Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




مڪاشفو 16:4 - Hindu Sindhi Bible

4 جڏهن ٽئين دوت پنهنجو پيالو دريائن ۽ پاڻيءَ جي چشمن تي هاريو تہ انهن جو پاڻي بہ رت ٿي پيو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

4 ۽ ٽئين پنهنجو پيالو ندين ۽ پاڻيءَ جي چشمن تي اوتيو؛ ۽ اُنهن جو پاڻي رت ٿي پيو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Muslim Sindhi Bible

4 جڏهن ٽئين ملائڪ پنهنجو پيالو دريائن ۽ پاڻيءَ جي چشمن تي هاريو تہ انهن جو پاڻي بہ رت ٿي پيو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Common Language New Testament

4 جڏھن ٽئين ملائڪ پنھنجو پيالو دريائن ۽ پاڻيءَ جي چشمن جي مٿان ھاريو تہ انھن جو پاڻي رت ٿي پيو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




مڪاشفو 16:4
10 Iomraidhean Croise  

انهن شاهدن کي اختيار آهي تہ آڪاش بند ڪري ڇڏين، تہ جيئن جيستائين هو سنديش ٻڌائيندا رهن، تيستائين مينهن نہ وسي. هنن کي اهو بہ اختيار آهي تہ پاڻيءَ کي بدلائي رت بڻائي ڇڏين ۽ زمين تي هر طرح جون آفتون آڻين. ائين هو جيترا دفعا چاهين ڪري سگھن ٿا.


هُن وڏي آواز سان چيو تہ ”ايشور جو خوف رکندي سندس مهانتا ڪريو، ڇاڪاڻ تہ سندس عدالت جو وقت اچي پهتو آهي. انهيءَ جي ڀڳتي ڪريو، جنهن آڪاش، ڌرتي، سمنڊ ۽ پاڻيءَ جا چشما پيدا ڪيا آهن.“


ان وقت مون پاڻيءَ تي مقرر ڪيل دوت کي هي چوندي ٻڌو تہ ”اي پوِتر هستي! تون جيڪو آهين ۽ جيڪو هئين، تون انصاف وارو آهين ۽ تو ئي اهڙو انصاف ڪيو،


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan