻاري ڍڪڻ هيٺان نہ ٿو رکي، پر هو ان کي ڏياٽيءَ تي ٿو رکي جتان گھر جي هر هڪ ڀاتيءَ کي روشني پهچي ٿي.


پوءِ يسوع انهن چڱن مڙسن کي چيو تہ ”هاڻي سوچو تہ انگورن جي باغ جو مالڪ ڇا ڪندو. هاڻ تہ هو پاڻ ايندو ۽ انهن سڀني کي ناس ڪري ڇڏيندو. پوءِ هو انگورن جو باغ ٻين باغائين جي حوالي ڪري ڇڏيندو.


هو پرڀوءَ جي اچڻ لاءِ سنديش ڏيندڙ سنت ايلياہ جهڙي آتما ۽ شڪتيءَ سان سيوا ڪندو، تہ جيئن هر ماتا پتا جي دل کي اولاد ڏانهن ڦيري، نافرمانن کي نيڪن جي سياڻپ واري رستي تي آڻي پرڀوءَ لاءِ هڪڙي لائق قوم تيار ڪري.“


هو پاڻ اچي انهن باغائين کي تباهہ ڪندو ۽ باغ ٻين جي حوالي ڪندو.“ جڏهن ماڻهن اهو ٻڌو تڏهن چوڻ لڳا تہ ”ايشور خير ڪري.“


اوهين جيڪي نيم جي وسيلي ايشور وٽ سچار طور قبول پوڻ جي ڪوشش ٿا ڪريو، سي مسيح کان جدا ۽ ايشور جي ڪرپا کان محروم ٿي ويا آهيو.


تہ جيئن اوهين بي‌ڏوهي ۽ معصوم ٿي ڪري ڏنگن ۽ ڀَٽڪيل ماڻهن جي هن سنسار ۾ ايشور جا بي‌عيب ٻار ثابت ٿيو. مطلب تہ انهن جي وچ ۾ اوهين ائين چمڪو جيئن آڪاش ۾ ستارا


انهن اڳوڻن ڏينهن کي ياد ڪريو، جڏهن سچائيءَ جي روشني حاصل ڪرڻ کان پوءِ اوهان ثابت قدميءَ سان سخت تڪليفن کي منهن ڏنو.


تنهنڪري اي پريميؤ! جيئن تہ اوهان کي انهن ڳالهين جي اڳي ئي ڄاڻ آهي، سو خبردار رهو. ائين نہ ٿئي جو اوهين بي‌ڌرم ماڻهن جي ڀَٽڪي وڃڻ ڏانهن ڇڪجي پنهنجي ثابت قدميءَ کي ڇڏي ڏيو.


ايشور، جيڪو اوهان کي ٿاٻي کائڻ کان بچائي سگھي ٿو، جيڪو پنهنجي شان وَ شوڪت واري شرڻ ۾ بي‌عيب ۽ خوشيءَ سان ڀرپور ڪري بيهاري سگھي ٿو


اهي ست تارا جيڪي تون منهنجي ساڄي هٿ ۾ ڏسين ٿو، تن جو ۽ ستن سونن شمعدانن جو ڀيد هي آهي تہ ست تارا ستن منڊلين جا دوت آهن ۽ ست شمعدان ست منڊليون آهن.“


سخت تپش جي ڪري ماڻهو ڏاڍا سڙي پيا. تنهن هوندي بہ انهن توبهہ نہ ڪئي جو ايشور، جيڪو انهن آفتن تي اختيار رکي ٿو، تنهن ڏانهن ڦري سندس مهانتا ڪن. اٽلندو هو سندس نندا ڪرڻ لڳا.


سو توبهہ‌تائب ٿيو، نہ تہ آءٌ جلد اوهان وٽ ايندس ۽ پنهنجي وات جي تلوار سان انهن سان وڙهندس.


”مون کي اوهان جي عملن، يعني اوهان جي پيار ۽ وشواس، سيوا ۽ ثابت قدميءَ جي ڄاڻ آهي. آءٌ اهو بہ ڄاڻان ٿو تہ جيڪي عمل اوهين هاڻي ڪري رهيا آهيو، سي اوهان جي پهرين عملن کان وڌيڪ آهن.


”مون کي اوهان جي عملن، يعني اوهان جي سخت محنت ۽ ثابت قدميءَ جي ڄاڻ آهي ۽ اهو بہ ڄاڻان ٿو تہ اوهين بڇڙائي ڪندڙن کي برداشت ڪري نہ ٿا سگھو. جيڪي پاڻ کي خوشخبري ٻڌائيندڙ سنت ٿا سڏائين پر آهن ڪين، تن کي اوهان آزمائي ڏٺو تہ اهي ڪوڙا نڪتا.


آءٌ جن سان پيار ڪندو آهيان تن کي ڇينڀ ۽ سيکت بہ ڏيندو آهيان، تنهنڪري سرگرم ٿيو ۽ توبهہ‌تائب ٿيو.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan