Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




مڪاشفو 19:2 - Hindu Sindhi Bible

2 بيشڪ هن جا فيصلا سچا ۽ صحيح آهن، ڇاڪاڻ تہ هن انهيءَ مشهور وئشيا جي عدالت ڪئي، جنهن پنهنجي زناڪاريءَ سان سنسار کي خراب ڪري ڇڏيو هو. ايشور هن کان پنهنجي داسن جي خون جو بدلو ورتو.“

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

2 ڇالاءِ جو هن جا فيصلا سچا ۽ درست آهن! ۽ جنهن وڏيءَ ڪسبياڻيءَ پنهنجي زناڪاريءَ سان زمين کي خراب ڪري ڇڏيو، تنهن جو هن انصاف ڪيو، ۽ کانئس پنهنجن بندن جي خون جو بدلو ورتو اٿس.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Muslim Sindhi Bible

2 بيشڪ هن جا فيصلا سچا ۽ صحيح آهن، ڇاڪاڻ تہ هن انهيءَ مشهور ڪسبياڻيءَ جي عدالت ڪئي، جنهن پنهنجي زناڪاريءَ سان دنيا کي خراب ڪري ڇڏيو هو. خدا هن کان پنهنجي ٻانَهن جي خون جو بدلو ورتو.“

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Common Language New Testament

2 ڇالاءِ⁠جو ھن جا فيصلا سچا ۽ صحيح آھن. ھُن انھيءَ مشھور ڪسبياڻيءَ جو انصاف ڪيو، جنھن پنھنجي زناڪاريءَ سان دنيا کي خراب ڪري ڇڏيو ھو. خدا ھن کان پنھنجي ٻانَھن جي خون جو بدلو ورتو.“

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




مڪاشفو 19:2
16 Iomraidhean Croise  

اهي ايشور جي داس موسيٰ جو راڳ ڳائين پيا ۽ گھيٽڙي جو راڳ ڳائيندي چون پيا تہ ”اي پرڀو، سروِشڪتيوان ايشور! تنهنجا ڪم ڪيڏا نہ وڏا ۽ عجيب آهن! هائو، اي قومن جا راجا! تنهنجا ڪم ڪيڏا نہ انصاف وارا ۽ سچا آهن!


مون هي بہ ٻڌو تہ ”اي آڪاش! انهيءَ شهر تي خوشيون ڪر، اي مسيح ۾ چونڊي پوِتر ڪيلؤ! اي يسوع بابت خوشخبري ۽ ايشور جو سنديش ٻڌائيندڙؤ! اوهين انهيءَ شهر تي خوشيون ڪريو، ڇاڪاڻ تہ ايشور عدالت ڪري هن کان اوهان جو بدلو وٺي ٿو.“


انهيءَ جو سبب هي آهي تہ هن جي زناڪاريءَ جي مئي سڀني قومن پيتي آهي، جنهن جي ڪري ايشور جو ڏمر پرگھٽ ٿي رهيو آهي. هائو، ڌرتيءَ جي راجائن انهيءَ سان زناڪاري ڪئي آهي ۽ سنسار جا سوداگر انهيءَ جي عيش عشرت جي گھڻائيءَ جي ڪري دولتمند ٿي پيا آهن.“


انهن وڏي آواز سان رڙيون ڪندي تخت تي ويٺل هستيءَ کي چيو تہ ”اي پوِتر ۽ سچا مالڪ! تون ڪيستائين عدالت نہ ڪندين ۽ ڌرتيءَ تي رهڻ وارن کان اسان جي خون جو بدلو نہ وٺندين؟“


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan