Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




مڪاشفو 16:2 - Hindu Sindhi Bible

2 پهرئين دوت وڃي پنهنجو پيالو ڌرتيءَ تي هاريو تہ جن ماڻهن تي انهيءَ حيوان جو نشان هو ۽ جيڪي سندس بت اڳيان سيس نوائيندا هئا، تن کي گندا ۽ ناسوري ڦٽ ٿي پيا.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

2 ۽ پهرئين وڃي پنهنجو پيالو زمين تي اوتيو؛ ۽ جن تي اُنهي حيوان جي ڇاپ هئي، ۽ جي سندس بُت جي پرستش ڪندا هئا، تن کي گندا ناسوري ڦٽ ٿي پيا.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Muslim Sindhi Bible

2 پهرئين ملائڪ وڃي پنهنجو پيالو ڌرتيءَ تي هاريو تہ جن ماڻهن تي انهيءَ حيوان جو نشان هو ۽ جيڪي سندس بت کي سجدو ڪندا هئا، تن کي گندا ۽ ناسوري ڦٽ ٿي پيا.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Common Language New Testament

2 پھرين ملائڪ وڃي پنھنجو پيالو زمين جي مٿان ھاريو تہ جن ماڻھن تي انھيءَ حيوان جو نشان ھو ۽ جيڪي سندس بت جي پوڄا ڪندا ھئا، تن کي گندا ۽ ناسوري ڦٽ ٿي پيا.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




مڪاشفو 16:2
22 Iomraidhean Croise  

انهيءَ دم پرميشور جي هڪڙي دوت هيروديس تي ڏمر پرگھٽ ڪيو، ڇاڪاڻ تہ پرميشور جي مهانتا ۾ شريڪ ڪيو وڃڻ تي هو خوش ٿي رهيو هو. پوءِ تہ هن جي شرير ۾ جيت پئجي ويا ۽ هو مري ويو.


انهيءَ حيوان پهرئين حيوان جي روبرو سندس سڄو اختيار ٿي هلايو. هن ڌرتيءَ ۽ ان جي رهاڪن کان انهيءَ پهرئين حيوان اڳيان سيس ٿي نورايو، جنهن جو موتمار زخم ڇٽي ويو هو.


تنهن تي ڪڪر تي ويٺل انهيءَ شخص پنهنجو ڏاٽو ڌرتيءَ تي ڦيرايو تہ فصل لڻجي ويو.


انهن ٻنهي دوتن جي پٺيان هڪڙو ٽيون دوت آيو ۽ وڏي آواز سان چوڻ لڳو تہ ”جيڪي ماڻهو انهيءَ حيوان ۽ سندس بت اڳيان سيس نوائين ٿا ۽ پنهنجي پيشانيءَ يا هٿ تي سندس نشان هڻائين ٿا،


پوءِ مون هيڪل مان هڪڙو وڏو آواز ٻڌو، جيڪو انهن ستن دوتن کي چئي رهيو هو تہ ”وڃو ۽ ايشور جي ڏمر جا ست ئي پيالا ڌرتيءَ تي هاري ڇڏيو.“


۽ پنهنجي سورن ۽ ڦٽن جي ڪري آڪاش جي ايشور جي خلاف نندا ڪندا رهيا. پر پنهنجي ڪمن کان توبهہ نہ ڪيائون.


پهرئين دوت توتارو وڄايو تہ رت سان گڏيل ڳڙا ۽ باهہ پيدا ٿي، جن کي پوري ڌرتيءَ تي اڇلايو ويو تہ سڄي ڌرتيءَ جو ٽيون حصو وڻن توڙي سائي گاهہ سميت سڙي ويو.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan