Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




مڪاشفو 13:5 - Hindu Sindhi Bible

5 انهيءَ حيوان کي ايشور نندا جون وڏيون وڏيون ڳالهيون ڪرڻ ڏنيون ويون. هن کي ٻائيتاليهن مهينن تائين پنهنجو ڪم جاري رکڻ جو اختيار ڏنو ويو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

5 ۽ حيوان کي هڪڙو وات ڏنو ويو، جنهن سان هن وڏيون ڳالهيون پئي ڪيون ۽ ڪفر پئي بڪيو؛ ۽ ٻائيتاليهن مهينن تائين کيس پنهنجو ڪم ڪرڻ لاءِ اختياري ڏني ويئي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Muslim Sindhi Bible

5 انهيءَ حيوان کي ڪفر بڪڻ جون وڏيون وڏيون ڳالهيون ڪرڻ ڏنيون ويون. هن کي ٻائيتاليهن مهينن تائين پنهنجو ڪم جاري رکڻ جو اختيار ڏنو ويو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Common Language New Testament

5 انھيءَ حيوان کي ھڪڙو وات ڏنو ويو، جنھن سان ھن وڏيون ڳالھيون پئي ڪيون ۽ ڪفر بڪي رھيو ھو. ھن کي اھو اختيار ڏنو ويو تہ ٻائيتاليھن مھينن تائين پنھنجو ڪم جاري رکي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




مڪاشفو 13:5
17 Iomraidhean Croise  

مطلب تہ ڪنهن بہ طرح ڪنهن ماڻهوءَ جي دوکي ۾ نہ اچجو. آءٌ اوهان کي ٻڌايان ٿو تہ اهو ڏينهن تيستائين نہ ايندو، جيستائين ايشور جي خلاف وڏي بغاوت نہ ٿئي ۽ اهو وڳوڙي جنهن جي پڇاڙي بربادي آهي ظاهر نہ ڪيو وڃي.


هو پاڻ کي انهن سڀني کان مٿاهون ڄاڻيندو ۽ انهن جي مخالفت ڪندو، جيڪي ڀڳوان يا ديوتا ٿا سڏجن، ايتري قدر جو هو ايشور جي پوِتر گھر ۾ ويهي اها دعويٰ ڪندو تہ ”ايشور آءٌ آهيان.“


تنهن کان پوءِ اهو وڳوڙي ظاهر ٿيندو، جنهن کي پرڀو يسوع پنهنجي وات جي ڦوڪ سان ماري وجھندو، بلڪ پنهنجي اچڻ جي تجلي سان ئي کيس چٽ ڪري ڇڏيندو.


پوءِ مون ڏٺو تہ جڏهن انهن پنهنجي اها شاهدي پوري ڪئي، تڏهن اوڙاهہ مان نڪرڻ وارو حيوان ساڻن وڙهيو ۽ مٿن حاوي پئي کين ماري وڌائين.


پر ناريءَ کي وڏي عقاب جي پرن جهڙا ٻہ پر ڏنا ويا، تہ جيئن هوءَ اڏامي بيابان ۾ انهيءَ جاءِ تي پهچي وڃي، جيڪا هن لاءِ تيار ڪئي ويئي هئي. اتي انهن ساڍن ٽن سالن تائين انهيءَ ازدها کان محفوظ رکندي سندس سار سنڀال ٿيڻي هئي.


جڏهن تہ ناري پاڻ بچائي بيابان ڏانهن هلي ويئي، جتي ايشور هن جي لاءِ هڪ جاءِ تيار ڪري ڇڏي هئي، تہ جيئن اُتي هڪ هزار ٻہ سؤ سٺ ڏينهن تائين سندس سار سنڀال ٿي سگھي.


انهيءَ کي اهو اختيار ڏنو ويو تہ مسيح ۾ چونڊي پوِتر ڪيلن سان جنگ ڪري کين شڪست ڏئي. هن کي سڀني قومن، قبيلن، ٻولين وارن ۽ ذاتين تي حڪمرانيءَ جو اختيار ڏنو ويو.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan