Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




مڪاشفو 18:3 - Hindu Sindhi Bible

3 انهيءَ جو سبب هي آهي تہ هن جي زناڪاريءَ جي مئي سڀني قومن پيتي آهي، جنهن جي ڪري ايشور جو ڏمر پرگھٽ ٿي رهيو آهي. هائو، ڌرتيءَ جي راجائن انهيءَ سان زناڪاري ڪئي آهي ۽ سنسار جا سوداگر انهيءَ جي عيش عشرت جي گھڻائيءَ جي ڪري دولتمند ٿي پيا آهن.“

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

3 ڇالاءِ جو هن جي ناپاڪائيءَ جي شراب جي ڪري سڀ قومون مست ٿي پيون آهن؛ ۽ زمين جي بادشاهن انهي سان زناڪاري ڪئي، ۽ دنيا جا سوداگر انهي جي عيش عشرت جي گهڻائيءَ ڪري دولتمند ٿي پيا.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Muslim Sindhi Bible

3 انهيءَ جو سبب هي آهي تہ هن جي زناڪاريءَ جي مئي سڀني قومن پيتي آهي، جنهن جي ڪري خدا جو غضب نازل ٿي رهيو آهي. هائو، ڌرتيءَ جي بادشاهن انهيءَ سان زناڪاري ڪئي آهي ۽ دنيا جا سوداگر انهيءَ جي عيش عشرت جي گھڻائيءَ جي ڪري دولتمند ٿي پيا آهن.“

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Common Language New Testament

3 ڇالاءِ⁠جو ھن جي زناڪاريءَ جي مئي پيئڻ ڪري سڀيئي قومون الوٽ ٿي پيون آھن، ۽ دنيا جي بادشاھن انھيءَ سان زناڪاري ڪئي آھي. دنيا جا سوداگر انھيءَ جي عيش عشرت جي گھڻائيءَ جي ڪري دولتمند ٿي پيا.“

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




مڪاشفو 18:3
17 Iomraidhean Croise  

پر آخر ٻاهر ڇا ڏسڻ ويا هئا؟ ڀلا سٺا ڪپڙا پاتل ماڻهوءَ کي؟ ڏسو، جيڪي سٺا ڪپڙا پائين ٿا ۽ عيش ۽ مزي ۾ گذارين ٿا سي راجائي محلن ۾ هوندا آهن.


پر جوان وڌوائن کي انهيءَ ياداشت نامي ۾ داخل نہ ڪيو وڃي، ڇاڪاڻ تہ جڏهن انهن مان ڪي پنهنجي شرير جي خواهشن جي وس هيٺ ٿي ڪري شادي ڪرڻ گھرن ٿيون، تڏهن ياداشت نامي ۾ داخلا وقت مسيح سان ڪيل وچن ٽوڙي پاپي قرار ڏنو وڃڻ جو سبب ٿيون بڻجن.


هن جي پٺيان هڪڙو ٻيو دوت آيو ۽ چيائين تہ ”ڪِري پيو، اهو وڏو شهر بابل ڪِري پيو، جنهن سڀني قومن کي پنهنجي زناڪاريءَ جي مئي پيئاري، جنهن جي ڪري انهيءَ شهر تي ايشور جو ڏمر پرگھٽ ٿي رهيو آهي.“


انهيءَ سان ڌرتيءَ جي راجائن زناڪاري ڪئي ۽ ڌرتيءَ جا رهاڪو هن جي زناڪاريءَ جي مئي مان پي ڪري الوٽ ٿي پيا هئا.“


اهي پنهنجي مٿي ۾ خاڪ وجھي روئندي پٽيندي رڙيون ڪندي چوندا تہ ”افسوس، صد افسوس! اهو وڏو شهر جنهن جي دولت جي ڪري سمنڊ جا سڀيئي جهازن وارا دولتمند ٿي پيا، سو هڪڙي ئي ڪلاڪ ۾ برباد ٿي ويو.“


ڏيئي جو سوجھرو بہ وري تو ۾ ڪڏهن ڪونہ ٿيندو ۽ نہ وري ڪڏهن تو ۾ ڪنهن شاديءَ جو آواز ٻڌڻ ۾ ايندو. انهيءَ ڪري جو تنهنجا سوداگر ڌرتيءَ جا مالڪ بڻجي ويٺا آهن ۽ سڀ قومون تنهنجي جادوگريءَ سان ڀَٽڪي ويون آهن.


جيتري قدر انهيءَ پاڻ کي شاندار ڪيو ۽ عيش عشرت ڪيائين، اوتري قدر اوهين کيس ايذاءَ ڏيو ۽ سوڳ ۾ وجھو، ڇاڪاڻ تہ بابل جي وسندي پنهنجي دل ۾ چوي ٿي تہ ’آءٌ راڻيءَ جي حيثيت ۾ تخت تي ويٺي آهيان. آءٌ وڌوا نہ آهيان، ۽ ڪڏهن بہ سوڳ نہ ڪنديس.‘


ڌرتيءَ جي جن راجائن ساڻس زناڪاري پئي ڪئي ۽ عيش عشرت ڪندا ٿي رهيا، سي جڏهن هن جي سڙڻ جو دونهون ڏسندا تہ هن لاءِ روئندا ۽ پٽيندا.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan