Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




مڪاشفو 15:4 - Hindu Sindhi Bible

4 اي پرڀو! تو کان ڪير نہ ڊڄندو؟ تنهنجي نالي جي مهانتا ڪير نہ ڪندو؟ ڇاڪاڻ تہ رڳو تون ئي پوِتر آهين. سڀيئي قومون اچي تنهنجي اڳيان سيس نوائينديون، ڇاڪاڻ تہ تنهنجي انصاف جا ڪم ظاهر ٿيا آهن.“

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

4 اي خداوند، ڪير توکان نہ ڊڄندو ۽ تنهنجي نالي جي وڏائي نہ ڳائيندو؟ ڇالاءِ جو تون ئي اڪيلو پاڪ آهين؛ ۽ سڀيئي قومون تنهنجي اڳيان سجدو ڪنديون، جو تنهنجي انصاف جا ڪم پڌرا ٿيا آهن.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Muslim Sindhi Bible

4 اي خداوند! تو کان ڪير نہ ڊڄندو؟ تنهنجي نالي جي تعظيم ڪير نہ ڪندو؟ ڇاڪاڻ تہ رڳو تون ئي پاڪ آهين. سڀيئي قومون اچي تنهنجي اڳيان سجدو ڪنديون، ڇاڪاڻ تہ تنهنجي انصاف جا ڪم ظاهر ٿيا آهن.“

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Common Language New Testament

4 اي خداوند! تو کان ڪير نہ ڊڄندو؟ تنھنجي نالي جي واکاڻ ڪير نہ ڪندو؟ ڇالاءِ⁠جو رڳو تون ئي پاڪ آھين. سڀيئي قومون اچي تنھنجي اڳيان سجدو ڪنديون، ڇالاءِ⁠جو تنھنجي انصاف جا ڪم ظاھر ٿيا آھن.“

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




مڪاشفو 15:4
44 Iomraidhean Croise  

۽ هن ڪري بہ تہ غير قومون پڻ ايشور جي ديا جي ڪري ايشور جي مهما ڪن. زبور جي ليکڪ جو اهو ئي مطلب هو جڏهن هن لکيو هو تہ ”آءٌ غير قومن ۾ تنهنجي مهما ڪندس. هائو، آءٌ تنهنجي نالي جا ڀڄن ڳائيندس.“


هن ڪري جو پوِتر شاستر ۾ ايشور فرمايو آهي تہ ”اوهين پوِتر ٿيو، ڇاڪاڻ تہ آءٌ پوِتر آهيان.“


جڏهن ستين دوت توتارو وڄايو تہ آڪاش ۾ وڏا آواز ٻڌڻ ۾ آيا جن چيو ٿي تہ ”سنسار جو راڄ اسان جي پرڀو پرميشور ۽ سندس مسيح جو ٿي ويو آهي. پرڀو پرميشور هميشہ هميشہ تائين راڄ ڪندو رهندو.“


هُن وڏي آواز سان چيو تہ ”ايشور جو خوف رکندي سندس مهانتا ڪريو، ڇاڪاڻ تہ سندس عدالت جو وقت اچي پهتو آهي. انهيءَ جي ڀڳتي ڪريو، جنهن آڪاش، ڌرتي، سمنڊ ۽ پاڻيءَ جا چشما پيدا ڪيا آهن.“


ان وقت مون پاڻيءَ تي مقرر ڪيل دوت کي هي چوندي ٻڌو تہ ”اي پوِتر هستي! تون جيڪو آهين ۽ جيڪو هئين، تون انصاف وارو آهين ۽ تو ئي اهڙو انصاف ڪيو،


ايتري ۾ مون ٻليدان واري جاءِ مان هي آواز ٻڌو تہ ”هائو، اي پرڀو، سروِشڪتيوان ايشور! بيشڪ تنهنجا فيصلا سچا ۽ انصاف وارا آهن.“


بيشڪ هن جا فيصلا سچا ۽ صحيح آهن، ڇاڪاڻ تہ هن انهيءَ مشهور وئشيا جي عدالت ڪئي، جنهن پنهنجي زناڪاريءَ سان سنسار کي خراب ڪري ڇڏيو هو. ايشور هن کان پنهنجي داسن جي خون جو بدلو ورتو.“


هن کي سنهي وٽيل سڻيءَ جا صاف سٿرا ۽ چمڪندڙ ڪپڙا پائڻ جو اختيار ڏنو ويو آهي. انهن عمدن ڪپڙن مان مراد مسيح ۾ چونڊي پوِتر ڪيلن جي سچائيءَ وارا ڪم آهن.“


هن مون کي فلدلفيا واري وشواسي منڊليءَ جي دوت ڏانهن اهو لکڻ لاءِ چيو تہ جيڪو پوِتر ۽ سچو آهي، جنهن وٽ دائود جي راڄ جي چاٻي آهي، جنهن جي کوليل کي ڪوبہ بند نہ ٿو ڪري سگھي ۽ جنهن جي بند ڪيل کي ڪوبہ کولي نہ ٿو سگھي، سو تنهنجي منڊليءَ وارن کي فرمائي ٿو تہ


انهن چئني ساهوارن مان هر هڪ کي ڇهہ پر هئا ۽ چوڌاري ٻاهرين توڙي اندرين پاسي اکين سان ڀريا پيا هئا. اهي رات ڏينهن سدائين اهو چون پيا تہ ”پوِتر، پوِتر، پوِتر، پرڀو پرميشور سروِشڪتيوان، جيڪو هو، جيڪو آهي ۽ جيڪو اچي عدالت ڪندو.“


انهن وڏي آواز سان رڙيون ڪندي تخت تي ويٺل هستيءَ کي چيو تہ ”اي پوِتر ۽ سچا مالڪ! تون ڪيستائين عدالت نہ ڪندين ۽ ڌرتيءَ تي رهڻ وارن کان اسان جي خون جو بدلو نہ وٺندين؟“


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan